ڌمپد

ڌمپد

ڌمپد

ڌمپد Dhampada): ڪتاب): هيءُ ٻڌمت جو مقدس ڪتاب آهي، جيڪو مهاتما گوتم ٻڌ جي تعليمات (چوڻين ۽ سمجهاڻين) تي مشتمل آهي. ٻُڌ ڌرم جي عالمن جي دعويٰ آهي تہ زندگيءَ جي اڪثر معاملن جو هن ڪتاب ۾ ذڪر آهي. گوتم ٻڌ انسان ذات جي رهنمائيءَ لاءِ هر موضوع تي ڳالهايو ۽ ان بابت سليس ٻوليءَ ۾ سمجهايو آهي. ڪتاب ابتدا ۾ پالي زبان ۾ لکيو ويو ۽ پوءِ مقامي پراڪرت ۾ آندو ويو، هن وقت ’ڌمپد‘ جا ترجما سنڌيءَ سميت دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ٿي چڪا آهن. ’ڌمپد‘ جو ٻڌ ڌرم ۾ اهو ئي مقام آهي، جيڪو هندو ڌرم جي شريمد ڀڳوت گيتا کي حاصل آهي. ٻڌ ڌرم جيئن تہ هندو ڌرم ۾ برهمڻن جي هڪ هٽي ۽ انسانن کي مختلف ورڻن/ طبقن ۾ ورهائڻ خلاف هڪ باغي ۽ انقلابي نقطهء نظر، نظريو يا مت رهيو آهي. ان ڪري هندستان ۾ هندو ڌرم جي پوئلڳن طرفان ’ڌمپد‘ تي ڪيترا تنقيدي ڪتاب لکيا ويا آهن. ڌمپد جي 423 شلوڪن ۾ گوتم ٻڌ جي اخلاقي تعليم جو جامع بيان آهي.
ڌمپد کي ڪاويه/ شاعري بہ تصور ڪيو ويو آهي. ڌمپد کي هندستان جي ڪٽر هندن هميشہ تنقيد جو نشانو بنايو آهي. ٻڌ ڌرم جي هڪ عالم Budhism in India جي عنوان تحت هڪ ڪتاب لکيو آهي، جيڪو انٽرنيٽ تي بہ موجود آهي، ان ۾ هن تفصيلي طرح ڄاڻايو آهي تہ هندو پنڊتن ڪهڙيءَ ريت ’ڌمپد‘ کان هندو مت جي پوئلڳن کي پري رکيو. ’ڌمپد‘ مان هندو پنڊتن کي سڀ کان وڏو خطرو اهو محسوس ٿيو ٿي تہ گوتم ٻڌ جي عقلي پرچار کان وڏي تعداد ۾ هندومت جا پوئلڳ متاثر ٿي ٻڌ ڌرم ۾ داخل ٿيڻ لڳا هئا. هڪڙي وقت ۾ پوري هندستان ۾ ٻڌ ڌرم وهار ۽ اسٽوپا (مندر) موجود هئا، جيڪي اڳتي هلي برهمڻن ڊهرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پوءِ بہ ڀارت ۾ ايترا ٻوڌي موجود نہ آهن، جيترا ٻڌ مندر آهن. ٻڌن خلاف هندو پنڊتن جي مخالفت ۽ سازش رهي، جنهنڪري ٻڌ آهستي آهستي هندستان ڇڏيندا ويا ۽ هنن ٿٻيت کان وٺي نيپال تائين پهاڙن ۾ وڃي پناھہ ورتي. ڪيترن ئي هنڌن تي انتهاپسند هندن ٻُڌ ڌرم جي ڪتابن کي ساڙي ڇڏيو. هن مقدس ڪتاب جي ٻُڌن وٽ تمام وڏي عزت آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو