ڌوپ1

ڌوپ1

ڌوپ1

ڌوپ1 (Gum Olibanum\ Boswellia Sereta): هي گهاٽي ميرانجهڙي رنگ جا ٽڪرا ٿين ٿا، جيڪي حڪيم استعمال ڪندا آهن. سندن موجب نون ۽ پراڻن ڦٽن، ناسور، پراڻي پرميل ۽ مثاني جي ڦٽ جي علاج لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ڌوپ حمل ڪيرائي ٿو، پيشاب جاري ڪري ٿو، مرگهي جي علاج لاءِ گهوٽي شڪنجبين جي شربت سان پياريو ويندو آهي. ٻرهل کي ڪپي ٻاهر ڪڍي ٿو. ڏندن جي سور لاءِ هن وکر کي ڪٽي سنهون ڪري ڪم آڻي سگهجي ٿو. هيءُ اکين جي ڌنڌ، روشنائي، خارش، ڦٽ، ناسور ۽ اک مان وهندڙ پاڻيءَ کي فائدو ڪري ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو