ڌنئريڇو: هيءُ گاهه جو هڪ قسم آهي، جيڪو قد ۾ گوڏي جيترو ٿئي ٿو. هن کي سنگ ٿيندا آهن. جن ۾ ڦاڪون 10، 12 کن ٿينديون آهن. هن گاهه جي پاڙ مضبوط ٿئي ٿي. ڌنئريڇو گاهه اڪثر مال جي چاري طور ڪم ايندو آهي.