مانسرور ڍنڍ

مانسرور ڍنڍ

منڇر ڍنڍ جو ڏيک

منڇر ڍنڍ جو ڏيک

ڪينجھر ڍنڍ جو هڪ منظر

ڪينجھر ڍنڍ جو هڪ منظر

ڍنڍ

ڍنڍ: قدرتي طور چوڌاري زمين ۽ وچ ۾ پاڻيءَ جي وڏي تلاءَ کي ڍنڍ چئجي ٿو، اها قدرتي يا هٿرادو بہ ٿي سگهي ٿي. لغت ۾ ڍنڍ جي معنيٰ بيٺل پاڻيءَ جو وڏو تلاءُ آهي. ڍنڍون، جنهن زمين جي هيٺاهين هنڌن جي والار ڪنديون آهن، انهن جي درجي بندي هن ريت آهي:
¨ هوا جي کاڌ وسيلي برفاني ڇپون ڳرڻ وسيلي، جيئن ڪئناڊا ۽ اسڪاٽلينڊ جون ڍنڍون.
¨ پاڻيءَ جي ذخيرن وسيلي، مثال طور: ڀرجهلائي ڍنڍون.
¨ بناوتي چرپر وسيلي، مثال طور: اوڀر ڏارن واري ماٿريءَ جي مٿاڇري جي والار.
زمين تي درياهي پاڻيءَ جي ڪنهن وڏي ڇڏيل ٽڪريءَ کي، جنهن جي چئني طرفن کان خشڪ ۽ سڪي زمين موجود هجي، ڍنڍ سڏيو ويندو آهي.
آتشفشاني عمل سبب زمين ۾ کڏا پوڻ ڪري بہ ڍنڍون ٺهنديون آهن. يعني اُهي هيٺانهان حصا، جيڪي ٻرندڙ جبلن جي ڦاٽڻ سان سطح کان هيٺ ٿي ويا، اُهي ڍنڍن جي صورت اختيار ڪري وٺن ٿا.
دنيا ۾ هزارين ننڍيون وڏيون، مٺي ۽ کاري پاڻيءَ جون ڍنڍون موجود آهن. دنيا جي هر حصي ۾ اتان جي جاگرافيائي حالتن مطابق جابلو علائقن، درياهي علائقن، وسيع ميدانن ۽ درياهي ڇوڙ وارن علائقن ۾ پڻ برسات جي پاڻيءَ سبب ڍنڍون ٺهنديون آهن. ڍنڍن ۾ برسات جو پاڻي، زميني مٿاڇري جي پاڻيءَ جي وهڪ، اُترين علائقن ۾ گليشيئرن (برفاني جبلن) يا برفاني زمين جو ڳرڻ ۽ وهندڙ نديون ڍنڍن جي پاڻيءَ جو اهم ذريعو آهن. ندي جڏهن تيز وهڪري سبب پنهنجا رستا بڻائي ٿي تہ ان جي ٻاهرئين زور سان ڍنڍون ٺهنديون آهن.
زميني مٿاڇري کان سواءِ ڍنڍون جبل جي چُرن، اونهن سوراخن/ شگافن سبب بہ ٺهنديون آهن. جيئن دنيا جي اونهي ۾ اونهي ڍنڍ بيڪال آهي، جيڪا اڳوڻي سوويت يونين ۾ آهي. بيڪال ڍنڍ تمام وڏي ۽ اونهي آهي. هڪ اندازي موجب هيءَ ڍنڍ دنيا جي تازي پاڻيءَ جو هڪ ڀاڱي پنجون حصو پاڻ ۾ سمائي سگهي ٿي.
1812ع ڌاري ميسيسپي ۾ آيل زلزلي سبب اتان جي زميني ايراضي 10 فوٽن تائين پاڻيءَ هيٺ اچڻ ڪري ’ريلفوٽ‘ نالي هڪ ڍنڍ وجود ۾ آئي، جيڪا هاڻي ٿينيسي ڪيتيڪي بارديرو لڳ هڪ آسائشي ۽ تفريحي ڍنڍ آهي. اهڙيءَ ريت آمريڪا جي شھر واشنگٽن جي ڪاسڪيڊ رينج ۾ سينٽ هيلنز آتش فشان جي ڦاٽڻ سبب ڪيتريون ئي نيون ڍنڍون ٺهيون، جن مان اڪثر ڍنڍون آمريڪا جي اتر وچئين ۽ اتر اوڀر واري حصي ۾ آهن، جن مان هڪ ڍنڍ ڪيٽل جي نالي سان مشھور آهي. اها برفاني اجگر ڇپن ڪِرڻ سبب تڏهن ٺهي، جڏهن اهي ڳري ويا ۽ کڏا ڀرجي ويا، جيڪي پوءِ ڍنڍ جو ڏيک ڏيڻ لڳا. هڪ ٻيو قسم آڪسبو ڍنڍ جو بہ آهي، جيڪا آڪسبو درياھہ جي وهڪرن مٽائڻ ۽ پوئتي پاڻي ڇڏڻ جي نتيجي ۾ ٺھي آهي، جيڪا وسيع ميداني علائقن تي مشتمل آهي.
ڪيميائي عمل دخل جي ڪري بہ ڍنڍون وجود ۾ آيون آهن، جن مان هڪ مثال سنڪ هول ڍنڍ (Sink Hole Lake) جو آهي، اڪثر انهن علائقن ۾، جتي چن جي پٿرن (Lime stone) جا تھہ مٿاڇري جي نزديڪ هجڻ ڪري هيٺان پاڻي چن جي پٿرن کي ڳاري ٿو، جنهن سبب کڏا پون ٿا ۽ پاڻي هيٺ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. عام طرح اهي سنڪ هول ڍنڍون (Sink Hole Lakes) فلوريڊا پينسلوينيا جو زميني حصو آهن.
قدرتي عمل کان سواءِ هٿرادو/ مصنوعي طريقي سان بہ ڍنڍون وجود ۾ آيون آهن. ڪيترن ئي ملڪن ۾ آمدورفت جي سهوليتن ۽ ٻوڏن کان بچاءَ لاءِ بند ٺاهيا ويا، جن درياهن جا وهڪرا روڪي، هٿرادو ڍنڍون ٺاهيون، جھڙوڪ: ايريزونا ۽ پاويل ڍنڍون، جيڪي ڪولوراڊو نديءَ سان ڀريون وڃن ٿيون.
سنڌ ۾ بہ تقريباً 1200 کان وڌيڪ قدرتي توڙي هٿرادو، مٺي ۽ کاري پاڻيءَ جون ننڍيون وڏيون ڍنڍون وجود رکن ٿيون، جيڪي ڪچي، ڪاڇي، ڪوهستان، ٿر، کيرٿر، سنڌوءَ جي ڇوڙ وارن علائقن ۽ ٻين هنڌن تي موجود آهن. انهن ڍنڍن جو سنڌ جي ماحوليات ۽ اقتصاديات ۾ اهم ڪردار رهيو آهي.
ايامن کان وٺي سنڌو درياھہ پنهنجا وهڪرا بدلائيندو رهيو آهي. ماهرن موجب سنڌ ۾ اهڙو ڪو بہ زمين جو حصو نہ آهي، جتان هي درياھہ نہ وهيو هجي. سنڌو درياھہ سنڌو ماٿريءَ جي اُلهندي طرف کيرٿر جابلو سلسلي کان وٺي جيسلمير ۽ ٿر جي ريگستان تائين مختلف وقتن تي پنهنجا وهڪرا ۽ گس بدلائيندو رهيو آهي. نتيجي طور پراڻو وهڪرو بہ ٻہ درياهي روپ ۾ وهندو رهندو هو، جيڪو بعد ۾ ڪجهہ سالن کان پوءِ اصلي نياڻ ۾ وهندو هو. پراڻو وهڪرو پاڻيءَ جي چاڙھہ سبب ڀرجي وهندو آهي ۽ اڳتي هلي سياري ۾ گهٽجي ويندو آهي. جڏهن پوئين پراڻي وهڪري جو منهن ڀرجي ويندو آهي تہ پوءِ اهو ’پراڻ ڍنڍ‘ سڏبو آهي. اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪڏهن پراڻي وهڪري جو ڊگهو نياڻ ٻہ ٽي ڍنڍون ٺاهيندو آهي. پراڻ ڍنڍ کان سواءِ سنڌ ۾ ٻين قسمن جون ڍنڍون بہ موجود آهن، جيڪي هن ريت آهن:
ٻٽ ڍنڍ: هي ڍنڍ جو هڪ قسم آهي، جنهن ۾ ڪنهن بہ طرف کان درياھہ جو پاڻي داخل ٿي نہ سگهندو آهي. هن قسم جي ڍنڍن ۾ عام طرح برسات جو پاڻي بيٺل هوندو آهي.
منهن ڇوڙ ڍنڍ: هنن ڍنڍن جا منهن درياھہ جي طرف کان کليل هوندا آهن. درياھہ هن قسم جي ڍنڍن جي ڀرسان وهندو آهي. هي ڍنڍون سنڌوءَ ۾ چاڙھہ جي موسم ۾ درياھہ جي پاڻيءَ سان ڀربيون رهبيون آهن. بعد ۾ جڏهن پاڻيءَ ۾ لاھہ ٿيندو آهي تہ پوءِ اهڙين ڍنڍن جا منهن بند ڪري ڇڏبا آهن.
ڪنب ڍنڍ: هن قسم جي ڍنڍ تڏهن وجود ۾ ايندي آهي، جڏهن درياھہ پنهنجو وهڪرو/ رخ بدلائيندو آهي يا پائڪ/ پائيندڙ ڪندو آهي تہ درياھہ جي زور آوريءَ واري جاءِ کي آجهار چئبو آهي. درياھہ جو نئون وهڪرو پائڪ وسيلي ڪيترا ميل نئين نياڻ ٺاهي ڪنهن پراڻي نياڻ ۾ بہ وهڪرو ٺاهيندو آهي. آجهار واري پائڪ، زمين جي اندرئين تھہ يعني چُوئيءَ تائين ويندي آهي. سالن جا سال انهيءَ ڪنب ۾ پاڻي موجود هوندو آهي. کوهن وانگر پاڻي ٻنڀ ڏئي ڪنب ۾ وڌندو آهي ۽ پُرهئون تار ڪنب ڪافي سال موجود رهندو آهي. ان ۾ پکي ۽ مڇيءَ جي پيداوار ۽ شڪار ٿيندو آهي. ڪنب واري ڍنڍ ۾ شروعاتي سالن ۾ ڪو بہ گاھہ نہ ٿيندو آهي. خيرپورميرس ضلعي جي ڪنب شھر واري جاءِ تي قديم وقت ۾ ڪنب/ ڪنب ڍنڍ هوندي هئي.
مانسرور ڍنڍ: تازي پاڻيءَ جي هن وڏي ڍنڍ مان سنڌو درياھہ نڪري ٿو، هيءَ ڍنڍ تبت جي مٿانهين پٽ ۾ واقع آهي. چين جي علائقي لهسه کان 940 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي تبت جي خودمختيار علائقي ۾ هيءَ ڍنڍ چين ۾ ماپم يمڪو (Mapam Yumco) جي نالي سان مشھور آهي. هن ڍنڍ جي اولھہ ۾ رڪشتل (Rakshastal) نالي ڍنڍ ۽ اتر ۾ ڪئلاش پربت واقع آهي. هن ڍنڍ جي ايراضيءَ تقريباً 4590 چورس ميٽرن تي مشتمل آهي. سمنڊ کان هن ڍنڍ جي اوچائي 15060 فوٽ آهي. هن ڍنڍ جو پاڻي لوڻياٺو/ کارو آهي. هيءَ ڍنڍ گول دائري جي شڪل ۾ 88 ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي، هن ڍنڍ جي گهرائي تقريباً 90 ڪلوميٽر آهي. هيءَ ڍنڍ قدرتي طور Gangachhu جي آبي رستي وسيلي رڪشتل ڍنڍ سان جڙيل آهي.
ڪولاب ڍنڍ: هي بہ ڍنڍ جو هڪ قسم آهي، جنهن ۾ درياھہ جا ڇڇ، چاڙھہ جي مند ۾ وهڪرن وانگر وهندا آهن. درياھہ جو پاڻي جڏهن ڇينهرو کائيندو آهي تہ اهي ڇڇ ڌار ڌار ڍورن جي صورت ۾ وهندا آهن، جن ۾ مڇي بہ مرندي آهي ۽ پکي بہ لهندا آهن. سنڌ ۾ ٻہ ڪولاب مشھور آهن: جيئل ڪولاب ۽ سيال ڪولاب. جيئل ڪولاب آڳاٽي وقت ۾ هڪ وڏي ڍنڍ هئي. هن ڍنڍ جي نسبت سان ضلعي خيرپور ميرس جي ڳوٺ ٽنڊي مستيءَ جي اولھہ ۾ هڪ ڳوٺ آباد آهي، جڏهن تہ آڳاٽي وقت ۾ سيال ڳوٺ سان گڏ سيال ڪولاب وارو درياهي وهڪرو وهندو هو ۽ درياھہ جو هڪ وڏو بندر هو. هاڻي بہ چاڙھہ وارن ڏينهن ۾ سيال ڪولاب ۾ درياھہ جي اُٿل جو پاڻي ايندو آهي، پر سيال ڪولاب جي پيٽ واري زمين آباد ٿيندي رهي ٿي. روايت موجب آڳاٽي وقت ۾ هن ڍنڍ جو وهڪرو کيڙا ڪيٽيءَ کان وهي دادو- موري پُل واري روڊ کان گهڻو اڳتي نڪري ويندو هو.
سنڌ ۾ ڪيتريون وڏيون ۽ ننڍيون ڍنڍون موجود آهن، جن مان: منڇر ڍنڍ (ضلعو: دادو/ ڄامشورو)، ڪينجهر ڍنڍ (ٺٽوحمل ڍنڍ، چڱڙي ڍنڍ، لنگهہ ڍنڍ (قنبرچوٽياريون ڍنڍ ۽ ڪاڪاهو ڍنڍ (سانگهڙ) پنھنجي وسعت ۽ تاريخي واقعن سبب مشھور آهن. ان کانسواءِ ڀٽ شاھہ واري ڪراڙ ڍنڍ پڻ مشھور آهي، جنهن جو وڏو حصو هن وقت آباديءَ هيٺ اچي ويو آهي ۽ مختصر ڍنڍ بچي آهي، جنهن جي پاسن کي ثقافت کاتي پَڪو ڪرائي، ان کي هڪ تفريحي ماڳ جي صورت ڏني آهي. ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تي سنڌ جي مشھور شاعر شيخ اياز جي مزار پڻ موجود آهي.


لفظ ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

ڍنڍ - مان نڪتل ٻيون شاخون-

بازار ڍنڍ
چڱڙو ڍنڍ
ڇاري ڍنڍ
ڇُٽي جي ڍنڍ
ڇڇ 1
حاجي اسماعيل پير ڍنڍ
حمل ڍنڍ
حيار ۽ ٻيلو ڪنب
دُري ديرو ڍنڍ
ڏاوڇ ڍنڍ
ڏوگريون ڍنڍ
ڏيپارچا ڍنڍ
ڊرگهہ ڍنڍ
ڊنءُ ڍنڍ
ڍنڍ
راڄڙي ڍنڍ
راوت لغاري ڍنڍ
راهين ڍنڍ
رتڙائو ڍنڍ
رحماني ڍنڍ
آباد ڍنڍ
پاٻيڙو ڍنڍ
چار ڍنڍ
چڪڻ ڍنڍ
ساروھہ ڍنڍ
سامارو ڍنڍ
ساوڙي ڍنڍ
سُتيارو
سپنا ڍنڍ
سُچاري ڍنڍ
سڌ واھہ
سرائي شوڪت علي خان واري ڍنڍ
سرجاري ڍنڍ
سرن واري ڍنڍ
سسئي ڍنڍ
سن ڍنڍ
سنگي ڪباب
سنهاري ڍنڍ
سنهري ڍنڍ
سنهري ڍنڍ2
سوڀناريءَ جي ڍنڍ
سومري ڍنڍ
سونا ٻِنڊي ڍنڍ
سوني ڍنڍ
سير ڍنڍ 1
سير ڍنڍ 2
سيف الملوڪ ڍنڍ
سنڌ جون ڍنڍون 1
شڪر ڍنڍ
شينهن واري ڍنڍ
جهالڪي ڍنڍ
خوف ڍنڍ
ساڀي واري ڍنڍ
پڇڙي ڍنڍ
پراڻا جتوئي ڍنڍ
پراڻي ديري واري ڍنڍ
پنبي2:
پيٽ ٻڍي واري ڍنڍ
ڀولو واري ڍنڍ
جھان خان ڍنڍ
ڪلاچ ڍنڍ
ڪڪڙ ڍنڍ
ڪَراڙ ڍنڍ
ڪاري ڍنڍ ڦٽو ڍنڍ
ٻوٽار ڍنڍ
ڪنڊياري ڍنڍ
ڪلري ڍنڍ
ڪلانڪر
ڪاڪاهو ڍنڍ
ڪاڇڙي ڍنڍ
ڪنڊي چکيءَ جي ڍنڍ
ڪري ڍنڍ
کاروڙ ڍنڍ
گائنچا ڍنڍ
ڪورائين واري ڍنڍ
ڪولاب سيال ڍنڍ
ڪينجهر
کرل ڍنڍ
کاڻوٺ ڍنڍ
کوکرن واري ڍنڍ
کير واري ڍنڍ
کيڙن واري ڍنڍ

ڍنڍ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڍنڍ
ڀولو واري ڍنڍ
ڏوگريون ڍنڍ
سير ڍنڍ 1
پنبي2:
آباد ڍنڍ
سرن واري ڍنڍ
چار ڍنڍ
کاروڙ ڍنڍ
سنهاري ڍنڍ
ڍنڍ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون