ڍارو راند

ڍارو راند

ڍارو راند

ڍارو راند: هي راند جو هڪ قسم آهي. هيءَ راند ماضيءَ ۾ بادشاهه به وڏي شوق سان کيڏندا هئا. اڄڪلهه سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ گهڻي دلچسپيءَ سان ڍاري راند کيڏي وڃي ٿي. سنسڪرت ۾ ڍاري کي ’آڪش‘ چئبو آهي، جنهن جي ٻي معنيٰ ’اک‘ به آهي. هن وقت جيڪي ڍارا عام طور ڪم اچن ٿا، سي ڪافور جا ٺهيل هوندا آهن ۽ انهن تي انگن جا نشان اک جي نموني نڪتل هوندا آهن. قديم زماني ۾ عاج جا ڍارا هوندا هئا، انهن ۾ دغابازي ڪري شيهو ڳاري وجهندا هئا، ته جيئن ڍارا اهڙيءَ طرح ليٽن جو داءُ کٽي سگهجي.
موهن جي دڙي جي آثارن سان ’ڇڪي‘ جهڙا چوڪور ڍارا لڌا ويا آهن، جيڪي ميوزيم ۾ رکيل آهن.
رگ ويد جي منڊل ستين (6/86) ۽ منڊل ڏهين (1/34) ۾ ڍارن لاءِ ’وڀيتڪ‘ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ٻهيڙو/ چڻيو چئبو آهي. آؤرن، ٻهيڙن ۽ هريڙن کي گڏي ’ٽڦلو‘ چئبو آهي. اڳي هن راند لاءِ ٻهيڙن جون ککڙيون ڍاري طور ڪم اينديون هيون، اهي ککڙيون رنگ جون ڀوريون ٿين ٿيون. هن وقت ڍاري راند ۾ ٽي ڍارا ڪم اچن ٿا ۽ هر هڪ تي انگ نشان ٿيل هوندا آهن.
پروفيسر مئڪڊونيل ۽ ڪيٿ مطابق اڳي ڍارن تي انگ نشان ٿيل نه هوندا هئا، جنهنڪري کٽڻ ۽ هارائڻ جي سڌ ڍارن جي تعداد مان پوندي هئي. اڳي هيءَ راند ڪيئن ٿيندي هئي؟ ان لاءِ ڊاڪٽر انباش چندر داس ’رگ ويدڪ ڪلچر‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته هن راند لاءِ زمين ۾ ٿوري کڏ ’ديوان ايرڻ‘ کوٽبي هئي، پر اها گولين راند هئي. ڪجهه يورپي محققن جي تحقيق موجب: ڍاري راند لاءِ تختو يا ميز هوندي هئي، ان ميز ۾ کڏ هوندي هئي، جنهن ۾ ککڙيون وڃي پونديون هيون، جيئن ’بليئرڊراند ۾ گولا ڪپڙي جي ڳوٿرين ۾ پوندا آهن.
رگ ويد‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته، هن راند جو اُصول اِڪيءَ ۽ ٻڌيءَ تي ٻڌل هو ۽ ٻڌيءَ وارو کٽندو هو، جيڪي ککڙيون ’سچ‘ ۾ پونديون هيون، تن مان جيڪڏهن ’چونڪ‘ (چار چار داڻا) ٺهـندا هئا ته ان کي ’ڪرت‘ (karta) سـڏيــندا هئا، جيڪڏهن ٽٽِڻ (ٽي داڻا) ٺهندي هئي ته ان کي ’تريتا‘ ۽ ٻٽڻ (ٻه داڻا گڏ) کي ’دواپور‘ سڏيندا هئا، جيڪڏهن ’سچ‘ ۾ ڪنهن جو داڻو ئي هڪڙو پوندو هو ته اهو داڻو ’ڪلي‘ (Kali) ڪوٺبو هو.
راند ۾ جيڪو هٿ اڇليندا هئا، ان کي ’گرهه-گرڀ‘ ڪوٺيندا هئا. راند پوري ٿيڻ کان پوءِ ڍارا ڪنهن دٻليءَ ۾ ڍڪي رکندا هئا ۽ اهو دٻلو ’آڪش وپن‘ سڏبو هو. هن جوئا۾ ڌن ۽ چوپايو مال به هارائيندا هئا، پر وقتي گهر واريون به هارائيندا هئا! ماڻهن کي اها جوئا جي نقصانن جا احوال ’اتهاسن‘ مان ملن ٿا. هن قسم جي راند کي شاهه لطيف به سُر مومل راڻي ۾ ڳايو آهي.
سنڌ ۾ ڍاري راند جي ثقافتي حيثيت جو اندازو ڪن لوڪ گيتن مان به لڳائي سگهجي ٿو، جهڙوڪ: مائي ڀاڳيءَ جو ڳايل هڪ گيت:
’مون کي جوڳي هڻي ڏي ڍارو، مون کي سامي هڻي ڏي ڍارو‘.
سامي ۽ جوڳي ٻهراڙين ۾ ڍارو هڻي، ماڻهن کي قسمت جو حال ٻڌائيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو