
ڌوٻي 2
ڌوٻي (پکي: (White Wagtail/Motacilla alba : 17.5 سينٽي ميٽر (تقريباً 7- انچ) جسامت واري ھن پکيءَ جي نر ماد جي رنگن ۾ فرق ٿئي ٿو. نَر جا کنڀ سياري اونھاري ۾ رنگ مٽائيندا آھن. ڌوٻي پکيءَ جي پٺي سرمائي، پيٽ اڇو، مٿو ڪارو ۽ پڇ ڊگهو سرمائي رنگ جو ٿئي ٿو. هن جي گلي ۾ڄڻ تہ ڪارو گلو بند پيل ھوندو اٿس، پر سياري ۾ ڳچي اڇي ٿي ويندي آهي.
هن پکيءَ جون ٽنگون سنھڙيون، نازڪ ۽ ڪاريون ٿينديون آهن. چھنب ۽ اکيون بہ ڪارڙيون ٿين. چرپر حرڪت ۾ ڦڙت آھي، ھڪ ھنڌ آرام نہ ڪندو آهي. ھر وقت ڊوڙندو، بيھندو ۽ تيزيءَ سان اڏامندو نظر ايندو آھي. ڊگهو پڇ ھيٺ مٿي پيو ٿيندو اٿس. ان ريت اھو پنھنجو توازن برقرار رکندو آھي. ڌوٻي پکي پاڻيءَ ويجهو کليل ميدانن ۾ جيت ڳولي پيو کائيندو آھي. اڪثر عمارتن ۽ گهرن جي ويجهو رھندو آھي. پيالي جهڙو آکيرو ٺاھيندو آھي. ھي سڄي يوريشيا ۽ اتر آفريڪا ۾ ملي ٿو. محدود پئماني تي لڏپلاڻ بہ ڪندو آھي.