ڌرپد

ڌرپد (Dhrupad): هندستان جي ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي سڀ کان پراڻي صورت کي ’ڌرپد‘ چئبو آهي. اصل ۾ ڌرپد، ڌروو پاد گريز يا باسي مان کنيو ويو آهي. ڌرپد مودل (Modal) راڳ تي مبني آهي، جنهن ۾ گيت جي هوندي آهي ۽ آهنگ وارا ڪي به حصا نه هوندا آهن. جڏهن مسلمان هندستان ۾ رهائش پذير ٿيا ته هندن ۾ ڌروپد ڇند، ڪبت ۽ دوهن ڳائڻ جو رواج هو. اهي صنفون گائڪيءَ يا گاني ۾ موزون ڪلام کي داخل ڪرڻ لاءِ صورت پذير ٿيون، يعني موزون ڪلام کي هڪ صورت ڏيڻ لاءِ اهي صنفون گائڪيءَ جي روپ ۾ آيون. راجا مانسنگهه گوالياريءَ جي درٻاري گائڪن بخشي ۽ مَڇوءَ، ڌرو ۽ پد کي ملائي ڳائڻ شروع ڪيو، جنهن سان ڌروپد جي گائڪي شروع ٿي. ڌر جي معنيٰ بيٺل يا رُڪيل آهي. جڏهن ته پد معنيٰ لفظ آهي. ڌرپد جي مزاج ۾ ٺهراءُ (روڪيل هجڻ) ۽ دٻدٻو آهي. هن جا چار حصا هوندا آهن. اسٿائي، انترو، سنچراري ۽ اڀوگ. جڏهن ته مسلمان گائڪن هن کي چئن حصن ۾ ورهايو، يعني آلاپ، اسٿائي، انترو ۽ ترانو. آلاپ کي ايراني موسيقيءَ ۾ اهم سمجھيو ويندو آهي، هن کي ’ادا‘ يا ’پيش رو‘ چيو ويندو آهي.واضح آلاپ، ڌرپد کي ٻين نمونن کان جدا ڪندو آهي، آهستي آهستي تال تيز ٿيندا ويندا آهن. ڌرپد ۾ طبلي/ ڍولڪ جي جاءِ تي پڪاوج استعمال ٿيندي آهي. شهنشاهه اڪبر جي درٻاري ۽ تاريخدان ابوالفضلآئين اڪبريءَ‘ ۾ ڌرپد متعلق تفصيل سان بيان ڪيو آهي. آئين اڪبريءَ ۾ ابوالفضل گھٽ ۾ گھٽ چاليهن اهڙن گائڪن جو ذڪر ڪيو آهي، جن ۾ ايرانين ۽ تورانين جي اڪثريت آهي، اڪبري درٻار جي مشهور گائڪ ترلوچن داس يعني ’تان سين‘، مٿرا ۾ سوامي هريداس کان سنگيت سکيو. سوامي هريداس ۽ تان سين ڌرپد جو گھڻو رواج وڌو.
سوامي هري داس ڌرپد جو بهترين ۽ سهڻو گائڪ هو، اڄ به سندس ڳايل ڌرپد سموري دنيا ۾ مشهور آهن. مغليه سطلنت جي آخري زماني ۾ تان سين جا پيروڪار ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا، هڪڙا بين ڪار ۽ ٻيا ربابي پيروڪار، جن کي ’سينا‘ به چئبو هو، تن ڌرپد جي گائڪي اختيار ڪئي ۽ ان کي ترقي به ڏياري، پر آهستي آهستي خيال جي گائيڪي انهن تي غالب اچي وئي. ’ڀاتکنڊي‘ پنهنجي موسيقيءَ تي لکيل ڪتاب ۾ ڌرپد راڳ کي سڄي هندستان مان ڪٺو ڪيو ۽ نئين سر ترتيب ڏنو، جيڪو پوءِ نواب ٺاڪر علي خان ترجمو ڪري ’معارف النغمات‘ جي نالي سان ڇپايو. اهي ڌرپد ۽ ڌمار هن رام پور جي محمد علي خان کان ورتا هئا، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو تان سين جي اولاد مان هو. ان کانسواءِ ڀات کنڊي، رام پور، الور ۽ اندور جي مسلمان استادن کان هزارين ڌرپد ۽ خيال گڏ ڪيا هئا. هن 1906ع ۾ جئپور جي استاد محمد علي خان ۽ استاد عاشق علي خان جون خدمتون حاصل ڪري انهن جا ڳايل چار سؤ ڌرپد ۽ خيال فونوگراف ۾ محفوط ڪري ڇڏيا. ڌرپد ڳائڻ وارن گائيڪن کي ڪلاونت به چئبو آهي.


لفظ ڌرپدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو