ڌڻي بخش مهر، مولانا: مولانا ڌڻي بخش ولد محمد تڳيل مھر 1930ع ڌاري سومراڻي شريف ۾ ڄائو، جتان بعد ۾ لڏي اچي رستم شھر ضلعي شڪارپور ۾ ويٺو. هن ناظره قرآن مجيد جي تعليم ملا رسول بخش وٽ ۽ حفظ القرآن جي سکيا حافظ وليداد ڀُٽي وٽ ’مدرسہ ڪنزالعلوم سومراڻي شريف‘ ۾ حاصل ڪئي ۽ ساڳئي مدرسي ۾ مختلف استادن کان وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ بعد آخري ڪتاب ’جامعہ هاشميه نور محمد شجراع‘ ۾ علامہ عبدالحڪيم سومري وٽ پڙهي، 1960ع ۾ فارغ التحصيل ٿيو. هن ’دوره حديث‘ ٻہ دفعا مولانا عبدالله درخواستي (خانپور ڪٽوري) واري وٽ، پنج دفعا مولانا غلام ﷲ خان راولپنڊيءَ واري ۽ مولانا عبدالغني جاجرويءَ وٽ پڙهيو. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ مولانا ڌڻي بخش ’جامعہ هاشميه نورمحمد شجراع‘ ۾ مسلسل ڇھہ سال درس ڏنو ۽ پوءِ 1383ھہ ۾ ’مدرسہ دارالعلوم رستم‘ نالي هڪ ديني درسگاھہ قائم ڪري، اتي درس ۽ تدريس جو ڪم ڪرڻ لڳو. مولانا کي دُوره تفسير جي علم ۾ خاص مهارت حاصل هئي ۽ هر سال سون جي تعداد ۾ عالم ۽ طالب دُوره تفسير ٻڌڻ لاءِ وٽس گڏ ٿيندا هئا. مولانا جي روحاني بيعت حضرت حماد ﷲ هاليجويءَ سان هئي. سندس شاگردن جو حلقو نهايت وسيع آهي، جن ۾: مولانا ﷲ بخش سومرو، مولانا رحيم بخش سومرو، مولانا حضور الدين ڪلات ۽ مولانا دين محمد قريشي وغيرہ قابل ذڪر آهن. مولانا ٻہ شاديون ڪيون، جن مان کيس ٻن فرزندن ۽ چئن نياڻين جو اولاد ٿيو.