ڍاڳِي (ندي): ڍاڳي ندي،سنڌوءَ جي وهڪري مهراڻي مان نڪرندي هئي، جيڪا ڪلوئي، پاتار ۽ رحمڪي بازار کان اڳتي وهندي، ڪانجي ڪوٽ ۽ وڳھہ ڪوٽ کان ٿيندي، اولھہ طرف مُڙي سمنڊ سان وڃي ملندي هئي.
شاھہ لطيف، سُر ڏهر ۾ هن نديءَ/ وهڪري جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
ڍاڳي ۽ ڍور، ٻئي وهن ٻليار ۾،
تاجڙين طور، هئو جسوڌن سين