
ڌمال
ڌمال: هڪ قسم جو ناچ، جيڪو سنڌ جي مختلف درگاهن تي ايامن کان هڪ رسم طور ٿيندو آهي. وجد، مستيءَ ۽ مدهوشيءَ جي عالم ۾ هيءُ ناچ بي ترتيبيءَ سان ڪيو ويندو آهي. هن ناچ سان سنگت ۾ گهڻو ڪري ’نغارو‘ وڄايو ويندو آهي، پر مڱڻهار دهل تي ’ڌمال‘ جي خاص وڄت بہ وڄائيندا آهن، جنهن تي هي ناچ ٿيندو آهي. ڌمال لفظ اصل ۾ ’ڌمار‘ آهي، ’ڌمار‘ هڪ ٻٽو دُهل هوندو هو، جيڪو ڍڳي تي رکي شهزادن جي آمد يا روانگيءَ وقت يا شهزادن جي حضور ۾ وڄايو ويندو هو. ’ڌمار‘ جو واسطو گهڻو ڪري ’شِو ديوتا‘ سان هو. شِوَ جي ’ڌمار‘ جي شڪل ’دهلڙيءَ‘ جهڙي هوندي هئي. قلندر شھباز جي درگاھہ تي وڄندڙ ڌمال جو مقصد بہ ساڳيو آهي. ڌمال ’ جو مقصد ’وڄت‘ آهي، جيڪا ڀيرين تي ڏؤنڪن هڻڻ سان ٿيندي آهي ۽ ماڻهو مست ٿي نچندا آهن. قلندر لعل شھباز جي درگاھہ تي هر روز سانجهيءَ ويل ڌمال لڳندي آهي. ان کانسواءِ ٻين ڪيترين درگاهن تي بہ ڌمال ٿيندي آهي، پر قلندر شھباز جي مزار تي ٿيندڙ ڌمال کي تاريخي پسمنظر آهي.