ڍنڍي شھر (ماڳ): سنڌ جا اڪثر قديم شھر ڍنڍن، ڍورن يا درياهي شاخن تي آباد هوندا هئا، انهن مان موجودہ ضلعي بدين ۾ هڪ ڍنڍي شھر بہ هو، جيڪو درياھہ جي شاخ لڳ هوندو هو. ديھہ سومرڪي جي هڪ شاخ، جنهن جا نشان اڄ بہ ڳوٺ ساجن سومري لڳ ۽ ڍنڍي ڳوٺ جي اولھہ ڏکڻ ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هڪ ٻيو وهڪرو جيڪو نصرپور کان نڪري ’سڏيرڻ جي ڏندي/ ٺلھہ‘ کان سعيدپور ٽڪر جي اوڀر دنگ تي گوپانگن جي ڳوٺن وٽان وهي ’ڍنڍي‘ شھر جي اولھہ مان گذرندو هو. تاريخ ۾ ڍنڍي شھر مذهبي حوالي سان اسماعيلي خواجن جي بزرگن جو آستان رهيو آهي. شيخ ممون بزرگ ’ڍنڍي‘ شھر ۾ رهندو هو. هي آڳاٽو پير هو، جيڪو سيد جميعل شاھہ گرناري جو مريد هو. سندس درگاھہ ڍنڍيءَ جي اوڀر اتر ۾ ’درگاھہ شيخ ممون‘ جي نالي سان آباد آهي. ان کانسواءِ شيخ ڪپور ۽ نظام الدين جون مزارون پڻ هن ئي علائقي ۾ آهن. سنڌ ۾ خواجن جي گهڻائي هنن بزرگن جي معتقد آهي. ڪن روايتن موجب ڍنڍي شھر سومرن جي دؤر کان آباد هو. سمن جي دؤر ۾ پڻ هي شھر تبليغي مرڪز طور ڄاڻايو ويو آهي.
مير علي شير قانع هن ماڳ جو ذڪر شھر ’محمد طور‘ جي نالي سان ڪيو آهي. هن ماڳ جي قديمي ۽ تاريخي هجڻ جو ثبوت دڙي کان اولھہ طرف بيٺل ٽن قبن واري مسجد آهي. هن مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ ٻن يا ٽن صفن (قطارن) جي گنجائش آهي. مسجد جو ڏکڻ وارو پاسو ڪجهہ شھيد ٿي ويو آهي. ان طرف چون ٿا تہ مدرسو بہ هو، جنهن جي بنيادن جا نشان مسجد جي بنيادن جي برابر مٿاهين ٽٻي تي ڏسجن ٿا. هن مسجد جي اندرين ايراضي 30x20 فوٽ ٿيندي.
مسجد جي محراب واري قبي 50 فوٽ کن اوچي ٿيندي. هن مکيہ وڏي قبي جي ٻنهين پاسي هڪ هڪ ننڍي قبي آهي. هوا لاءِ مسجد کي ٻہ مکيہ منگهہ، هڪ ڏکڻ طرف کان ۽ هڪ اتر طرف کان آهي. هن مسجد جي اڱڻ ۾ بيٺل کٻڙن جي وڻن واري ايراضي 50 فوٽ کن هم چورس آهي. هيءَ مسجد تعمير جو عمدو نمونو آهي.
هن مسجد جي تعمير ۾ ونگن جي ڏانءُ کان ڪم ورتو ويو آهي، جيڪي ونگ ڏهن جي تعداد ۾ آهن. مسجد جي ديوارن ۾ هوا لاءِ ٽي دريون هڪ پاسي ۽ ٽي دريون ٻئي پاسي ٺهيل آهن ۽ انهن تي ننڍا قبا ٺهيل آهن. هن مسجد جي اوڀر طرف عيدگاھہ ۽ مساڻ بہ هئا.
سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي دؤر ۾ ’ڍنڍي‘ شھر پرڳڻي طور استعمال ٿيندو هو. ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌيءَ لکيو آهي تہ ڍنڍي شھر کي ڪتاب ’ حديقة الاولياء‘ جي سنڌي ترجمي ۾ ’ڏندي‘ لکيو ويو آهي، جيڪو درست ’ڍنڍي‘ ٿيندو.
هن شھر مان لڌل ڪن سڪن وسيلي ڍنڍي شھر جي قدامت بابت ڄاڻ ملي ٿي. هي شھر تمام پراڻو ۽ ڪنهن زماني ۾ اوج تي هو. هن شھر ۾ سنڌ جو سرموڙ شاعر شاھہ عبداللطيفءَ ڀٽائي پنھنجي عزيز سيد محمد صلاح بن ابوبڪر وٽ اچي رهندو هو. روايت موجب هي اهو زمانو هو، جنهن ۾ شاھہ سائينءَ پنھنجي تڙ ڏاڏي سيد شاھہ عبدالڪريم بلڙي واري جو مقبرو ٺهرايو. لوڪ شاعريءَ ۾ پڻ هن شھر جو ذڪر ملي ٿو. مثال:
ڍنڍي ۾ ڍورو،
ڀالن هنيا ڀنڀرا،
اجڙيا آري پوٽا.
1877ع کان ويندي 1940ع تائين هن شھر جي آباد رهڻ جو تذڪرو ملي ٿو، پر ورهاڱي کانپوءِ هي شھر بلڪل ختم ٿي ويو. ڪجهہ عرصي کانپوءِ 1960ع ڌاري جڏهن هن علائقي مان پيڃاري، ڍنڍي ۽ بلڙي شاخون نڪتيون ۽ زمين آباد ٿي تہ ڍنڍي شھر نئين سر آباد ٿيو.
هن وقت ڄاڻايل شھر ۾ شيخ، ميربحر (ملاح)، سومرا، کامڙيا، سٺيا ۽ ماڇي رهندڙ آهن. هتي رهندڙ سٺين کي ’ڍانڍي سٺيا‘ چيو وڃي ٿو. ڍنڍيءَ ۾ رهندڙ مشھور شخصيت مولانا الھڏنو ملاح آهي، جنهن ان ڳوٺ ۾ هڪ مدرسو، مسجد ۽ 1983ع ۾ اسڪول بہ کولرايو.
¨ موجودہ وقت ۾ ’ڍنڍي‘ نالي هڪ ديھہ تعلقي ميرپوربٺوري ۾ بہ موجود آهي. ان کان سواءِ سکر ۾ هڪ يونين ڪائونسل بہ ڍنڍي نالي سان آهي،
¨ ڍنڍي نالي هڪ علائقو/ شهر، ٽنڊي محمد خان کان 25 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي سجاول روڊ تي بہ واقع آهي.