ڌرم اپڪار اميچوئر ڊرامئٽڪ سوسائٽي

ڌرم اپڪار اميچوئر ڊرامئٽڪ سوسائٽي: هيءَ ڊرامئٽڪ سوسائٽي ديوان ٺاڪرداس ناگراڻيءَ شڪارپور ۾ برپا ڪئي هئي، جنهن جو پهريون صدر ديوان ٺاڪر داس پاڻ ئي ٿيو، جيڪو پنھنجي وقت جو جج ۽ مشھور اداڪار هو. هن ڊراماٽڪ سوسائٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري مهراج بنسي رام هو. هن سوسائٽيءَ بھترين ڊرامن پيش ڪرڻ سان وڏي مشهوري ماڻي. هن ڊرامئٽڪ سوسائٽيءَ جي مکيہ قلمڪارن ۾ ديوان ٺاڪرداس، آغا غلام نبي المعروف ’آغا صوفي‘ ۽ مهراج تيجڀانداس هئا. هن سوسائٽيءَ جي برپا ٿيڻ بابت پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ پنھنجي ڪتاب ’سنڌي نثر جي تاريخ‘ ۾ لکيو آهي تہ هيءَ سوسائٽي 1897ع ۾ برپا ٿي ۽ سوسائٽي باقاعدي رجسٽر ٿيل هئي.
هن سوسائٽيءَ جي جهوني اداڪار استاد هادي بخش ابڙي جو چوڻ آهي تہ سوسائٽي 95-1895ع ۾ برپا ٿي ۽ 1897ع ۾ رجسٽر ٿي هئي. هن سوسائٽيءَ کي ترقي وٺرائڻ جي مد ۾ ان وقت شڪارپور جي هندو توڙي مسلمان سنڌي ڪامورن وڏي دلچسپيءَ ورتي هئي. هن سوسائٽيءَ ٿوري ئي عرصي ۾ غير معمولي شھرت حاصل ڪري ورتي. هر مهيني چنڊ جي پهرئين آچر تي سوسائٽيءَ پاران ڪو نہ ڪو پروگرام پيش ڪيو ويندو هو. هن سوسائٽيءَ ذريعي پهريون ناٽڪ ’شڪنتلا دشينت‘ سکر ۽ شڪارپور ۾ ڏيکاريو ويو، جيڪو گاگن سنگهہ آتما سنگهہ آڏواڻيءَ جو لکيل هو. اهو ناٽڪ اڳتي هلي 1898ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ان کانپوءِ هن ناٽڪ منڊليءَ تان رامسنگهہ جو پنگتي ناٽڪ ’موهن نارڪا‘ پيش ڪيو، جنهن ۾ نجوسنگهہ، ڪيولرام جماڻي ۽ ٻين اداڪاري ڪئي. مهراج تيجڀانداس هن منڊليءَ جو قابل هدايتڪار، فنڪار ۽ مزاحيہ اداڪار ليکيو ويندو هو. 1899ع ڌاري هن ناٽڪ منڊليءَ تان هرشچندر، شڪنتلا، چندرا ولي، تريا چلتر، بلوا منگل، سورداس، سفيد خون، محبت ڪا ڦول، جلاد عاشق، درد جگر، نيڪ پروين نالي ڊراما پيش ٿيا هئا. هن ناٽڪ جي نوجوان اداڪارن ۾ ڄيٺانند ناگراڻي (نائڪ)، پرسرام بولاخاني (نائڪا) ۽ هرو مل مدناڻي (لُچ) وغيرہ هئا.
1964ع ڌاري هن ناٽڪ منڊليءَ تان آخري ڊرامو ’هير رانجهوپيش ٿيو. هيءَ ناٽڪ منڊلي پنهنجا ڊراما شڪارپور کان سواءِ سکر، ڪراچي، حيدرآباد، چمن، ڪوئٽا وغيرہ ۾ بہ پيش ڪرڻ ويندي هئي. هن سوسائٽيءَ کي ٿئيٽر، باغ باغيچا، بيڊمنٽن هال، ٽيبل ٽينس هال وغيرہ پنهنجا هوندا هئا. هن ناٽڪ منڊلي پنھنجي وقت ۾ سنڌ جي اندر ڊرامن کي هٿي وٺرائيندي ان جي جوڳي خدمت ڪئي. لوڪرام ڏوڏيچا لکي ٿو تہ: مهراج پهلاج سورداس جي پارٽ ۾ داس پري ديالا وري ڳائيندو هو تہ پاڻ بہ روئيندو هو تہ حاضرين کي بہ روئاري وجهندو هو. اڄڪلھہ هن ناٽڪ منڊليءَ واري هنڌ تي افشان سئنيما قائم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو