ڍاٽِي اُٺ
ڍاٽِي اُٺ
ڍاٽِي اُٺ: اٺ جو هيءُ نسل ٿر جي ’ڍٽ‘ واري علائقي ۾ ٿيندو آهي. هي اٺ قداور، بارگير ۽ پنڌ جا تکا ٿيندا آهن. ڍاٽي اُٺُ ۽ اُٺڻ/ ڏاچيءَ جي هلت، وهڪ ۽ سواريءَ جو انداز منفرد هوندو آهي. ٿر ۾ هاڻي آمدورفت ۽ ٽرانسپورٽ جي جديد سهوليتن سبب اٺن پالڻ جو شوق گهٽجندو ٿو وڃي، ان ڪري اُٺن جو هيءُ نسل ناياب ٿيندو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ ڍاٽي اُٺ جي قيمت لکن روپين تائين ٻڌائي وڃي ٿي.
عبدالقادر جوڻيجي پنهنجي هڪ مقالي ۾ ڍاٽي اُٺ ۽ ڍاٽڻ اُٺِ جون وصفون بيان ڪيون آهن، جنهن موجب ڍاٽي اُٺُ بُت جو ڳرو، شڪل جو سهڻو ۽ هلڻ ۾ ائين ڄڻ ناچو نچندو هجي. جڏهن اڃا لاريون (گاڏيون) هن پٽ ۾ نه آيون هيون ته ٿر جا سادا ستابا ماڻهو ڍاٽي اٺن تي سفر ڪندا هئا. فيصلن ۽ شادين مرادين جي موقعن تي ڍاٽي اُٺن جي سواري شاهي سواري ڪري ليکبي هئي ڍاٽي اٺ جي برعڪس ڍاٽڻ اُٺ شِڪل ۾ بڇڙي ٿئي، اُن جو منهنجو چُوسالڙو ۽ پير دڦر ٿيندا آهن. ڍاٽي اُٺ قد ۾ ننڍو، پر هلي ائين ڄڻ گولي ڇُٽي.
ڍاٽڻ اُٺِ جڏهن کير پياڪ گنئوري يا توڏي هوندي آهي ته مالڪ امتحان لهڻ لاءِ چڱيءَ خاصي کڏ کوٽي گنئوري کي کڏ ۾ وجهي، مٿان سندس ماءُ بيهاري ڇڏيندا آهن. جڏهن گنئوري کي بُک لڳندي آهي ته اها ماءُ جي ٿڻن کي پهچڻ لاءِ کڏ مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ٽپ ڏيندي آهي. جي گنئوري ماءُ جي آواز تي کڏ مان ٽِپ ڏئي ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب وئي ته مالڪ امتحان ۾ ڪامياب سمجهي، ان کي سکيا ڏيندو آهي ۽ جي نه نڪري سگهي ته ان کي ٻين عام اٺن جي وڳ سان گڏ ڇڏي ڏيندا آهن. ماءُ جي کير ڇڏائڻ کانپوءِ گنئوري کي سائو گاهه چرڻ نه ڏنو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته سائو گاهه چرڻ وارو اٺاڻو وهٽ ڊگهي ۽ تکي پنڌ ۾ سهڪي پوندو آهي. ان ڪري کيس سُڪو چارو ڏنو ويندو آهي. ٻين اٺن جي نسبت ۾ ڍاٽي اُٺ کي پاڻي گهٽ ڏنو ويندو آهي ته جيئن اُڃ جي باهه کي برداشت ڪري سگهي ۽ ڊوڙ دوران وچ رستي ۾ ڪٿي به پاڻيءَ جي ضرورت محسوس نه ڪري. ان کان سواءِ ڍاٽي اُٺِ کي مختلف ۽ سهڻين چالن سيکارڻ بدران يڪي رُنب (سراڙي) ڊوڙ تي هيرايو ويندو آهي. ڍاٽي اُٺِ تي عام چڙهيءَ يا سواريءَ وقت پاکڙي جي پوئين حصي کان ويهبو آهي، جيئن هلڻ وقت سوار کي لوڏا ۽ جهٽڪا محسوس نه ٿي سگهن. پر يڪيءَ ڊوڙ، رُنبَ ۾ پاکڙي جي اڳئين حصي کان ويهبو آهي، جتان ڪِرڻ جو خطرو نه هوندو آهي. يڪي رُنب ۾ جيڪڏهن غلطيءَ سان سوار پوئين چؤنڪ تي ويٺو ته ڍاٽڻ اُٺِ کيس اُڇلائي ڇڏيندي آهي.
ڍاٽي اٺ کي ٻن سالن يا ڏيڍ سال جي عمر ۾ سکيا ڏني ويندي آهي. ڍاٽي اُٺَ کي هلڻ جا ڪيترائي قسم سيکاريا ويندا آهن. ڍاٽڻ اٺ جي مقابلي ۾ ڍاٽي اُٺَ جي سواري ڏاڍي آرامده هوندي آهي، ڊوڙ ۾ ڍاٽي اُٺ پنهنجو مٽ پاڻ هوندو آهي. پر رنب ۾ ڍاٽڻ اُٺِ کانئس گوءِ کڻي ويندي آهي. ان ڪري پراڻي زماني ۾ لڙائيءَ ۽ لوڙهين لاءِ ڍاٽڻ اُٺِ تي سواري ڪئي ويندي هئي.
عبدالقادر جوڻيجي جي لکڻ مطابق اڳئين زماني ۾ ڍاٽڻ اُٺِ جنگ ۾ استعمال ٿيندي هئي. اها ميلن جا ميل بنا ڪنهن ساهي پٽڻ جي ڊوڙندي آهي، يا ائين کڻي چئجي ته ”کنوڻ وانگر ڌڄندي آهي“.
ايران، افغانستان مان ايندڙ حملي آور ويڙهو قومون گهوڙن تي چڙهي جڏهن ننڍي کنڊ تي حملو ڪنديون هيون يا دهليءَ ۾ ويٺل حڪمران راجسٿان تي حملو ڪندي، موجوده ڀارت جي روهتڪ علائقي يا موجوده پاڪستان جي ’خيرپور ٽامي والي‘ علائقي کان هيٺ ٿر ۾ لهندا هئا ته راجسٿان جا راجپوت ڍاٽڻين اُٺين تي چڙهي، حملي آورن سان ڇتي ويڙهه ڪري پوئتي هٽندا هئا ۽ حملي آور ڪٽڪيون کائي، پنهنجا گهوڙا ڍاٽي اٺڻين جي پويان لائيندا هئا. ائين راجپوت حملي آورن جي گهوڙن کي ٿر جي گجگاهه واريءَ ۾ وٺي ويندا هئا. دراصل اهي راجپوت حملي آورن کي ڌوڪو ڏئي، ٿر جي بياباني علائقن ۾ وٺي ويندا هئا، جتي نه پاڻيءَ جي سهولت هوندي هئي ۽ نه وري رستن جي سُڌ، تنهنڪري انهن حملي آورن جا گهوڙا اُڃ وگهي مري ويندا هئا ۽ سپاهي به رُلي ويندا هئا. جنهنڪري اڪثر راجپوت قبيلا ڌارين قومن کي هارائيندا رهيا ۽ پاڻ ڍاٽي اُٺن ذريعي پوري راجسٿان ۾ حڪومت ڪندا هئا.
هندستان پاڪستان کان اڳ ڀاٽي راجپوت ڍاٽي ڏاچين تي چڙهي، اوڀر طرف راجسٿان جي آباد علائقن ۽ اولهه طرف سنڌ ۾ اچي ڌاڙا هڻندا هئا. اهي کنوڻ وانگر راڄن مٿان اچي ٽُٽندا هئا ۽ ڀينگ ڪري وري کنوڻ وانگر وڄي ورندا هئا. ڀاٽين جي حڪمرانيءَ جو ڳڙهه جيسلمير هو. سنڌ ۾ ان وقت سما به لوڙهيون هڻندا هئا.
ٻاکاسر جو ٻڙونت سنگهه پنهنجي زماني جو مشهور ڌاڙيل ٿي گذريو آهي. ان لاءِ ڍاٽڪيءَ ۾ ڪيترا لوڪ گيت به ملن ٿا، جن مان هڪ جو مفهوم هن ريت آهي ته:
”ٻڙونت سنگهه جڏهن هڪل ڪري ڍاٽڻ اٺِ تي چڙهندو آهي ته ڳائيندڙ پکي چُپ ٿي ويندا آهن، واري وڄندي آهي، وڻ ڏڪندا آهن، نانگ ٻِرن ۾ لڪي ويندا آهن، آسمان ڳاڙهو ٿي ويندو آهي ۽ مالوند ماڻهو پنهنجي مال مان چڙا ڇوڙي ڇڏيندا آهن.“
ٻڙونت سنگهه جي ڍاٽڻ ڏاچي جتي جتي پنهنجو پير رکي مٿي کڻندي آهي ته سندس قدمن جي نشانن مان باهه جا اُلا ڀڙڪو کائيندا آهن ”اچي پيو اچي پيو ٻاکاسر جو ٻڙونت سنگهه اچي پيو“. زمين آسمان هڪ پيا ٿين. ڀڄڻ جون گهٽيون بند آهن، نه آسمان جي ڇانوَ رهي آهي ۽ نه زمين پيرن هيٺان رهي آهي.“
هڪ روايت مطابق راڻو رات وچ ۾ 100 ميل ڪري مومل وٽ جنهن اُٺ تي ايندو هو، سو اُٺ پڻ ڍاٽي هو.
سنڌ ۾ ڀاٽي ڌاڙيلن ڍاٽي ڏاچين تي سوار ٿي آخري ڌاڙو 1953ع ڌاري ميرپورخاص جي ڀر ۾ شادي پليءَ جي آسپاس هنيو هو ۽ پل ڀر ۾ پَٽ ٻُهاري، ڍاٽڻين تي سوار مينهن واءُ ڪندا، بارڊر ڪراس ڪري ويا هئا. آخرڪار ڀارت جي حڪومت ڀاٽين کي روزگار جا سٺا موقعا ۽ وسيلا پيدا ڪري ڏنا، جنهن کانپوءِ ڀاٽين، ڍاٽي اُٺڻين جي پُٺي ڇڏي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته هندستان، پاڪستان بارڊر تان اسمگلنگ به ڍاٽي اُٺن تي ٿيندي هئي. اهڙن اُٺن کي ’بليڪي اُٺ‘ چيو ويندو هو، جيڪي رات جي پيٽ ۾ بارڊر جي هُن پاسي کان مطلب جي ڳالهه پوري ڪرائي، وڏي ويلي سنڌ جي علائقن ڏانهن اچي ويندا هئا.
مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڍاٽي اُٺ کي ڏهر ۾ هڪ گوڏو ٻَڌي، چرڻ لاءِ ڇڏبو آهي، ٻيءَ صورت ۾ ان کي ڳولڻ مشڪل ٿي پوندو آهي.