
ڌوڙ ڌويو

ڌوڙ ڌويو
ڌوڙ ڌويو (ڪيريگر): سونارن جي دڪانن مان مٽي کڻي صاف ڪري سون جا زرڙا ڳولهيندڙن کي ’ڌوڙ ڌويو/ ڌوڙ ڌئو‘ چئجي ٿو، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ’ڌوڙ ڌوئيندڙ‘، سونارن جي کورن جي رک ٿوري ناڻي ۾ خريد ڪري، ان کي ڌوئي صاف ڪري، ان مان سون جا ذرا هٿ ڪندڙ وغيرہ. اهڙي قسم جي ڪم ڪندڙن کي ڌوڙ ڌويو، ڌوڙيو يا رماندي پڻ چون. نامور محقق محمد سومار شيخ ’سنڌ جا زيور‘ ڪتاب ۾ لکي ٿو تہ: ”سنڌ جي ماڻهن ۾ سوناري سان گڏ رمانديءَ جو نالو بہ مشھور آهي. سونارا آسڻ جو ٻھر ڪوٺاريون ۽ بٺي جي ڦلهار سارو سال هڪ جڳھہ تي ڍڳ ڪندا رهندا آهن، انهيءَ ميڙيل ڪچري کي سونارا رماند ڪوٺيندا آهن. سال ۾ هڪ ٻہ دفعا انهيءَ ڪچري کي صاف ڪرڻ رماندي چڪر هڻندو آهي. رمانديءَ کي ’ڌوڙ ڌويو‘ يا ’ڌوڙ ڌيو‘ بہ سڏيندا آهن.“ ڌوڙ ڌويو پنھنجي هڪ خاص انداز سان رماند جي ڌلائي ڪري، منجهائنس سون الڳ ڪندو آهي. ڌوڙ ڌوين جي سون حاصل ڪرڻ جو طريقو بہ ذري گهٽ ڪيريگرن واري طريقي جهڙو هوندو آهي. اهي بہ ڪيريگرن وانگر پاڻيءَ جي جهجهي استعمال سان انهيءَ رماند کي گپ چڪ جي شڪل ۾ آڻي، ان جي آهستي صفائي ڪندا آهن. اهڙي نموني رماند مان گند ڪچرو ۽ ٻيا ڌاتو الڳ ڪري آخر ۾ سون جا ذرا پري ڪري وٺندا آهن. سونارا ’ڌوڙ ڌوين‘ کي پاڻ کان ڪجهه ڪمتر سجهندا آهن.
سنڌو درياھہ جي واريءَ مان سون ڪڍندڙن کي ڪيريگر چئبو آهي. اهڙن ڪيريگرن جو وڏو تعداد ڪوهستاني، چترالي ۽ گلگتي خانہ بدوش قبيلن مان آهي، جن مان اڪثر خاندان ڪجهه صديون اڳ ڪوهستان جي علائقي ’چلاس‘ مان لڏي اچي تربيلابند جي هيٺانهن وارن شهرن ۾ آباد ٿيا. هن ڌنڌي سان سلهاڙيل ڪيتريون ذاتيون بشام ۽ ججال علائقن مان لڏي هتي آباد ٿيون آهن، ڪيريگرن جي گهڻائي بدخيل ۽ مغل پٺاڻن جي آهي. ڪيريگرن جو درياھہ مان سون ڪڍڻ وارو طريقو نهايت ئي ڏکيو ۽ حيرت ۾ وجهندڙ هوندو آهي.
