ڌڱاڻو 2 (ڳوٺ): پارڪر جو هڪ قديم ڳوٺ آهي، جيڪو ننگرپارڪر شھر کان اوڀر طرف ڪارونجهر جي هڪ ٽڪريءَ جي اوڀر پاسي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو ڌينگي ڪُڙٻيءَ جي نالي سان منسوب آهي. ڌڱاڻي ۾ گرينائيٽ سان گڏ اڇي مٽي (China Clay) وڏي تعداد ۾ آهي. هن ڳوٺ جي اولھہ ۾ اڇي مٽيءَ جو ڪارخانو بہ آهي. ڌڱاڻي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي آبادي برساتن کان سواءِ ڪارونجهر جبل مان وهي آيل نئين گوڙڌرو ۽ ڀٽياڻيءَ جي پاڻيءَ تي بہ ٿئي ٿي. هن ڳوٺ ۾ 1971ع کان پرائمري اسڪول هلندڙ آهي. ڌڱاڻي ۾ قديم دؤر جا ڏهرا بہ مشھور آهن، جن مان کيترپال جو ڏهرو اڄ بہ سالم حالت ۾ موجود آهي، جتي هر سال ٻہ ڀيرا پوڄا ٿيندي آهي.