ڌنار/ ڌراڙ: چوپايو مال چاريندڙن کي سنڌيءَ ۾ ’ڌنار يا ڌراڙ‘ چوندا آهن. آمري دؤر ۾ جنهن وٽ گهڻو چوپايو مال هوندو هو، ان کي ڳوٺ جو چڱو مڙس سمجهندا هئا. ڳوٺ جي ڇيڙي نبيري بہ اهو ڪندو هو. ان دؤر ۾ هر ڪو پنهنجو مال پاڻ چاريندو هو، پگهار تي ڌنار رکڻ جو رواج نہ هو. هيءُ لفظ ’ڌڻ‘، ڌن= دولت جي معنيٰ ۾ بہ ڪم ايندو آهي. ان جو اشتقاق ٿيندو: ڌڻ + آر= ڌڻ وارو. سنسڪرت ۾ ’ڌن‘ لفظ جي معنيٰ آهي ’چوپايو مال‘. ان ڪري ڌنار جي معنيٰ ’ڌڻ وارو‘ آهي. سنڌ ۾ هر ڌنڌي واري کي پنھنجي ڌنڌي سان سڃاتو ويندو آهي. لوھہ جي ڪم واري کي لوهار، سون جو ڪم ڪندڙ کي سونار يا سونارو، چوڙيون ٺاهيندڙ کي چوڙيگر چوندا آهن. اهڙيءَ طرح مال جي ڌڻ چاريندڙ کي ڌنار سڏيو ويندو آهي. ٻڪريون چاريندڙ کي ٻڪرار، رڍون چاريندڙ کي ريڍار، ڳئون چاريندڙ کي ڳنوار، مينهون چاريندڙ کي ميهار ۽ اٺ چاريندڙ کي اوٺار چئبو آهي، جڏهن تہ مال جي سڀني قسمن کي چاريندڙ لاءِ اصطلاحي طور ڌنار لفظ ئي ڪم آڻبو آهي. ٻڪرين، مينهن يا ڍڳين جو ڌڻ چاريندڙ ڌنار، هٿ ۾ لَٺ، پاڻيءَ جي سانداري يا کَلي ڪڇ تي کڻي، منجهند جي ماني ٽوال جي پلئہ ۾ ٻَڌي، مال جا ولر هڪلي، پنھنجي مخصوص انداز ۾، صبح سوير جهنگ، چراگاهن/ گئوچرن ۾ نڪري ويندا آهن. سڄو ڏينهن مال کي وَڙڪائي شام ويلي واپس وٿاڻن يا مال جي واڙن ۾ آڻيندا آهن. ٿر جا ڌنار، وسڪاري جي مُند ۾ پيرن ۾ جهاڙولا پائي، آڌيءَ جو مال اُٿاري گئوچرن ۾ چاريندا آهن. ڌنار پنھنجي مال لاءِ خاص ڪري ڍڳين ۽ مينهن لاءِ ’ڀَٽارِي‘ ۽ ’ماءُ‘ جھڙا لاڏ ڪوڏ وارا لفظ استعمال ڪندا آهن. ڌنار، مال جي روين مان موسمي تبديلين، مينهن وسڻ يا نہ وسڻ، ڏُڪار يا سُڪار، زلزلي يا طوفان وغيرہ جو اندازو لڳائڻ بہ ڄاڻندا آهن. اُهي پنھنجي مال جي چرپر تي غير معمولي نظر رکندا آهن، جيڪڏهن ٻئي ولر جو مال، سندن ولر ۾ ملي ويو تہ هڪدم سُڃاڻي وٺندا آهن ۽ سيمن ۾ ملندڙ ٻين ڌنارن کي وڙول ڏئي ڇڏيندا آهن تہ جيئن ڀاڳيو پنھنجي مال کي ڳولي سگهي. اُهي مال جي وٿاڻن يا واڙن وٽ ڪنهن نئين يا اوپري ماڻهوءَ جي پيرن جا نشان ڏسندا آهن تہ خبرچار ضرور وٺندا آهن تہ متان اهو ماڻهو سندن مال چورائڻ نہ آيو هجي.
ڌنار، پنھنجي ڇانگ/ ولر جي ڪن خوبصورت جانورن ۾ جهومڪ ۽ جهُوڙا، ڳٽ ڳانيون، مٽر ۽ چَنگ چَڙا ٻَڌي ڇڏيندا آهن. انهن سازن جي آواز تي مال جي ڪنهن جاءِ تي هجڻ جو اندازو لڳائيندا آهن. ٿر ۾ اونهاري جي ڏينهن ۾ ڌنار مخصوص آوازن سان مال کي سَڏي، ڪنڊين جي ڇانگ يا ڪونڀتن کي لوڏي انهن جا چپڙا چاريندا آهن. اُهي مال کي ڇڙوڇڙ ٿيڻ کان روڪڻ ۽ ضابطي ۾ رکڻ لاءِ مختلف آواز ڪڍندا يا هوڪرا ڏيندا آهن. ڌنار، مال جي اُڃ ۽ بيمارين جي بہ خبر رکندا آهن ۽ پنھنجي حساب سان انهن جو علاج ڪندا آهن. اڄڪلھہ شهرن ۾ وٽرنري اسپتالن ۾ مال جو علاج ڪرايو وڃي ٿو. جهنگ ۾ ڌنارن وٽ رڌپچاءَ لاءِ ماچيس نہ هوندو آهي تہ اُهي کِپ ۽ اَڪ جون پُراڻيون سُڪل ڪاٺيون گَسائي، رڳڙ ڪري، اُن مٿان سُڪل ڇيڻو ڀُرڪائي باھہ ٻاريندا آهن، جڏهن ڌنار مال چاريندي ٿڪجي پوندا آهن تہ ڪنهن وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي، بانسري، چنگ، بوڙيندو وغيرہ وڄائي يا ڪو لوڪ گيت ڳائي روح رهاڻ ڪندا آهن. ڌنار، اونهاري ۾ مال کي جهنگ ۾ ڇڏي، کوهن تي وارا ڪڍي، پاڻيءَ جا حوض ۽ آَواڙا ڀري ڇڏيندا آهن تہ جيئن واپسيءَ تي مال اچي پاڻي پي سگهن.
اڳي آسودن گهراڻن جا فرد بہ مال چاريندا هئا، پر اڄڪلھہ ڪنهن ضرورتمند ماڻهوءَ کي اڳواٽ پئسا ڏئي يا ماهوار معاوضي تي ’ڌراڙ/ ڌنار‘ رکيو ويندو آهي. ڌنار، ٿر، ڪچي، ڪاڇي ۽ جبل، هر هنڌ ٿين. هر علائقي ۽ موسم آهر هنن جي آرام، ڊاٻي، مال کي پاڻي پيارڻ جا وقت ٿين. اُٺن جا وَڳ چاريندڙن کي ’اوٺار‘ چون. شاھہ لطيف بہ پنھنجي شاعريءَ ۾ ’ڌراڙن‘ کي ڳايو آهي:
لَيا ڏٺم لار، سانڀارا ساهڙ جا،
هِنئون هت نہ وِندري، ڌراڙ نئون ڌار،
مُنهنجو مَن مهار، پڳهئو پاڻ ڳري!