ڌامراھہ1

ڌامراھہ1: تاريخي شھر ڌامراھہ ضلعي لاڙڪاڻي کان اتر طرف 11 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي رتيديري - شڪارپور روڊ تي آباد آهي. پهرين ڌامراھہ شھر روڊ جي اولھہ طرف واقع هو، جتي هن وقت قبرستان ۽ ڦٽل شھر جا آثار دڙن جي صورت ۾ موجود آهن. هن شھر جي آبادي تقريباً ٻارهن کان پندرهن هزارن تائين آهي. شھر جي ٻنهي پاسن کان ٻہ وڏيون کڏون آهن، جن ۾ شھر جو گندو پاڻي نيڪال ٿيندو آهي. شھر جي اوڀر طرف لاڙڪاڻي- شڪارپور روڊ تي هڪ پوليس اسٽيشن ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول آهن. ان کانسواءِ هن شھر ۾ حضرت يار شاھہ بخاري ۽ پير علي مردان شاھہ جا مقبرا بہ آهن.
شھر جي اوڀر طرف هڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي پراڻو يادگار تاريخي ٺلھہ آهي، اهو قديم ٺلھہ ڌامراھہ دڙي جي نالي سان مشهور، ٻوڌي دؤر جو چيو وڃي ٿو (ڏسو: ٺلھہ ڌامراها، جلد ٻيو). انهيءَ ٺلھہ جي هيٺان سنڌو تھذيب جو شھر دفن ٿيل آهي. ڌامراھہ شھر جي ٻاهران هڪ مسجد جا نشان ڪجهہ سال اڳ تائين موجود هئا، جنهن لاءِ روايت آهي تہ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي جوڙايل هئي، جيڪو هن شھر ۾ آيو هو.
هن شھر ۾ ڪيترا عالم، اديب ۽ سياستدان ٿي گذريا آهن، جن ۾ رئيس ميان محمد حسن کهڙو، خليفو فتح محمد ڪنڀر، خليفو حاجي محمد ابراهيم سيد، محمد بچل شاھہ، ميان نبي بخش کهڙو، مولوي عبدالرحمان ڌامراهو، ڪامريڊ عبدالقادر کوکر، عاجز ڌامراهو، رئيس جان محمد جوڻيجو، خورشيد جوڻيجو، جعفر پنهور، بدر ڌامراهو، مهراڻ ڌامراهو، علي نواز ’ناز‘ ڌامراهو وغيرہ شامل آهن.
ڌامراھہ جي ماڻهن جي جياپي جو دارومدار زراعت تي آهي، ٺٽي ضلعي کان پوءِ ٽماٽن جي وڏي ۾ وڏي پوک هن شھر ۾ ٿئي ٿي. ان کانسواءِ هتي ڪڻڪ، ساريون، چڻا، مٽر، سرنهن وغيرہ پڻ پوکي وڃي ٿي. ڌامراھہ شـهـر جـي آبـاديءَ جـي 20 سيڪڙو ماڻهن کي پـنـهـنجـون زمـيـنـون آهن. 30 سيڪڙو ماڻهو سرڪاري نوڪرين ۾ 50 سيڪڙو نوجوان بيروزگاريءَ جو شڪار آهن. ڌامراھہ شھر جا اڪثر ماڻهو عورت توڙي مرد لکيل پڙهيل آهن. شھر ۾ ٻارن جي لاءِ اسڪول جي عمارت هاڻي زبون حالت ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو