ڌُر چارو (گاھہ): هيءُ گاھہ جو هڪ قسم آهي، جيڪو Graminaea خاندان سان تعلقي رکي ٿو. هن گاھہ جو نباتاتي نالو Phalaris Murioata آهي. هيءُ آهستي آهستي وڌنڌڙ گاھہ آهي، جيڪو ڊيگهہ ۾ تقريباً 6 کان 12 انچ جو ۽ ننڍن حفاظتي پنن سان ٿئي ٿو، پنن جي سطحي بجدار ٿئي ٿي ۽ جيڪي هوا ۾ لڏندي سھڻا نظر اچن ٿا. ڏانڊي تي گلن جو ڇڳو معمولي زهريلو (گهڻي مقدار ۾ واپرائڻ وقت صورتحال) ٿيندو آهي. هن گاھہ جي ڏانڊي تي ننڍن ننڍن گلن جو سڄو هڪ گل وانگر ڏسجي ٿو. جنهن جون پنکڙيون، نوڪيليون ۽ کهريون (ڪانڊاريل) ٿين ٿيون.
جيمز اي. موري جي ڪتاب Plants and Drugs of Sindh جي صفحي 14 ۾ آيل بيان موجب: هي گاھہ ڪراچي جي ساحلي علائقن ۽ مالابار ۾ جهجهي تعداد ۾ ٿئي ٿو، ان ڪري پاڻمرادو ڦٽيل ان گاھہ جي ايراضي ٻڪرين، رڍن توڙي ٻين پالتو جانورن لاءِ چراگاھہ (گاھہ جي ميدان) طور ڪتب ايندي آهي. موجودہ وقت ۾ آبادي جي واڌ سبب ۽ ساحلي علائقن ۾ تفريحي جاين جي بناوٽ سبب هن گاھہ جي وڌاءُ ۾ ڪافي گهٽتائي آئي آهي.