ڪائنات جي جڙڻ وارو عظيم زورائتو ڌماڪو
سنساري دز وارا ڪڪر (cosmos)
نظام شمسي
ڌرتيءَ جي ڪرڻائي توانائيءَ جو سادو وچور
وايو منڊل ۾ سائوڻي مانڊاڻ جوجُڙڻ
ڌرتي تي مندن جو ڦير
ڌرتي جو گولو(اڌوڪ،ويڪرائي ڦاڪ ۽ ڊگهائي ڦاڪ
ڌرتي
ڌرتي
ڌرتي
ڌرتي
ڌرتي
ڌرتي
ڌرتي (Earth): هن ڪائنات ۽ ڌرتيءَ جي جنم بابت مختلف مذهبن ۽ دنيا جي لوڪ ڪٿائي ادب ۾ ڪيترا نظريا ۽ ڳالهيون موجود آهن، جڏهن ته ڪائناتي جوڙجڪ بابت 13 ارب 75 ڪروڙ سال (13.75 billion years) اڳ ٿيل هڪ وڏي ’زورائتي ڌماڪي وارو نظريو‘ (Big Bang Theory) سڀ کان وڌيڪ مقبول نظريو آهي. هي نظريو جارج لي مائٽر (George Le Maitre) سال 1927ع ۾ پيش ڪيو، اهو نظريو هڪ ’مفروضو/ ڀانيو‘ (Hypothesis) آهي. انهيءَ نظريي تحت ڪيترن سائنسدانن جو وڌيڪ تحقيق وارو ڪم اڄ ڏينهن تائين جاري آهي.
جڳ مشهور سائنسدان البرٽ آئينسٽائين (Albert Einstein) جو لاڳاپي وارو نظريو (Theory of Relativity) به انهيءَ نظريي تي آڌاريل آهي.
هي نظريو اهڙو ئي آهي، جيئن لطيف سائينءَ فرمايو آهي:
’وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُل‘
ڌرتيءَ جي جڙڻ جو هڪ نظريو گيسن جو نيبولائي وارو نظريو به آهي. ان نيبولائي نظريي (Nebulae Theory) جو باني ايمانيوئل سويڊنبرگ (Emmanuel Swedenborg) آهي، جنهن هي نظريو پهرين 1734ع ۾ پيش ڪيو ۽ 1755ع ۾ وڌيڪ دليلن سان واضح ڪندي لکيو ته گيس جا بادل- نيبولائي (Gaseous cloud- Nebulae) ڦرڻي وانگر حرڪت ڪندي ڪندي، هوريان هوريان ڳتجي، ڇڪ يا ڪشش (gravity) سبب چپترا (flatten) ٿيا ۽ آخر ۾ هنن مان گرهه (planet) وجود ۾ آيا.
اهڙي ساڳي ڳالهه پيئر- سائمن ليپليس (Piear Simon Laplace) به 1996ع ۾ پيش ڪئي. هن دليل ڏنا ته هڪ آڳاٽي شمسي بادل (Portosolar Cloud) جي ميلاپ سان هڪ آڳاٽو شمسي نيبولا (Prrtosolar Nebulae) وجود ۾ آيو. جيئن جيئن نيبولا ڳتجندو ويو، اهو چپترو ٿي هڪ ڇلي وانگر بڻجي ويو، پر هن جو اهو ڌرتيءَ جي جڙڻ وارو نيبولائي نظريو ڪجهه نقصن سبب ڪارگر نه سمجهيو ويو. هن ۾ گرهن (planets) جي حرڪت (movement) جيڪا 99 سيڪڙو زاويائي حرڪت (Angular Movement) آهي، ان جي وضاحت ڏنل نه آهي، ان ڪري ويهين صديءَ ۾ اهو نظريو پنهنجي افاديت وڃائي ويٺو.
ڌرتيءَ جي جڙڻ وارو نظريو (Theory of Earth Origin): وڏي ڌماڪي واري نظريي (Big Bang Theory) موجب 5 ارب 75 ڪروڙ سال اڳ هن ڪائنات (Universe) ۾ هڪ ڳتيل ۽ ڄميل مادي وجود ورتو، جيڪو پنهنجي اندرين تپش (Inner Temperature) سبب ڦاٽي ڪيترن ئي ننڍن ننڍن حصن ۽ دز جي ذرڙن ۾ پکڙيو. اهي ذرڙا اربين سال اڳ تائين انهيءَ صورت ۾ ڪائنات ۾ موجود رهيا ۽ پوءِ انهن ۾ ڇڪ ۽ ڪشش پيدا ٿي ۽ اصل مادي وجود جي چوڦير کيرڌارائن/ ڪهڪشائن (Galaxies) جي صورت ۾ ڦرڻ لڳا. هن بگ بئنگ نظريي موجب وڏي ڌماڪي جي ڪري جيڪي سنساري دز وارا بادل (Cosmic)ٺهيا، تن ۾ ’آدي ذرڙن‘ (Protons) ۽ ’بنا بار ذرڙن‘ (Neutron) جي ميلاپ سان اربين، کربين، نيلين ۽ پدمين انگن ۾ ’ننڍڙا مرڪز‘ (Nuclei) پيدا ٿيا، جن مان ڪيترائي عنصر (Elements) جُڙيا. پهريون عنصر هائيڊروجن (Hydrogen) پيدا ٿيو ۽ ان سان گڏوگڏ تمام معمولي انداز ۾ هيليم (Helium) ۽ ليٿيئم (Lithium) جا اهڃاڻ به مليا آهن. اُن ريت شروعاتي آدي جڳادي اڻو (Primemodial Atom) وجود ۾ آيو. سنساري دز (Cosmic) ۽ گئس پاڻ ۾ رِلي ملي پولار ۾ ٿڌا ٿيا ۽ مٽيءَ جي ذرڙن وارا ڪڪر بڻجي وڌيڪ ننڍن ۽ ڳتيل ڀاڱن ۽ حصن ۾ ورهائجڻ لڳا. منجهن ڪشش/ ڇِڪ سبب مادو ٿلهو ٿيو ۽ مٽيءَ جي ذرڙن وارا ڪڪر مرڪزي مادي جي چوڦير ڦرڻ لڳا. مرڪزي مادي جو حصو سوڙهو ٿيو ته ان ۾ گرميءَ جو درجو وڌڻ لڳو ۽ نيٺ ان ۾ ’گرم جوهري قوت‘ (Thermo Nuclear Force) پيدا ٿي ۽ ان مان 5 ارب سال (5 billion years) اڳ هڪ ٻئي ڌماڪي سبب تمام گهڻي توانائيءَ واري سگهه جاري ٿي، جنهن مان سج ٺهيو ۽ باقي سنساري دز وارن ڪڪرن مان مادي وارا گرهه (Planets)، 4 ارب ۽ 60 ڪروڙ سال (4.6 Billion years) اڳ ٺهيا. ان ريت ڌرتيءَ جي ڪهاڻي سنساري دز وارن ڪڪرن کان نت نين جنساري قسم/ نوعَ پيدا ٿيڻ تائين تمام دلچسپ حيرت ناڪين سان ڀريل هن ريت آهي:
شـمسـي نـظـام ۽ ان جا ٻيا گرهه: سـاڍا چـار ارب سـال اڳ شمسـي نـظـام (Solar System) ٺهيو، جنهن جي اندرئين حِصار (Inner Region) ۾ پهريان چار گرهه ۽ ٻاهرئين حِصار (Outer Region) ۾ پويان چار گرهه آهن، جن جي ترتيب هن ريت آهي:
1. ٻُڌ/ عطارد (Mercury)
2. وِهائو/ الزهره (Venus)
3. ڌرتي/ الارض (Earth)
4. اڱارو/ المريخ (Mars)
5. خميس/ المشتري (Jupiter)
6. ڇنڇر/ زحل (Saturn)
7. ساموئي/ اورانوس (Uranus)
8. حماد/ نيپچون (Neptune)
شمسي نظام ۾ سج (Sun) جو قطر 1391000 آهي، جڏهن ته گرهن (planets) ۾ وهائوءَ (Venus) جو قطر 12104 ڪلوميٽر، ڌرتيءَ (Earth) جو قطر 15756 ڪلوميٽر، اڱاري (Mars) جو قطر 6794 ڪلوميٽر، ڇنڇر (Saturn) جو قطر 120536 ڪلوميٽر، ساموئي جو قطر 51118 ۽ حماد (Neptune) جو قطر 49532 ڪلوميٽر آهي.
شمسي نظام جو سڀ کان وڏو گرهه خميس (Jupiter) ٻين شمسي گرهن کان اڍائي ڀيرا وڌيڪ ماس رکندڙ آهي. سڀ کان ننڍو گرهه ٻڌ (عطارد: Mercury) آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي چنڊ جيڏو آهي ۽ ان کي ڪلائيڊ ٽومبا نالي سائنسدان 1930ع ۾ ڳولي نروار ڪيو. شمسي نظام جي هر هڪ گرهه جو پنهنجو خاص وايومنڊل (Atmosphere)، گرمي پد (Temperature)، ٿڌاڻ (Coldness)، آبهوا (Climates)، ويندي طبعي صورتحال (Physical Feature) به جدا جدا آهي.
اسان جي ڌرتي، شمسي نظام جي ٻين گرهن (Planets): خميسي (مشتري:Jupitar)، ڇنڇر (زحل: Saturn)، ساموئي (اورانوس: Uranus) ۽ حماد (نيبئون: Neptune) کان ننڍي آهي، جڏهن ته باقي ٻين گرهن کان وڏي آهي. زمين جي هر گرهه کي پنهنجا ڪيترائي اپگرهه (چنڊ: Moon) آهن، جڏهن ته ڌرتيءَ کي رڳو هڪڙو چنڊ آهي.
ڌرتيءَ جو وايومنڊل ۽ ان جي جوڙجڪ (Atmosphere of Earth and its structure):
ڌرتيءَ جا مکيه چار تهه آهن، جيڪي هن ريت آهن:
وايو منڊل (Atmosphere): ڌرتيءَ جي چوڌاري گئس جو وايو منڊل آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي ڇڪ (Gravity) جي ذريعي قائم آهي، جنهن ۾ ڌرتي گئسون ۽ پاڻي ٻاڦوريندي رهندي آهي.
ڀون ٿار- تهه (Lithosphere): هن ڀون ٿار واري تهه، ڌرتيءَ کي ٿَلهو/ اوٽو (Platform) مهيا ڪيو آهي، جنهن تي سڄي سنساري جيوت پنهنجو پنهنجو الڳ وجود رکي ٿي ۽ چرپر ڪري ٿي.
پاڻهارو- تهه (Hydrosphere): هن تهه واري حصي ۾ ڌرتيءَ تي موجود هر پاڻياٺي شيءِ ٻن صورتن: نهري ۽ پاڻيٺي شڪل ۾ پنهنجو وجود رکي ٿي، ان ۾ سمنڊ، درياهه، بارف/ گليشيئر وغيره اچي وڃن ٿا.
حياتياتي منڊل (Biosphere): هي ڌرتيءَ جو حياتياتي تهه آهي، جتان سمورا جاندار اُسريا ۽ موجود آهن.
ڌرتيءَ جي جوڙجڪ (Layers of Earth): ڌرتيءَ جي شڪل بلڪل گول نه، پر بيضي جهڙي آهي. اها ڳالهه سڀ کان پهرين يوناني فلاسافر پئٿاغورث (Pythagoras) ڪئي. هڪ ٻئي ڀون ڄاڻڪ (Geographer)، فرڊينينل مائلان (Ferdinal Mayallan) چيو ته: ”ڌرتي ’هودڙي‘ (Ball) وانگر آهي.“ ڌرتيءَ جو پهريون ’مٿيون سخت مٿاڇرو‘ ڀون ٿار (Lithosphere) آهي، جنهن تي هي سڄو جنسار جڙيل آهي ۽ اسان ان تي هلون ڦرون ٿا. ان کي ’ڀون ڪڙي/ ڀون چم‘ به چوندا آهن. ’ڀون چم‘ (Skin of Earth) جي هيٺ ’مٿيون سخت ڀون ماس‘ (Solid upper mantle) آهي ۽ ان کان هيٺ ’ڪونئرو تهه‘ (Asthenosphere) آهي، جنهن کي ’رجندڙ ڀون ماس‘ (Molten upper Mantle) به چوندا آهن. انهيءَ ’رجيل ڀون ماس‘ ۾ ڪيترا ئي آکڙي شڪل (Oval Shape) وارا توانائيءَ جا وهڪرا ڦري رهيا آهن، جيڪي ’ڌرتيءَ جي تاپ‘ (Earth Temperature) ۽ ’ڌرتيءَ جي داٻ‘ (Earth Pressure) جي مٽ سٽ (Exchange) جي ڪري پيدا ٿيندڙ هڪ قسم جي برقي وهڪ (Convectional Current) وسيلي جڙيل تاسرين (Tectonic Plates) کي تحرڪ ۾ رکن ٿا. انهن 24 جڙيل تاسرين جي مختلف ڏسائن ڏانهن جُدا جدا نموني واري حرڪت سبب زلزلا ايندا رهندا آهن. انهيءَ ’رجندڙ ڀون ماس‘ کان پوءِ ’اڌو گابرو پڪو پختو ڀون ماس‘ (Lower Mantle Semi Rigid) آهي، جنهن جي هيٺ ’ٻاهريون رجيل ڳر‘ (Molten Outer Core) آهي، جنهن ۾ تتو ڳار (Magma) موجود هوندو آهي، جڏهن ته ڌرتيءَ جي ماڳهين مرڪز ۾ ’اندريون سخت ڳر‘ (Solid Inner Core) آهي. انهيءَ ’سخت ڳر‘ کان ’ڀونءِ چم‘ (Crust) تائين ڌرتيءَ جو قطر (Radius) 6378 ڪلوميٽر آهي.
ان ريت ڌرتي تهه در تهه سخت، نرم تهن ۽ رجندڙ تتي ڳار واري ڀون ماس سان جڙيل آهي. شروعات ۾ ڌرتيءَ تي هڪ وڏو مها کنڊ (Pangaea) ۽ هڪ ئي مهاساگر (Panthalasa) هو، جيڪو 22 ڪروڙ سال کان 5 ڪروڙ سال اڳ تائين ونڊبو ۽ جڙندو آيو، پهرين ٽيٿئس (Tethys) سمنڊ وسيلي يڪي مهاکنڊ ورهائجي، اُترين اڌولي (Northern Hemisphere) ۾ لاريشيا (Laurasia) ۽ ڏکڻ اڌولي (Southern Hemisphere) ۾ گونڊوانا لينڊ (Gondwana Land) ۾ تقسيم ٿيو. ان کان پوءِ 5 ڪروڙ سال اڳ ’سنڌ تاسر‘ (Indian Plate) جي ’يوريشين پليٽ‘ (Eurasian Plate) سان ٽڪراءَ سبب هماليا جبل جي جُڙڻ تائين رهيو. (پڙهندا: ٽيڪٽونڪ پليٽون، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيو، صفحي 510 کان 513).
زمين جي مٿاڇري مٿان هڪ هزار ميلن تائين هوا جو تهه آهي، جيڪو هيٺان کان گهاٽو ۽ مٿي جيئن پوءِ تيئن ڇڊو ٿيندو وڃي ٿو. ڌرتيءَ جو سراسري مٿاڇرو (Average Surface) ستر سيڪڙو سامونڊي پاڻيءَ ۽ ٽيهه سيڪڙو زمين تي ٻڌل آهي، ان ۾ ست وڏا کنڊ: ايشيا (Asia)، يورپ (Europe)، آفريڪا (Africa)، اتر آمريڪا (North America)، آمريڪا '>ڏکڻ آمريڪا (South America)، ائنٽارڪٽيڪا (Antarctica) ۽ آسٽريليا (Australia) اچي وڃن ٿا، جڏهن ته پنج مهاساگر: سانتيڪو مهاساگر، سست مهاساگر، آرڪٽيڪ مهاساگر، ائنٽارڪٽيڪ مهاساگر ۽ سنڌي مهاساگر اچي وڃن ٿا، جڏهن ته ڌرتيءَ تي اهڙا ٻيا ڪيترائي ٻيٽ ۽ ٻيٽاريون سمنڊن ۽ مهاساگرن ۾ موجود آهن.
ڌرتيءَ جو وايومنڊل (Atmosphere of Earth): ڌرتيءَ (Earth) جي وايومنڊل جا بنيادي طرح سان پنج تهه هڪ ٻئي جي مٿان آهن، جنهن ۾ هيٺ هوا گهاٽي، جيئن جيئن مٿي وڃبو، تيئن هوا ڇڊڙي (Thin Air) ٿيندي ويندي آهي ۽ ساڳيءَ ريت ڌرتيءَ جي حرارت جو سلسلو به گهٽ ٿيندو ويندو آهي.
وايو منڊل جا تهه (Layers of Atmosphere) هن ريت آهن:
ڦرندڙ گهرندڙ منڊل (Troposphere): اهو ڌرتيءَ جي مٿان پهريون تهه آهي. ڌرتيءَ جي موسم (Weather) جي ڦيرگهير به انهيءَ منڊل ۾ ٿيندي آهي. جهڙوڪ: ڪڪرن جو ٺهڻ، هوائن جو گهلڻ، مينهن وسڻ ۽ طوفان اچڻ، پاڻيءَ جي ٻاڦورجڻ ۽ ڪڪرن جي صورت وٺڻ وارو وغيره. اُنهيءَ منڊل جو فاصلو ڌرتيءَ جي مٿاڇري کان اُڀي نموني (Vertically) ذري گهٽ 7 ڪلوميٽر آهي، جڏهن ته اڌوڪ (Equator) کان قطب ڏانهن اهو فاصلو ذري گهٽ 17 ڪلوميٽر آهي. هن تهه ۾ نائٽروجن، مٽيءَ جا ذرا ۽ ٻين ڪيترين گئسن سان گڏ آڪسيجن گئس جو مقدار 25.94 سيڪڙو ۽ گِهم (Humidity) 0.04 سيڪڙو آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي ساهواري جيوت جي تڳڻ لاءِ مناسب آهي.
سانتيڪو منڊل (Stratosphere): اهو ڌرتيءَ مٿان گئسن جو ٻيو تهه آهي، جيڪو 51 ڪلوميٽرن تائين اُڀو هوندو آهي، اُنهيءَ تهه ۾ ئي جهاز اُڏامندا آهن ۽ ڌرتيءَ جي ٽه- اڻين واري (Three Atomic) آڪسيجن جي پرماڻن (Molecules) جي اوزون گئس (O3) جو تهه به اُنهيءَ تهه ۾ آهي. هن حصي ۾ گهڻو تڻو گرمي پد هڪ ڪرو (Constant) رهي ٿو. انهيءَ ۾ ٽه اڻيائي (Tree atomic) اوزون گئس (O3) جو سڀ کان گهڻو مقدار موجود آهي، جيڪو سج جي تز واڱڻائي (Ultraviolet) ڪِرڻن کي جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ اُنهن تُز واڱڻائي ڪِرڻن کي ڇاڻيءَ وانگر ڇاڻي، اُجاري ۽ صاف ڪري، ڌرتيءَ ڏانهن اُماڻيندو رهندو آهي. هن مٿئين تئو منڊل ۾ تاپ (Temperature) ٻڙي (0°) کان ڪاٽُو اسي (-80°) پد تائين هيٺ مٿي ٿيندو رهي ٿو.
ڌرتيءَ تي موجود لکين ڪروڙين ڪارخانن، بجلي گهرن ۽ اهڙن ٻين گئسون خارج ڪندڙ ننڍين وڏين فيڪٽرين مان نڪرندڙ گئسون، اوزون (Ozone =O3) تهه ۾ هڪ سوراخ پيدا ڪري رهيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ سج جا تُز واڱڻائي ڪرڻا (Ultraviolet Rays) برفيلي کنڊ، ائنٽارڪٽيڪا کي ڳاري رهيا آهن. ان ڪري ڏاکڻي قطب ۾ ڏاکڻو سمنڊ جڙي رهيو آهي. ان عمل جي ڪري ڌرتيءَ تي هاڃيڪار اثر پئجي رهيا آهن.
وچيون منڊل (Mesosphere): اهو تهه ڌرتيءَ کان 80 کان 85 ڪلوميٽرن تائين چوڏسائن ۾ آهي. انهيءَ آسماني تهه ۾ کڙندڙ تارن جو عمل پڻ ٿيندو آهي. ان ۾ تمام اُتاهينءَ تي گرمي پد گهٽبو وڃي ٿو.
ڄر منڊل (Thermosphere): ڌرتيءَ جو اهو تهه 804- 321 ڪلوميٽرن تائين اُڀي نموني بُلند آهي. هن ڄر منڊل ۾ جيئن جيئن مٿي وڃبو، تيئن تيئن گرمي پد وڌندو ويندو، جيڪو 1200 درجي (1200° C) تائين پهچندو آهي. هن حصي (Zone) ۾ اها گرمي ان ڪري گهڻي ٿيندي آهي، جو آڪسيجن جا پرماڻا (Molecule) سج جي تيز ڪرڻائي تاپ کي جذب ڪري آڪسيجن جي ’اڻن جا آئين/ اڻوڪ‘ (Ions of Atoms) ٺاهين ٿا، جن جي ڪري برقي وهڪ (Electrical Charge) پيدا ٿئي ٿي. اهو ’ڄر منڊل‘ اصل ۾ آڪسيجن جي اڻن جو ’اڻوڪو منڊل‘ (Ionosphere) ئي هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سنڌ ۾ اترئين پاسي ’وڄسارا/ وڄون‘ (Light) نظر اچڻ جو سبب انهيءَ اڻوڪي منڊل جو قدرتي لقاءُ آهي.
ٻاهريون منڊل (Exosphere): ڌرتيءَ جو اهو ٻاهريون منڊل آهي، جنهن مان وايو منڊل (Atmosphere) جون گئسون پولار (Space) ۾ خارج ٿينديون آهن، جنهن ۾ هوائون نه هئڻ جهڙيون آهن، پر ڌرتيءَ جي ڳوراڻ واري ڇڪ (Force of Gravity) اُتي پڻ متحرڪ ۽ عمل جوڳي آهي. انهيءَ تهه ۾ مُند ۽ ماحول جي ڄاڻ ڏيندڙ ۽ ٻيا سيارا ڦرندا آهن. اهو منڊل، اُڀي نموني 9975 ڪلوميٽر اُتاهون آهي ۽ ڌرتيءَ جي وايومنڊل جو اِهو ڊگهي ۾ ڊگهو تهه آهي، ان کان ٻاهر پولار (Space) جي حد شروع ٿيندي آهي.
ڌرتيءَ جي حرڪت (Earth Revolution): ڌرتي لاڳيتو ۽ مسلسل حرڪت ڪري رهي آهي. انهيءَ حرڪت جا ٻه قسم آهن: هڪ لاٽونءَ وانگر پنهنجي ڀَر تي اولهه کان اوڀر طرف ڦرڻ، اڌوڪي ليڪ (Equator) اترين قطب کان ڌرتيءَ جو ڦيرو ائين ڏسڻ ۾ ايندو، جيئن گهڙيال جون سُيون هلنديون آهن، جنهن سان ڏينهن ۽ رات ٿين ٿا. اهو ڦيرو 24 ڪلاڪن جو آهي. انهيءَ سان هوائن جو ٺهڻ، گهم جو وايومنڊل ۾ پيدا ٿيڻ، ٻوٽن ۽ جانورن جي واڌ ويجهه پڻ ڌرتيءَ جي ان ريت ڦرڻ تي آڌاريل آهي. ساوا ٻوٽا ڏينهن جو ’ڪرڻائي ترتيب‘ (Photosynthetic) وسيلي روشني جمع ڪندا آهن ۽ رات جو ان جو استعمال ڪندا آهن. ڌرتي به ساڳيءَ ريت سج جا ڪرڻا جذب ڪندي آهي ۽ رات جو خارج ڪندي آهي، جنهنڪري تاپ جو ڦيرو (Cycle of Temperature) مڪمل ٿيندو آهي.
پاڻي ۽ هوا پنهنجو رستو ڌرتيءَ جي لاٽونءَ واري ڦيري ذريعي بڻائيندا آهن، جيڪو ’اترين اڌولي‘ (Northern Hemisphere) ۾ ساڄي طرف ۽ ڏاکڻين اڌولي (Southern Hemisphere) ۾ کاٻي پاسي جُڙندو آهي. ان عمل کي ’حرڪي اثر‘ (Coriolis effect) چيو ويندو آهي. چانڊوڪي رات ۾ وِير (Tides) بڻجي اٿڻ وارو عمل پڻ انهيءَ ڦيري سان لاڳاپيل آهي. ٻي حرڪت سج جي چوڌاري آکڙي نموني (Oval Shape) ۾ ڦيرا ڏيڻ واري آهي، جنهن سان مندن جي ڦير گهير ۽ ڏينهن ۽ رات جي وقت ۾ ننڍ وڏائي پيدا ٿئي ٿي. اهو ڦيرو 365 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيندو آهي. سياري ۾ ڌرتي (Earth) سج کان پرڀرو ۽ اونهاري ۾ ويجهڙائيءَ کان ڦيرو ڏيندي آهي. ان ڦيري ۾ ڌرتي (Earth) پنهنجي مخصوص واٽ تي جڳهه به مَٽائيندي رهندي آهي.
ڌرتيءَ جون ويڪرائي ۽ ڊگهائي ڦاڪ واريون ليڪون (Latitudes & Longitudes of the Earth): اڀ ۾ ڌرتيءَ جو گهيرو چوويهه هزار اٺ سئو سٺ ميل (24860 ميل) يعني چاليهه هزار نو ڪلوميٽر (40009 ڪلوميٽر) آهي. اها ڌرتي ٻن اڌولن، اُترئين اڌولي (Northern Hemisphere) ۽ ڏاکڻيين اڌولي (Southern Hemisphere) ۾ ورهايل آهي، جڏهن ته 0 ڊگري ويڪرائي ڦاڪ واري ليڪ (Latitude)، ڌرتيءَ کي اوڀرائين ۽ اولهائين اڌولن ۾ ورهائي ٿي. اها هڪ خيالي ليڪ وسيلي سائنسي ونڊ آهي. سڄي ڌرتي 360 اُڀين ڦاڪن ۽ 180 ليٽيل ڦاڪن ۾ ورهايل آهي، جيڪي ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) ۽ ڊگهائي ڦاڪ(Longitude) طور ڄاتيون وڃن ٿيون. اهي به تصوراتي ۽ نقشن ۾ ڏنل ليڪن ۾ آهن. ڌرتيءَ جون ٽي ويڪرائي ڦاڪ واريون ليڪون اهم آهن: پهرين زيرو ڊگريءَ واري اڌوڪي ليڪ (Equater)، ٻي ليڪ، ڌرتيءَ جي ’گرم سرطاني دائري‘ (Tropical of Cancer) تي 23.5 درجي تي آهي. ٽين ليڪ، جيڪا جدي دائري (Tropical of Caprican) تي 23.5 درجي اترين ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي.
ڌرتيءَ جي ڪجهه انگ اکري ڄاڻ (Some facts and figures of the Earth): سج (Sun)، ڌرتيءَ (Earth) کان ڏيڍ سو ڪروڙ ڪلوميٽر (150 million Km) پري آهي. سج جي روشنيءَ کي ڌرتيءَ تائين پهچڻ ۾ 8 منٽ ۽ 50 سيڪنڊ لڳندا آهن، جڏهن ته چنڊ ڌرتيءَ کان 3 لک 84 هزار ڪلوميٽر (384000 km) پري آهي. ڌرتيءَ تي ٻه وڏا ٿڌا ٽوپ (Ice Cap)، ائنٽارڪٽيڪا (Antarctica) ۽ گرينلئنڊ (Green Land) جي ڪنارن تي موجود آهن، جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو ٻيٽ آهي. ڌرتيءَ جو مينهوڳيءَ وارو ٻيلو (Tropical Rain Forest)، جيڪو تمام اُتاهون آهي، ان جو گهڻو حصو برازيل جي اميزان (Amazon) درياهه واري ٻيلي جو آهي. دنيا جي سڀ کان گِهميل جاءِ (Wettest Zone) انڊيا جي چيرا پونجي (Cherra punji) آهي. دنيا جو اوچو ۽ اُتاهون مقام هماليا جي جابلو سلسلي (Himalayan Range) جي چوٽي مائونٽ ايوريسٽ(Mount Everest) آهي، جيڪا ٽيهه هزار پنجٽيهه فوٽ (30035 فوٽ) اوچي آهي ۽ ايشيا کنڊ جي ملڪ نيپال ۾ آهي. ڌرتيءَ جو وڏي ۾ وڏو کنڊ ايشيا (Asia) آهي. هن کنڊ جي ايراضي 44,887,537 چورس ڪلوميٽر آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي سمورن کنڊن (Continents) جو ٽيون حصو آهي، جتي دنيا جي سٺ سيڪڙو (60%) انساني آبادي رهي ٿي، جيڪي نيگرو (Negroid)، منگول (Mongoloid) ۽ ڪاڪيشيئن (Caucasian)، پروٽو آسٽروائيلڊ (Proto Austaloid)، آرمينائيڊ (Arminoid) ۽ الپائني (Alpaniod) نسلن تي ٻَڌل آهن. ڌرتيءَ تي 35 هزار قسمن جا گل، ٻوٽا، وڻ، ٽڻ (Flora) آهن، جڏهن ته جانورن ۾ 10 لک نمونن جا جانور موجود آهن، جتي آفريڪا کنڊ جي گهڻائيءَ واري آبادي رهي ٿي.
ڌرتيءَ جو سڀ کان وڏو مهاساگر، سانتيڪو ساگر (پئسفڪ سمنڊ: (Pacific Ocean آهي. وڏي ۾ وڏو سمنڊ عربي سمنڊ (Arabian Sea) آهي، جنهن جي ڪل پکيڙ 155,557,000 چورس ڪلوميٽر آهي. ڌرتيءَ جو وڏي ۾ وڏو ۽ تمام گرم برپٽ، آفريڪي کنڊ جو ’صحارا‘ (Sahara) آهي، جنهن جي ڪل ايراضي 9,000,000 چورس ڪلوميٽر آهي. انهيءَ صحارا برپٽ مان دنيا جو وڏي ۾ وڏو درياهه نيل (Nile) وهي ٿو، جنهن جي ڊيگهه 6690 ڪلوميٽر آهي. ڌرتيءَ جو سڀ کان وڏو اُپٻيٽ، عربي اُپٻيٽ (Arabian Peninsula) آهي، جنهن جي ڪل ايراضي 3,250,000 چورس ڪلوميٽر آهي، جڏهن ته اونهي ۾ اونهي سامونڊي کاهِي ’ميريانا‘ (Mariana Trench)، جپان ويجهو پئسفڪ سمنڊ (Pacific Ocean) جي ويجهو آهي، جڏهن ته وڏي ۾ وڏي لوڻائي ڍنڍ، ڪئسپيئن سمنڊ (Caspian Sea) آهي، جنهن جي ڪُل ايراضي 370,992 چورس ڪلوميٽر آهي، جيڪا يورپ ۽ ايشيا کنڊ جي وچ ۾ آهي.
دنيا جو سڀ کان مٿاهون زميني ليٽو، تبتي ليٽو (Tibet Plateau) آهي، جنهن کي ’دنيا جي ڇت‘ چيو ويندو آهي، جڏهن ته دنيا جو قديم ترين جبل، آمريڪا جو ’ائپلاچيئن جبل‘ (Appalachian Mountain) آهي ۽ ويجھي دؤر ۾ پنج ڪروڙ سال اڳ پوروئشيئسن ۽ انڊين پليٽن جي ٽڪراءَ (Indian-Eurasian Collision) سبب جڙيل جابلو سلسلو هماليا (Himalayan Range) آهي، جنهن کي ’جوان تهه دار جبل‘ (Young Folded Mountain) پڻ چوندا آهن. ڌرتيءَ تي دنيا جو وڏي ۾ وڏو ’جابلو جهرڻو‘ (Water fall) وينزويلا (Venezuela) ملڪ ۾ آهي.
ڌرتيءَ جو ڀون ڄاڻڪاري/ جيالاجيڪل وقت جو ماپو (Geological Time scale of Earth): ڀون و گياني وقت جي ڏاڪڻ (Staircase of Time)، ڀون ڄاڻڪن (Geologists)، هڪ وڏي تحقيقي ڀون اڀياس کان پوءِ، ڌرتيءَ جي ڀون ڄاڻڪاريءَ بابت، زمانن ۽ دورن جو هڪ ماپو (Geological Time scale) جوڙيو آهي، جنهن موجب انهيءَ 4 ارب 60 ڪروڙ ورهيه (4.6 Billion Years) آڳاٽي دؤر ۾ ڌرتيءَ تي گهڻي طبعي تبديلي (Physical Variation) واقع ٿي. ڌرتيءَ جو اندريون حصو ٿڌو ٿيو، جڙيل تاسرين (Tectonic Plates) جي گهڻي چرپر جي ڪري کوڙ ڀونچال/ زلزلا آيا، جبلن جا ’تمام وڏا تَتا هنڌ‘ (Gigantic Hot spot)، تتو ڳار (Magma)، تتي ريج (Lava) جي شـڪـل ۾ اوڳاڇيـنـدا رهيا. ڪيترائي آتش فشاني جبل جهڙوڪ: سينٽ هيلنس (St. Helens)، ڪراڪوٽوا (Krakotoa) جڙيا. انهيءَ دؤر تائين پڪو مهاکنڊ پئنجيا (Pangaea)، ٽيٿائيس سمنڊ (Tethys Sea) ذريعي ٻن وڏين مهاکنڊن (Super continent)، ڏکڻ قطب ۾ گونڊوانا کنڊ (Gondwana Land) ۽ اتر قطب ۾ لاروشيا کنڊ (Laurasia Continent) جي صورت ۾ اُسري آيا. انهيءَ زماني ۾ گونڊوانا لينڊ وارو کنڊ، اتر اڌوڪ (Equator) ڏانهن لڙي پيو، انهيءَ عرصي ۾ ٿڌ جا 4 دؤر آيا، جن مان پهريون ٿڌ جو دور (Ice Age)، 7 لک ورهيه اڳ آيو هو ۽ 75 هزار سال اڳ، ٿڌ جي چوٿين ۽ آخري دؤر جي شروعات ٿي ۽ اهو دؤر 10 هزار ق. م ۾ گرم دؤر ۾ مٽجڻ لڳو.
ڌرتيءَ جي ڄمار ۽ دؤر (The Age of Earth and its Era): ڌرتيءَ جي ڪل ڄمار 6 ارب سال آهي. اٽڪل ساڍا چار ارب سال اڳ ڌرتيءَ تي ’اڻ ساهوارين شين جو زمانو‘ (Pre-Cambrian Age) هو. اٽڪل پنجاهه ڪروڙ سال اڳ ڌرتيءَ تي ’ساهوارا جيوَ جُڙڻ وارو ڌماڪو‘ (Cambrian Explosion) ٿيو ۽ ڌرتيءَ تي ساهواري جيوت جا انواع (Species) اُسرڻ لڳا. ان کي سائنسدان ’عظيم حياتياتي ڌماڪو‘ (Biological Big Bang) چون ٿا.
حياتيءَ کان اڳ وارو زمانو (Pre Cambrian Era): انهيءَ زماني کي ڳجهي حياتيءَ وارو زمانو (Cryptozoic) به چيو وڃي ٿو. ان زماني کي ٽن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، جيڪي ترتيب سان هن ريت آهن:
پاتال وارو زمانو (Hadean Era): اهو زمانو 4 ارب 60 ڪروڙ ورهيه (4.6 billion years) اڳ کان شروع ٿيو. ان دؤر ۾ سنساري دز (Cosmic) مان ڌرتي جڙڻ شروع ٿي ۽ گيسن جا ڪڪر سج جي چوڏسائن ۾ ڦري رهيا هئا. ڌرتيءَ جو طبعي لقاءَ هن ريت هو، جو هر پاسي گندرف (Sulphur) جو سڙڻ، آتشفشاني جبلن جو ڦاٽڻ، ٽاڪرو پهڻن واري مينهن جو وسڪارو ٿيڻ، هوا جو گرم ۽ ٻاڦوريل هئڻ، چئو ڏسائن ۾ ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ (CO2)، نائٽروجن ۽ سلفر جا مرڪب ٻري رهيا هئا. تتوريج/ لاوو (Lava)، اڃا مس ٺريو ٿي ته وري ڪنهن تتي ڳار (Magma) ۾ پورجي ٿي ويو. سائنسدانن جي تحقيق موجب انهيءَ دؤر ۾ گرهه اڱارو/ مريخ (Mars)، ڌرتيءَ سان ٽڪرايو ۽ ڌرتيءَ مان هڪ ٽُڪر کي، اپگرهه- چنڊ (Moon) جي شڪل ۾ ڌار ڪري ويو.
آڳاٽو زمانو (Archian Era): اهو زمانو هڪ ارب سال (1 billion years) اڳ ۾ هو. ان زماني ۾ ڌرتيءَ تي موجود هر شيءَ ٺرڻ لڳي. ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ (CO2) چنائي پٿر (Lime stone) صورت ۾ سمنڊ جي تري ۾ ويهي رهي هئي. هوا ۾ نائٽروجن گئس تمام گهڻي هئي. آسمان ۾ هر ويلي مينهوڳيءَ جا ڪڪر ڀريا بيٺا هئا. آتش فشاني جبلن جي تتي ڳار(Magma) مان سامونڊي ترو (Oceanic Floor) جڙي رهيو هو. سامونڊي ننڍا ننڍا ٻيٽ، وڏن سامونڊي ٻيٽن (Islands) جي صورت اختيار ڪري چڪا هئا، پر اڃا مهاکنڊ پئنجيا (Pangaea) نه جڙيو هو. يڪي مهاساگر ’پئٿلاسا‘ جي سطح تي پهريون حياتياتي جيو، ’نيرو- سائو سينور‘ (Blue Green Algae) اُسرڻ لڳو. اوائلي حياتي، مهاساگرن (Oceans) ۽ ان جي ڪٺار وارن پٽن (Coastal Areas) مان اُسرندي ۽ نسرندي نظر اچڻ لڳي.
اوائلي حياتيءَ وارو دؤر (Proterozoic Era): ڀون اڀياس جي ڊگهي تاريخ ۾ 2 ارب سال (Two billion years) اڳ ڌرتيءَ جي جڙڻ جو سلسلو ننڍن ننڍن ٻيٽن جي جُڙڻ کان وٺي هڪ يڪي مهاکنڊ ’پئنجيا‘ (Pangaea) جي صورت ۾ هليو. اڳتي يڪي مهاکنڊ ’پئنجيا‘ مان ٻه مهاکنڊ، ڏکڻ ۾ ’گونڊوانا لينڊ‘ (Gondwana Land) ۽ اتر ۾ ’لاريشيا‘ (Laurashia) جڙيو. انهيءَ زماني ۾ جڙيل تاسرين (Tectonic Plates) جي حرڪت تمام گهڻي ۽ تڪڙي رهي. ان ڪري زلزلا/ ڀونچال به گهڻا ايندا رهيا.
ڌرتيءَ جو حياتياتي دؤر (Cambrine Era of Earth): اهو ابتدائي دؤر هڪ گهرڙيائي حياتياتي جيو (Unicellular animal) کان وٺي گهڻ گهرڙيائي جيوت: ڪرڙين، ڊائنوسارن، هاٿين، گهوڙن، باندرن ۽ بن مانسن کان ويندي انسان جي جنم تائين رهيو آهي، ان جا ٻيا ننڍا دؤر هن ريت آهن:
قديم حيواني دؤر (Archaeozoic Era): هن دؤر ۾ ڌرتيءَ جي وايو منڊل (Atmosphere) ۾ آڪسيجن جڙڻ لڳي، جنهن جي ڪري وڏو قدبت رکندڙ ساهواري جيوت جو اُسرڻ ممڪن ٿي پيو هو. هڪ ارب 35 سال (135 Million Years) اڳ ’هڪ جيوگهرڙو‘ (Single celled creature) اُســريـو. ان ريت 17 ڪروڙ سال (170 million years) اڳ ’گهڻ گهرڙن وارا جيو‘ (Multicellular Animal) پيدا ٿيا. اَڻو (Atom) گهڻ اڻيائي بڻجي ڊگهي پرماڻي (Large Molecule) جي صورت ورتي. ڌرتيءَ جو مٿاڇرو جڙيو ۽ ڪيترائي نوان کنڊ ۽ نوان مهاساگر (Oceans) نروار ٿيا. ڌرتيءَ جي ٻئي حياتيءَ واري زماني ۾ (Ordovician) ساوڪ ۽ وڻڪار سان گڏ ڪرنگهيدار ۽ بنا ڪرنگهي وارا انيڪ جيوَ نروار ٿيا. سرڻا جيوَ ۽ جَل ٿَليا جانور، وڏا ٻيلا، وڏا وڻ، وڏين ڳچين وارا جانور، انهي آڳاٽي قديم دؤر جي آخر واري زماني (Permian) ۾ جهجها پيدا ٿيا هئا.
آڳاٽي ساهدار جيو وارو زمانو (Paleozoic Era): هيءُ دؤر 50 ڪروڙ سال
(500 Million Years) اڳ کان شروع ٿيو ۽ 27 ڪروڙ سال (270 Million Years) اڳ تائين جاري رهيو. اهو آڳاٽو دؤر (Paleozoic) ڀون و گيان (Geology) جي حساب سان ستن (7) دورن ۾ ورڇيل آهي. حيات کان اڳ وارو دؤر (Pre Cambrine)، 50 کان 60 ڪروڙ سال رهيو ۽ حيات وارو دؤر (Cambrine)، 50 ڪروڙ سال اڳ شروع ٿيو. ان کان پوءِ اوائلي آبي حيات وارو زمانو (Ordovicean) 40 ڪروڙ 40 لک سال اڳ شروع ٿيو. اهڙي ماحولياتي ڦيري جي ڪري مهاساگرن جي مٿاڇري تي ترندڙ الجي (Algae)، ڪرڻائي ترتيب (Photosynthetic) جي عمل سبب، وايو منڊل (Atmosphere) منجهه آڪسيجن ۾ تمام گهڻو واڌارو ٿيو. انهيءَ ڪري وڏن ساهوارن جيوَن جي جنم لاءِ ماحول جڙي پيو. مهاساگرن ۽ ان جي ڪٺار وارن علائقن ۾ ’ٽه گونچيا جيو‘ (Trilobites)، شيل مڇي (Shel Fish)، مرجان (Corals) ۽ ٻڦياري/ سپنج مادي (Sponges) جهڙي ساهواري جيوت ظاهر ٿي. ان کان پوءِ واري ٻئي زماني ۾، پاڻي ۽ زمين جي گڏيل جيوت جو دؤر (Devinian) 40 ڪروڙ سال اڳ شروع ٿيو، جنهن ۾ جل ٿل وارا جانور پيدا ٿيا. ان کانپوءِ ٽيون دؤر، چن وارن جبلن جي جُڙڻ وارو دؤر (Mississippian Epoch) 30 ڪروڙ 50 لک سال اڳ شروع ٿيو. ان کانپوءِ چوٿون دؤر، ڪوئلي جي تهه وارو دؤر (Pennsylvanian Epoch) 30 ڪروڙ 10 لک سال اڳ شروع ٿيو. سنڌ جو ڪارونجهر جبل ساڍا ٽي ارب سال (3.5 Billion Years) اڳ جو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ ٿر جو ڪوئلو 30 ڪروڙ 10 لک سال اڳ ۾ جُڙيو هو. دنيا جا گهڻائي ڀون ڄاڻڪ (Geologist) پنجين دؤر، ڪوئلي جُڙڻ واري دؤر (Mississippian Epoch) ۽ ڳاڙهي وارياسي پٿر ۽ وڻن واري زماني (Devonian Epoch) کي ساڳيو دؤر قرار ڏين ٿا ۽ آمريڪي ڀون وگياني (Geologist) ان کي پنهنجي ملڪ جي هڪ علائقي Mississippi جي نالي سان هڪ الڳ دؤر تصور ڪن ٿا. ان کان پوءِ ستين ۽ آخري قديم دؤر (Permian) جي آخري حصي ۾ 27 ڪروڙ سال اڳ سرڻا جيوَ (Reptiles)، جل ٿليا ۽ وارياسي پٿر جُڙڻ جون نشانيون ملن ٿيون.
ڌرتيءَ تي حياتيءَ جو وچيون زمانو (Mesozoic Era): هي زمانو، ننڍين ڪرڙين ۽ ٿڻائتين جانورن جو دؤر (Triassic Period) آهي، جيڪو 22 ڪروڙ سال اڳ شروع ٿيو، ان کان پوءِ پربت جيڏن جانورن: ڊائناسارن وارو دؤر (Jurassic Period) 19 ڪروڙ سال اڳ شروع ٿيو، جنهن ۾ اوائلي پکي (birds) پڻ پيدا ٿيا. هن ٻئي ڊائنوسار واري دؤر (Jurassic Era) ۾ وڏا پربت جهڙا جانور پيدا ٿيا، جن ۾ ڊائنوسار جا هزارين نسل به شامل هئا. 13 ڪروڙ سال اڳ پولار مان ايندڙ ڪنهن جابلو ڇپ جي ڌرتيءَ سان ٽڪرائڻ سبب سڄو آسمان مٽيءَ جي دز سان ڀرجي ويو ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف سبب ڌرتيءَ جي 95 سيڪڙو جيوت ختم ٿي وئي. ان کانپوءِ ’چاڪ واري دؤر‘ (Cretaceous Period) ۾ 13 ڪروڙ سال اڳ ڊائناسور ختم ٿي ويا ۽ گل ٻوٽا، ڦر وارا وڻ ۽ چاڪ جا وڏا ذخيرا ظاهر ٿيا. انهيءَ زماني ۾ اوائلي حيات ۾ بنا ڪرنگهي وارا سامونڊي جيو ۽ ننڍا ٻوٽا (گاهه، گوچر) اُسريا. وچيون ساهوار جيو وارو زمانو (Mesozoic Era)، تيرهن ڪروڙ سال اڳ کان هڪ ڪروڙ سال اڳ تائين جاري رهيو.
ڌرتيءَ جو چوٿون حياتياتي دؤر، قديم انسان ۽ جديد انسان (Quaternary Era, Ancient and Modern Human being): هي ڌرتيءَ جو ويجهو زمانو آهي، جيڪو نئين حياتيءَ وارو دؤر (Cenozoic Era) ۽ نئين جيوت وارو زمانو يعني برفاني ڇپن جو زمانو (Glacial Epoch) سڏجي ٿو. هي دؤر پنجن دؤرن ۾ ورڇيل آهي. ٿڻائتن جانورن (Paleocenc) جو دؤر 6 ڪروڙ 50 لک سال اڳ ٿي گذريو، ان کان پوءِ گهوڙن ۽ گـڏهن جهڙن جانورن جو دؤر (Eocene) 6 ڪروڙ سال اڳ آيو، ان کان پوءِ باندر جهڙي مخلوق وارو دؤر (Oligocene) 4 ڪروڙ سال اڳ آيو. ان کان پوءِ وهيل مڇي ۽ بن مانس جهڙي جانور جو دؤر (Miocene) 2 ڪروڙ 50 لک سال اڳ آيو. ان کان پوءِ پنجون دؤر گوشت خور جانورن جو دؤر (Pliocene) 60 لک سال اڳ آيو. اهو نئون پٿر جو زمانو (Pleistocene Era)، جيڪو ارڙهن لک (1.8 ملين) سالن کان ڏهن هزارن سالن تائين جي زماني تائين پکڙيل آهي. انهيءَ سڄي چوٿين ساهواري جيوت جي زماني (Quaternary Era) ۾ زميني گرمي پد ۾ گهڻيون تبديليون آيون. ڌرتيءَ تي 7 لک سال اڳ شروع ٿيندڙ چئن (4) وڏن برفاني دؤرن کان پوءِ ننڍا ننڍا ٿڌ جا دؤر ايندا رهيا. انهيءَ دؤر جي آخري 5 لک وارن سالن ۾ ابتدائي انساني وجود، مختلف کنڊن ۾ معاشي چرپر ۾ مصروف نظر اچي ٿو. اهو ابتدائي انسان آفريڪي کنڊ کان نڪري، وچ اوڀر، ايشيا ۽ يورپ تائين پکڙيو. انهيءَ پهرئين انسان جا 40 لک سالن کان 25 لک سال پراڻا پٿر جا اوزارَ ايٿوپيا (Ethopia) مان لڌا آهن، جڏهن ته انڊونيشيا جي هڪ ٻيٽ جاوا (Java) مان هڪ انساني ڍانچو 5 لک سال پراڻو ۽ ٻيا 27 هزار سال پراڻا ڍانچا ۽ هڏا لڌا آهن.
ايم. ايڇ. پنهور جي تحقيق موجب سنڌ ۾ 5 لک سال اڳ انسان موجود هو، جڏهن ته هڪ آمريڪي محقق خاتون ’اوميل‘ سنڌ ۾ اوائلي انسان کي چار لک 70 هزار سال اڳ ڄاڻائيندي، ان کي ايران، عراق، قديم يونان ۽ يورپ کي وسائيندڙ اوائلي انسان قرار ڏنو آهي. ’ريڊيو ڪاربان تاريخ جي طريقي‘ (Radio Carbon Dating System) واري هڪ تحقيق موجب 5 لک سال اڳ اوائلي ’باندر جهڙي انسان‘ (Australopithecus) کان وڌيڪ سُڌريل، وڏي مٿي واري، باهه ٻاريندڙ ۽ شڪار لاءِ پٿر جا اوزار ٺاهيندڙ ’اڀپيري نيندرٿسلس انسان‘ (Momo-Nanderthalasls) جو 50 هزار سال پراڻو هڏائون پڃرو، جرمنيءَ جي نيندر نديءَ واري ماٿريءَ مان لڌو آهي. اسان جي هن نئين دؤر جي انسان جادام (جد + آدم = Homosapien) جو وجود به 50 هزار سال کان ثابت آهي. جديد ۽ موجوده نسل جي لوڪن جو ’ابو آدم‘ هوموسپيئن ((Homosepain انسان، يورپ ۽ ايشيا کنڊ ۾ آباد ٿيو، 7130 ق. م کان 6230 ق. م تائين اهو جديد انسان بيرنگ سمنڊ جو سوڙهو لڪ ٽپي آمريڪا کنڊ ۾ پهتو، جتي پهچي هن ڏکڻ آمريڪا جي ماڳهين ڇيڙي تي ’ميگاوان‘ جي سوڙهن لڪن ۾ انساني آباديون قائم ڪيون. اهڙا اهڃاڻ اتان مليا آهن. ان کان اڳ دنيا ۾ آڳاٽن انسانن، ائٽلانٽڪ تهذيب (Atlantic Civilization)، ڀونوچ تهذيب (Mediterranean Civilization)، وچ آمريڪا ۾ مايا تهذيب (Mayan Civilization)، انهن جي تسلسل واري مصري تهذيب (Egyptian Civilization)، ان کان سواءِ چيني تهذيب (China Civilization) کي ڌرتيءَ تي قائم ڪرڻ وارا انوکا ڪارناما سرانجام ڏنا، جڏهن ته 20 هزار ورهيه اڳ سنڌو ۽ گنگا واري پٽ (Plains) تي آڳاٽن آسٽريليائي ۽ ٻين لوڪن مان 12 هزار سالن تائين گڏ رهڻ جي ڪرت ۽ ثقافت وارو هڪ روپي نسل دراوڙ اُسري نروار ٿيو، سواءِ انهن لوڪن جي، جيڪي جبلن کان آيا، جيڪي ’پٿر جي وچئين دؤر‘ (Mesolithic) تائين مڇي مارڻ ۽ شڪار تي گذران ڪندا هئا.
6 هزار 5 سئو ورهيه اڳ پٿر جي نئين دؤر (Neolithic Period) جو باني انسان (Neolithic Man) ڪراچيءَ لڳ گِذريءَ کان وٺي، سڄي کيرٿر جي علائقي ۾ روهڙيءَ جي جبلن ۽ ڪوهن واري جُوءِ ۾ پٿر جي صنعت ۽ ڪاريگريءَ کي هلائيندي ۽ ڪِرت ڪندي نظر اچي ٿو. پٿر جو نئون دؤر، انساني تهذيب ۾ هڪ وڏو انقلاب هو، درياهه جي اُٿل ۽ برسات تي کيتي ڪرڻ، چوپايو مال ڌارڻ، ڳوٺ ۽ شهر ٻڌڻ، آويءَ ۾ مٽيءَ جا ٿانءَ پچائڻ، واپاري مٽاسٽا، ڦيٿو، ٻيڙي ۽ سڙهه هن دؤر جي ايجاد آهن. هن انسان سنڌ ۾ 3000 ق. م (ترقي يافته شهري دؤر) کان گهڻو اڳ سنڌو تهذيب جو بنياد وڌو.