
ڌرتيءَ جو سڏ
ڌرتيءَ جو سڏ (ڪتاب): هي سنڌي ٻوليءَ جي نامور هستي، دانشور، اديب، ڪهاڻيڪار، سماج سڌارڪ ۽ ناٽڪ نويس ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جو ٽه فصلو ناٽڪ آهي. هن ناٽڪ بابت ڪيرت ٻاٻاڻي خود لکي ٿو، ”هي ناٽڪ هڪ حقيقي جذبي ۽ ٺوس ويچار جي بنياد تي ٻَڌو ويو آهي. انسان جي ڌرتي ماءُ سان ازلي سِڪ ۽ ڇِڪ جي عظيم ڀاونا (جذبي) کي اظهار ڏيڻ جي ڪوشش آهي. ناٽڪ سنڌي جاتيءَ ۾ ان دردناڪ دور جو ترجمان آهي، جڏهن سنڌي ڌرتيءَ ڌڪاڻا بڻجي، پنھنجي قومي ۽ سڀيتڪ (تهذيبي) وجود کي پنهنجين اکين سان ٽڪرا ٽڪرا ٿيندو ڏسي، پيڙا کان بحال هنجون هاري رهيا هئا، ۽ ڌرتيءَ لاءِ لوڇ، پياس ۽ وس، اهڙيءَ ڪنهن ڀونءِ جون خواب پئي لڌائون، جيڪا کين ڇپر ۽ ڇانوَ ڏئي سگهي، ۽ هو، نئين سر پنهنجون پاڙون لڳائي، ان جي گود ۾ ٿانيڪو ٿي، پنھنجي عظيم الشان ۽ شاهوڪار تهذيب، تمدن ۽ ٻوليءَ لاءِ نوان کيت اُڳائين، پنھنجي بيوطنيءَ جي ڏکوئيندڙ احساس کان نجات پائين. جاتيءَ جي تتر بتر ۽ ڪڻو ڪڻو ٿي وڃڻ واري خطري کان بچائين، روشن آئيندي جو سپنو لھن ۽ ان کي ساڪار بڻائي سجائين.“ ”ڀارت جي ڀوميءَ تي . . . ڪڇ ئي اهڙو علائقو هو، جنهن سان سـنڌين جـا قـريـبي رشتا هئا، تاريخي، جـاگرافيائي، تمدني، ٻوليءَ توڙي من و گيانڪ (نفسيات) جي لحاظ کان ڪڇ ۽ سنڌ همشريڪ رهيا آهن. ڪڇ ڪنهن زماني ۾ وشال سنڌ جو ڀاڱو رهيو آهي. عام طور اسين ائين چوندا آهيون تہ اگر سنڌي اسان جي ماءُ آهي تہ ڪڇي اسان جي ماسي آهي، جنهن ۾ اڄ بہ 80 سيڪڙو کان مٿي شبد (لفظ) سنڌي ڀنڊار مان آهن.“
ڪيرت ٻاٻاڻيءَ انهيءَ جذبي هيٺ هي ناٽڪ لکيو هو تہ سنڌين کي ڪڇ ۾ وسائجي تہ جيئن اهي ڪڇ جي مسلمان ذاتين سان ملي هڪ ٿي وڃن ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي حدن کي بہ ويجها هجن. هي ناٽڪ ڪيرت هڪ نه، پر ٽي ڀيرا لکي پورو ڪيو ۽ ان ساڀيان جو روپ 2004ع ۾ ورتو. سندس هي ناٽڪ ايس. پي. مينگهاڻيءَ، سورٺ پبليڪيشن ممبئيءَ پاران، آڪٽوبر 2004ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڊيمي سائيز جي 94 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 80 روپيا آهي.