ڍال1

ڍال: جنگ يا لڙائيءَ وقت تلوار وغيرہ کان بچاءَ جي هڪ اوزار کي ڍال چئبو آهي، ڍال کي سنڌيءَ ۾ ’سپر‘ ۽ ’کيڙي‘ بہ چئبو آهي.
- ڍال هڪ مڇيءَ جو قسم بہ آهي، جيڪا بنا ڇلرن جي ٿيندي آهي. ان کي ڪلين وٽان ٻہ ڪنڊا ٿيندا آهن، ان جو قد فوٽ کن ٿيندو آهي ۽ رنگ جي سفيد ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو