ڌُڪو

ڌُڪو: هيءُ سادو هٿيار آهي، جيڪو اصل ۾ ننڍو پر زبري لٺ هوندو آهي. قديم يونان جو مشهور پهلوان هرڪيولس پاڻ سان ڌُڪو کڻندو هو، جنهن کي گرز به چوندا هئا. اڄ به ٻهراڙيءَ جا ماڻهو اڪثر لٺيون ۽ ڌُڪا ڪم آڻيندا آهن. پئسفڪ وڏي سمنڊ جي ٻيٽن تي رهندڙ ماڻهو لهيريءَ جي ڳري ڪاٺيءَ جون لٺيون کڻندا هئا، جن تي اُڪر جو ڪم ٿيل هوندو هو. ڪي لٺيون ڌڪن هڻڻ لاءِ ۽ ڪي اڇلائي هڻڻ لاءِ هونديون آهن. ڏکڻ آفريڪا جا ماڻهو لوهه جون لٺيون ڪم آڻيندا هئا. لٺ جي مٺيي ۾ ٽُنگ ڪري ان ۾ ڌاڳو وجھي چيلهه سان ٻڌي ڇڏيندا هئا ۽ اڪثر پهرئين ڌڪ سان دشمن کي ماري وجھندا هئا. سنڌ ۾ به پَٽن واريون لٺيون اڄ به ٻهراڙيءَ ۾ ڪي ماڻهو هٿيار طور کڻندا آهن. ’لٺ ڌڪو‘ ۽ ’لٺ باٺو‘ اصطلاح سنڌي ۾ عام آهن.


لفظ ڌُڪوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو