
ڌوٻي
ڌوٻي (Washer Man): عام طور ڪپڙن ڌوئڻ واري کي ڌوٻي يا کٽي چئجي ٿو، ڌوٻيءَ جي لغوي معنيٰ آهي ڪپڙا ڌوئيندڙ، کٽي وغيرہ. هي ڪپڙا ڌوئي، استري ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندا آهن. ٻئي طرف گجرات ۽ آسپاس جي رياستن ۾ وڏي تعداد ۾ ڌوٻي آباد آهن، جيڪي راجپوت سڏائين ٿا، جن مان اڪثريت هندو آهن ۽ انهن مان ڪي مسلمان بہ ٿيا آهن. ڌوٻي ذات وارن مان گهڻا چوهاڻ آهن. هندستان جي هن ڌوٻي گهراڻي ۾ سؤٽ ماسات سان شادي نہ ڪئي ويندي آهي. مرد پنھنجي زال جي ڀيڻ سان پنھنجي زال گذارڻ کان پوءِ شادي ڪري سگهي ٿو. ڌوٻي گهراڻي ۾ بيوھہ جي ٻيهر شادي جي اجازت آهي. بيوه پنھنجي مري ويل مڙس جي ننڍي ڀاءُ سان شادي ڪري سگهي ٿي. ڌوٻي هندو قانون ورهاست کي مڃيندا آهن. ڌوٻين ۾ ڪبير پنٿي، رامنجا ۽ ولڀچاري نکون آهن. جيتوڻيڪ هو هندن جي خدائن جي عزت ڪندا آهن، پر مندرن ۾ نہ ويندا آهن. هو هندن جي مشھور زيارت وارن هنڌن تي بہ ويندا آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڌوٻين جي حوالي سان هڪ پهاڪو ’ڌوٻيءَ جو ڪتو، نہ گهر جو نہ گهاٽ جو‘ مشھور آهي. سنڌ ۾ عام طور ڌوٻي يا کٽي ڪپڙا ڌوئڻ وارن کي چوندا آهن. اهي مسلمان توڙي هندو ٿين ۽ ڌنڌي جي نسبت سان سندن ذات سڃاتي ويندي آهي.