ڌرتيءَ کان آڪاس تائين

ڌرتيءَ کان آڪاس تائين

ڌرتيءَ کان آڪاس تائين

ڌرتيءَ کان آڪاس تائين (ڪتاب): هي شعري مجموعو، سنڌ ۾ ڄاول (1944ع) هند جي مشھور شاعر کيمن يُو. مُولاڻيءَ جي غزلن، ٽيڙن، واين، نظم، گيتن، پنجڪڙن، دوهن ۽ نين ڪوتائن جو مجموعو آهي. ابتدا ۾ شاعر جي سُڃاڻپ ڏني وئي آهي. ڪتاب جو مهاڳ مشھور شاعر ارجن شادتارا بہ ٽانڊاڻا‘ عنوان هيٺ لکيو آهي. هو لکي ٿو ته، ”کيمن مولاڻي سٺو شاعر آهي. سندس طنزيہ ٻولي، گهڻي نرالي آهي. ماٺيڻي به، ڏنگيندڙ بہ. اڄ جو وقت بہ ائين آهي، غريبڙو ٿي هل ۽ اک ۾ سروٽو بہ رک.“ ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل مولچند نهالاڻيءَ لکيو آهي. ڊيمي سائيز جي 108 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب لڪشمي پبليڪيشن، بئراڳڙھہ، ڀوپال (انڊيا) پاران 2010ع ۾ ڇپيو آهي ۽ ان جي قيمت 120 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو