
ڌرتي سَرتي
ڌرتي سَرتي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي ناليواري عوامي شاعر استاد بخاريءَ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ نظم ۽ نثري نظم شامل آهن. هن ڪتاب ۾ استاد بخاريءَ جا اهي نظم بہ ڏنا ويا آهن، جن عوام ۾ ڪافي مقبوليت ماڻي آهي ۽ سنڌ ۾ عام پروگرامن ۾ پڙهيا وڃن ٿا. هن ڪتاب ۾ ’جي لکڻو ٿئي لکي وٺ‘، ’دادو مورو پل‘، ’اها ڪا نئين ڳالھہ ناهي‘، ’حوصلو حوصلو‘، ’هي ديس جو دودو ٿيندو‘. ’او بابا او بابا‘، ’ڌرتي ڌيءُ‘، ’ننڌڻڪو لاش‘، ’پڙهون ٿا لکون ٿا‘ سميت ٻيا ڪيترا مشھور نظم ۽ انگريزن هٿان شھيد ٿيل تاريخي ڪردار روپلي ڪولهي، گهاڻي ۾ حق سچ لاءِ پيسجندڙ مخدوم بلاول ۽ ٻين ڪيترن تاريخي ڪردارن تي شاعري شامل آهي. ڪتاب ۾ 64 نظم ۽ نثري نظم عام فھم ۽ سادي ٻوليءَ ۾ آهن.
ڪتاب جي ارپنا ڌرتي ۽ سرتيءَ جي نالي ڪيل آهي. 190 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي هن پڪي جلد واري ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو جولاءِ 1991ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو نومبر 1997ع ۾ سنڌي ساهت گهر حيدرآباد طرفان ڇپيل آهي.