
ڌرتـي ڳائي ٿي
ڌرتـي ڳائي ٿي (ڪتاب): هي ڪتاب نوجوان محقق ۽ اديب ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ ٿر جا ڪيترا مروج توڙي معدوم ٿيندڙ لوڪ گيت، راسوڙا ۽ دوها، معنيٰ ۽ مفهوم سميت ڏنل آهن. ڪتاب جو ‘پـبلـشر نوٽ’ نـاميـاري نـقـاد، اديـب ۽ سيڪريٽري ثقافت، غلام اڪبر لغاريءَ لکيو آهي، جڏهن تہ ڪتاب جي منڍ ۾ نامياري اديب تاج جويي جو ‘ٿري لوڪ گيت ۽ ڀارو مل امراڻي’ ۽ نامياري شاعر ساگر خاصخيليءَ جو ‘ڀارو شاعر کان لوڪ ادب جي سهيڙيندڙ تائين’ نوٽ شامل ڪيا ويا آهن.
هي ڪتاب ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران 2018ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. پڪي جلد ۽ ڊسٽ ڪوَر سان سينگاريل ڊيمي سائيز جي 211 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 250 روپيا آهي.