سون ڪڍڻ جو طريقو: درياھہ مان سون ڪڍندڙ ڪيريگرن جو هر جٿو چئن ڄڻن تي مشتمل هوندو آهي، جنهن ۾ مرد توڙي عورتون گڏجي ڪم ڪندا آهن. چئن ڄڻن تي مشتمل جٿي مان هڪ ڄڻو درياھہ جي خشڪ پيٽ ۾ ٽيڪم جي مدد سان وڏا وڏا پٿر پري ڪندو آهي، ان ٽيڪم کي ’ڪيرني‘ سڏيندا آهن. انهيءَ ڪيرنيءَ جي ڪري کين ’ڪيريگر‘ يا اردوءَ ۾ ’ڪيرني والا‘ سڏيو وڃي ٿو. پٿر هٽائڻ بعد رنبيءَ سان بجري وغيرہ هٽائي مٿاڇرو صاف ڪبو آهي. پوءِ رنبيءَ سان زمين کي ڇھن کان ڏهن انچن تائين کوٽي، مٽيءَ کي هڪ هنڌ کوڙ ڪبو آهي. ٻيو ساٿي کوٽيل مٽي ڪنهن ڪپڙي يا ٿانو ۾ وجهي، درياھہ جي ڪناري پاڻيءَ ڀرسان ڇاڻڻ لاءِ آڻي رکندو آهي. جتي ٽيون بيٺل ڪاسبي آندل مٽيءَ کي هڪ قسم جي پتر ’ڇجڪي‘ تي هاريندو آهي. ان ڪاٺ جي پتر کي ’ڇجڪي‘ سڏين، سندن ڇجڪي عام ڇڄ وانگر ئي هوندي آهي. سنهي گول ڪاٺين کي پتر وانگر قابو ڪري، مٽيءَ کي ڇاڻي ٿلهي بجري ۽ سنهي واريءَ کي الڳ ڪبو آهي. ڇجڪيءَ جي هيٺان هڪ ڪاٺ جي ٻيڙيءَ جي شڪل جهڙو باسڻ پيل هوندو آهي، جنهن ۾ سنهڙي واري وڃي ڪرندي آهي. انهيءَ ڪاٺ جي ٿانو کي ’ناوا‘ سڏين. ناوا اهڙي طريقي سان لاهيءَ تي رکبا آهن، جو سندس کليل پاسو هيٺائين هئڻ ڪري ان مان واري ۽ پاڻي هيٺ وهندو رهندو آهي. چوٿون همراھہ جيڪو جٿي جو بزرگ ۽ استاد ڪاريگر هوندو آهي. اُهو هڪ هٿ سان وهندڙ درياھہ مان هٿئي واري ڪٽوري سان پاڻي ڀري، ڇجڪيءَ تي رکيل مٽيءَ تي هاريندو آهي. پاڻي هارڻ واري ڪٽوري کي ’ٺوڪر‘ ڪوٺين. ڪٽوري جي وچ ۾ هڪ ننڍڙو سوراخ هوندو آهي. ماهر ڪاريگر ناوا کي سهولت آهر سامهون رکي ناوا جي سڄي هٿ کان ويهندو آهي ۽ پاڻي هاريندو ويندو آهي، ٻئي هٿ سان ڇجڪيءَ کي چوريندو پوريندو ۽ مٿانئس رکيل مٽيءَ کي هيٺ مٿي ڪندو ويندو آهي. اهڙي نموني مٽي ڇڻي وڃڻ بعد ناوا ۾ صرف ڪاري واري بچندي آهي، جنهن کي پنھنجي زبان ۾ ’تور شگهہ‘ چوندا آهن. ڪاروان ٺوڪ جي تري جي سوراخ مان ناوا جي مٿين حصي ۾ گڏ ٿيل ڪاري واري مٿان پاڻي هاريندو آهي. سون ڳورو هئڻ سبب ناوا جي مٿانهينءَ تي بيهي رهندو آهي. باقي واري ۽ پاڻي هيٺ رهندو رهندو آهي. ائين تور شگهه جي مٿين پاسي وٽ سون جا ذرڙا چمڪندا نظر ايندا آهن. ڪيريگر ڪاٺ جي ننڍڙي رنبي سان سون جي ذرن کي کڻندو جست جي پياليءَ ۾ گڏ ڪندو آهي، جنهن پياليءَ کي هو پنھنجي ٻوليءَ ۾ ’ڇڊگئي‘ سڏين. ڪيريگر جمعي جي ڏينهن موڪل ڪندا آهن يا جمعي جي نماز تائين ڪم ڪندا آهن. ڪيريگر بيماري، خوشي يا غميءَ جي موقعي تي پڻ ڪم نہ ڪندا آهن. ڪيريگرن جي مستقل رهائش اڪثر درياھہ جي ڪنڌيءَ تي ننڍڙن ڳوٺن جي صورت ۾ هوندي آهي. ڪيريگر سال ۾ نو مهينا ڪم ڪندا آهن. باقي ٽي مهينا عارضي گهرن کي تالا هڻي اباڻن گهرن ڏي ورندا آهن. ڪيريگرن جي لڏپلاڻ سنڌوءَ جي ڪناري بشاھہ کان وٺي ڪالاباغ تائين ٿيندي آهي. ڪيريگريءَ جي ڪم ۾ استعمال ٿيندڙ ڪجهه اوزارن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
ڪيرني: درياھہ جي پيٽ ۾ کڏ کوٽي واري ڪڍڻ کان اڳ هن اوزار جي مدد سان وڏا پٿر وغيرہ پري ڪبا آهن. ڪيرني سخت مٽيءَ جي کوٽائيءَ لاءِ پڻ ڪم اچي ٿي. ڪيرنيءَ جي ڦر جي ڊيگهه يارهن انچ کن ٿيندي آهي، جنهن ۾ ٽن فوٽن جو ڳن هوندو آهي. 2009ع تائين هڪ ڪيرنيءَ جي ٺھڻ جو خرچ اٽڪل ويھہ پنجويھہ روپيا هو. هيءُ اوزار استعمال ڪرڻ واري کي ڪيريگر سڏجي ٿو.
رنبي: هيءُ اوزار ڪيرنيءَ وانگر مٽي کوٽڻ ۽ کيڙيل مٽي گڏ ڪرڻ جي ڪم ايندو آهي.ان جي ڦر جي ڊيگهه ٽي انچ ۽ ويڪر ٻہ انچ کن ٿيندي آهي. 2009ع تائين رنبيءَ جي قيمت ڏھہ کان پندرنهن روپيا کن هئي.
فلائي: فلائي ڪاٺ جي گول تراکڙي تسري هوندي آهي، جنهن جو وچيون حصو ڪناري کان ٿورو هيٺ ڪيو ويندو آهي. فلائيءَ جو قطر سورهن انچ کن رکبو آهي، جنهن ۾ مٽي کڻي، ان تي ٻڪ سان ٿورو ٿورو پاڻي هاربو آهي، سون جا ذرا وزني هئڻ ڪري ان ٿالهيءَ ۾ گڏ ٿيندا ويندا آهن. باقي واريءَ کي هوريان هوريان هيٺ هاربو آهي. ان مان ماهر ڪاريگر مختلف هنڌن جي چڪاس ڪري مٽيءَ ۾ سون جو مقدار معلوم ڪندو رهندو آهي. هن جي ٺھڻ تي 2009ع ۾ اٽڪل هڪ سو روپيا خرچ ايندو هو.
ڇجڪي: ڇجڪي درياھہ مان نڪتل مٽي ڇاڻڻ جي ڪم ايندي آهي. ان ۾ پتر وانگر چاليھہ جا پنجيتاليھہ شهتوت يا ڪهوءَ جون ڪاٺيون، ڪوڪن سان ڳنڍيل هونديون آهن، شهتوت ۽ ڪهوءَ جي ڪاٺيءَ ۾ اها خاصيت آهي جو اها پاڻيءَ ۾ گهڻو وقت جٽاءُ ڪري ٿي. هر ٻن ڪاٺين جي وچ ۾ ٻن سوتن جو مفاصلو هوندو آهي. ڇجڪيءَ جي هڪ پاسي کان ڇيڙي وٽ هيٺان مٿان ٻہ ٿلهيون ڪاٺيون هٿ وجهڻ لاءِ لڳل هونديون آهن. ان کانسواءِ ٽي ڪاٺيون ڇجڪيءَ جي پتر جهڙين ڪاٺين کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ لاءِ بہ هونديون آهن، ان جي مٿان مٽي رکي ويندي آهي، هيٺان ناوا هوندي اٿس، جنهن ۾ سنهي مٽي ڇڻي گڏ ٿيندي ويندي آهي. ڇجڪيءَ جي ماپ24x22 ٿئي ٿي، جنهن جي لاڳت 2009 تائين 70 کان 100 روپيا هئي.
ٺوڪر: هيءُ درياھہ مان پاڻي ڀرڻ لاءِ جست جو ڪٽورو هوندو آهي، جنهن جو قطر اٽڪل ساڍا ست انچ هوندو آهي. ان جي وچ ۾ مٿان ڪاٺ جو هٿيو لڳل هوندو آهي، جنهن جي ڊيگهه اٽڪل 21 انچ ٿئي ٿي. ٺوڪر جر مدد سان ڇجڪي جي ڀرسان ويٺل ڪيريگر درياھہ مان پاڻي ڀري ڇجڪيءَ ڀرسان رکيل مٽيءَ تي هاريندو ويندو آهي، هن ٿانو جي ٺھڻ ۾ 2009ع تائين ڏهن کان ٻارنهن روپين تائين خرچ ايندو هو.
ناوا: هيءُ ديال جي ڪاٺين جو ٺهيل ٿانءُ وڏي ڇڄ وانگر ٿئي ٿو، جنهن ۾ ڇجڪيءَ مان سنهي ڪاري واري ڇڻي اچي ڪرندي آهي. جنهن ۾ سون هوندو آهي. ناوا اهڙي ترڪڻي ۽ لهواري انداز سان ٺهيل هوندي آهي، جو مٽي ۽ پاڻي ان مان ٻاهر وهندو رهندو آهي. باقي وزندار ڪاري واري ۽ سون ان جي مٿئين حصي ۾ رهجي ويندو آهي. ناوا جي ڊيگهه 47 انچ ۽ مٿئين حصي جي ويڪر ويھہ انچ هوندي آهي. جيڪا آهستي آهستي گهٽجي هيٺئين حصي وٽ اٺ انڇ کن ٿي وڃي ٿي. ڪيريگرن جي سامان جو هي مهانگو اوزار آهي، جنهن تي 2009ع تائين پنجن سون کان هزار روپين تائن خرچ لڳي ويندو هو.
ڪچاتي: هيءَ گهڻو ڪري ديال جي ڪاٺ جي ننڍڙي کرپي هوندي آهي، جنهن جي ڊيگهه ٽي انچ ۽ ويڪر ٻہ انچ هوندي آهي. ڪچاتيءَ ذريعي ناوا مان ڪاري واري ۽ مليل سون جي ذرڙن کي کڻي الڳ ڪري رکندا آهن، هيءَ کرپي تمام نفيس ۽ هلڪي ٿئي ٿي. هن تي 2009ع تائين چار روپيا خرچ لڳندو هو.
ڇڊگڻي: هيءُ جست جو پيالو آهي، جنهن جو قطر اٽڪل 6 انچ ٿئي ٿو. ڇڪجيءَ مان ڇڻڻ بعد ناوا ۾ باقي ڪاري واري ۽ سون جا ذرا پيل هوندا آهن. اهي ذرا ڪچاتيءَ سان کڻي انهيءَ ڇڊگڻيءَ ۾ جمع ڪيا ويندا آهن. هيءُ ڪٽورو 2009ع ۾ 10 روپين تائين ملندو هو.