ڌڻيءَ پرتو سميجو: ’تاريخ مظهر شاهجهانيءَ‘ ۾ يوسف ميرڪ ڄاڻائي ٿو ته: ”ڌڻي پرتو سميجو، سميجا قبيلي جو سردار هو ۽ هر مسئلي تي پنهنجي ذات لاءِ اُٿي کَڙو ٿيندو هو. سرڪاري سامان تي ڪن ڌاڙيلن ڌاڙو هڻي ڦُرلٽ ڪئي ۽ حڪومت اهو الزام سميجن، ڌاريجن، مناهيجن، راهوجن ۽ فيروزجن تي هنيو، پر جلد ئي سميجن جو سردار ڌڻي پرتو ۽ ڌاريجن جو سردار طيب اچي سرڪاري عملدار شمشير خان وٽ پيش پيا ۽ ثابت ڪيائون ته اها حرڪت اسان نه ڪئي آهي. جنهن کان پوءِ سرڪار ۽ سميجن جي وچ ۾ صلح ٿي ويو ۽ سميجن هڪ عام رعيت وانگر ٿي رهڻ جو عهد ڪيو. انهيءَ عهد کان پوءِ آءٌ (يوسف ميرڪ) شمشير خان وٽ پهتس ۽ کيس اها صلاح ڏنم ته هنن ماڻهن تي ڀروسو نه ڪرڻ کپي ۽ جيترو جلد ٿي سگهي ته سميجن جي ڳوٺ جو تختو اونڌو ڪرڻ کپي. اها صلاح شمشير خان کي وڻي. هن لشڪر کي تيار ڪري سميجن جي پرڳڻي تي حملو ڪيو، جنهن ۾ شمشير سان آءٌ (يوسف ميرڪ) به هئس. سميجا بيخبر پنهنجن ڪمن ۾ لڳا پيا هئا. جڏهن مٿن سرڪاري فوج حملو ڪيو ته انهن ۾ ڪٽڪو پئجي ويو. حملي ۾ تقريباً هڪ هزار کان مٿي سميجن کي قتل ڪيو ويو ۽ ست سئو سميجن کي زنجيرن ۾ قيد ڪيو ويو. انهيءَ حملي ۾ ڌڻي پرتو سميجو ۽ طيب ڌاريجو به قتل ٿي ويا. سرڪاري فوج سميجن جي ملڪيتن کي پاڻ ۾ ورهائي کنيو.“