ڌرمو رام

ڌرمو رام: سنت سائين ڌرمو رام ولد شولداس اوڻيهين صديءَ ڌاري ڪمال ديري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. هي پنھنجي پيءُ جو چوٿون نمبر پٽ هو. ننڍي هوندي ڀٽن جي ڳوٺ ۾ دڪان هلائيندو هو. هو گهوڙي تي چانور کڻي ڪمال ديري ايندو هو. روايت آهي تہ: ”هڪ ڀيري گهوڙي کي سامان سوڌو جهنگ ۾ ڇڏي، سائين مرچو رام وٽ اچي نڪتو. هن سندس شيوا ڪئي. شيوا ڪندي مالڪ حقيقيءَ جو رنگ پسڻ لاءِ مراقبا ڪرڻ لڳو، ڪجهہ عرصي کانپوءِ مائٽ کيس ڳوٺ وٺي آيا، جتي سندس دل نہ لڳي ۽ هو بيمار ٿي پيو. سندس پيءُ باس باسي تہ ڌرمومل چاڪ ٿيندو تہ کيس ڀيلاڻي درگاھہ تي ڇڏي ايندو. ڌرمومل چاق ٿيو تہ پيءُ کيس ڀيلاڻي درگاھہ تي ڇڏي آيو، پر اتي بہ سندس دل ڪانہ لڳي ۽ هو وري مرچو رام وٽ شاهپور ٿلهي تي آيو، جتي مرچو رام جي صحبت ۾ حقيقي رمز ورتائين.“


لفظ ڌرمو رامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو