ڌنا: هڪ مشھور پٿر جو قسم، جيڪو سون، چاندي، لوھہ ۽ ٽامي وغيرہ جي کاڻين مان گندرف جي بخارن مان ڄمي سخت پٿر جي صورت اختيار ڪندو آهي. هن جا ٻہ ٽي قسم ٿين ٿا، جن مان طلائي (سون وارو) پٿر عمدو ليکيو وڃي ٿو. لوھہ تي ڪا کٽي شيءِ لڳائي، هن پٿر کي گهي ڏسبو تہ اهو جنهن ڌات جو هوندو، ان جو ڏيک ڏيندو. رنگ سبزي مائل چمڪدار ٿيندو آهي ۽ ان جو ۽ ذائقو ڦڪو ٿئي ٿو. هي پٿر زهر جي اثر کي ختم ڪرڻ لاءِ مفيد آهي. هن پٿر جو ٽامي وارو قسم آفيم جي عادين لاءِ فائدي وارو آهي. هن جو ليپ ڏڍ ۽ ڪارن چٽن کي مٽائي ٿو. هي پٿر قاتل زهر آهي.