
ڌونئرو
ڌونئرو (Yogurt): ڌونئرو، کير کي ڄمائي تيار ڪبو آهي. کير ۾ سَنباڻ طور ٿورو ڌونئرو يا ڏڌ وجهي ڏهي ڄمائي تيار ڪبي آهي، جيڪا ’ڌونئرو‘ سڏبي آهي. ڪڏهن ڪچو کير گهڻيءَ دير تائين نہ واپرائڻ ڪري، پاڻمرادو بہ ڄمي پوندو آهي. ان ۾ ٿورو ڌونئرو وجهي کير کي ڄمائبو آهي. کير کي يا تہ ٺڪر جي چاڏي يا ماٽيءَ ۾ يا وري ڪنهن وڏي ۽ خلاصي ٿانو ۾ ڄمائبو آهي. کير ڄمڻ کانپوءِ گهاٽو ٿيو وڃي، جنهن کي ڌونئرو سڏجي ٿو، کير ۾ ڌونئرو وجهبو آهي تہ ان جو ڌونئرو کٽيرو ۽ سوادي ٿيندو آهي ۽ جڏهن کير ۾ ڏڌ وغيرہ وجهبو آهي تہ اهو ڌونئرو ڪجهہ بي سوادو ۽ مٺو ٿيندو آهي. ڌونئرو گرميءَ جي مند ۾ گهڻو استعمال ٿيندو آهي. ڌونئري کي جهرڻي سان ولوڙي ان مان مکڻ بہ ڪڍيو ويندو آهي. باقي ڏڌ يا لسيءَ کي پيئبو آهي، يا ماني، ڀت سان کائبو آهي.
ڌونئرو ٿڌي شيءِ آهي. انهيءَ ڪري هر ڪو چاھہ سان واپرائيندو آهي. ڄمايل کير يعني ڏهي يا ڄاول ڏڌ لفظ سنسڪرت ٻوليءَ ۾ بہ آهي، جنهن ۾ ڌول چئبو آهي. سنڌيءَ ۾ ’ڌئنرو‘ چئبو آهي. گجراتيءَ ۾ گهاٽي ڇاڇ (ڏڌ) کي ڌوڙون يعني ڌونئرو/ ڏهي چئبو آهي.
ڌونئرو جي معنيٰ اڇو بہ آهي. ڀٽائيءَ بہ ان معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي.