ڍولا ويرا

ڍولا ويرا

ڍولا ويرا

ڍولا ويرا

ڍولا ويرا

ڍولا ويرا (Dholavira): سنڌو تهذيب جو هي مشهور ماڳ ڀارت ۾ گجرات رياست جي ضلعي ڪڇ جي تعلقي بچائو (Bhachau) ۾ 23° 53' 10" ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 70° 00' 13" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. ڍولاويرا، گجرات صوبي جي کادر (Khadir) ٻيٽ تي موجود آهي. مقامي طور ان کي ڪوٽڙا ٽمبا سڏيو وڃي ٿو، جنهن جي چوڌاري ڪافي تعداد ۾ ڪڇ جي رڻ جو لوڻ پکڙيل آهي. هي ماڳ ٻن قديم وهڪرن منهر (Manhar) ۽ منسر (Mansar) جي کنڊرن جي صورت ۾ هو، جنهن کي 1967ع ڌاري لڌو ويو. 98-1997ع ۾ هندستان جي قديم آثارن جي ماهر آر. ايس. بشٽ ۽ سندس ساٿين ٽن سالن جي محنت کان پوءِ هن ماڳ کي ڳولي، ان جي رپورٽ انڊين آرڪيالاجي رِويو جي سال 99-1998ع ۾ ڇپائي. هن ماڳ جي کوٽائي ڪري، ان کي سنڌو تهذيب جو همعصر قرار ڏنو ويو آهي. دڙي جي مٿان قبرستان ٺهيل هو، اهو قبرستان 100 هيڪٽرن (247.10 ايڪڙن) جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل هو. اهو ماڳ قلعي بند بستيءَ جي صورت ۾ هو، جنهن جو لاڳاپو سنڌو تهذيب جي مرڪزي شهرن موهن جي دڙي ۽ هڙپا سان هو. هي سنڌو تهذيب جي پنجن وڏن شهرن مان هڪ شهر ڪري ڳڻيو وڃي ٿو، جن ۾ موهن جو دڙو، هڙپا، ڪالي بنگن، گنير والا ۽ ڍولاويرا شامل آهن. هي قلعي بند شهر چئن حصن ۾ ورهايل آهي: (1) وچون شهر/ آبادي، (2) هيٺيون شهر/ آبادي، (3) قلعو، (4) راندين/ ميلن جي ڊوڙ جا ميدان. ان کان سواءِ پاڻيءَ جي ذخيري لاءِ قلعي اندر چئن ئي ڪنڊن تي حوض ٺهيل آهن. قلعو مستطيل ۽ ٿلهين ڀتين جو ٺهيل هو، جيڪو اوڀر کان اولهه ڊيگهه ۾ نظر اچي ٿو. شهر جي رٿا جو نمونو موهن جي دڙي، هڙپا يا ڪالي بنگن جهڙو نه، پر ’بنا والي‘ ماڳ جهڙو آهي، جو ان وانگر هتي به رهائشي جايون قلعي جي ڏکڻ ۾ آهن. ڪالي بنگن ۽ سرڪوٽڙا وانگر قلعي جي اوڀر ۽ اولهه ۾ ٻن وڏين عمارتن جا آثار ملن ٿا، هڪ قلعي بند محل ۽ ٻي ڪا مذهبي عمارت ٿي سگهي ٿي. محلات مٿانهين هنڌ تي برجين سان اڏيل آهي، جنهن کي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ناليون به هيون. شهر جي اتر ۾ وڏو ۽ ڊگهو ميدان ڇڏيل آهي، جيڪو گهڻن مقصدن لاءِ ڪتب ايندو هوندو، جن ۾ گڏجاڻيون، مذهبي رسمن جي ادائگيءَ لاءِ ميڙاڪا، قومي گڏجاڻيون ۽ ميلا وغيره لڳندا هوندا. ٿي سگهي ٿو ته انهيءَ ميدان ۾ ڪي درآمدي/ برآمدي مال جون بازارون به لڳنديون هجن، جتي پري کان مال ڏيڻ ۽ وٺڻ وارا ايندا هجن. ان ميدان کان ٿورو اتر ۾ وچئين شهر ۽ ان کان ٿورو اڳتي اوڀر ۾ هيٺئين شهر جا نشان آهن. محلات جي ڏکڻ ۾ حوضن ملڻ واري هنڌ هڪ والار جا نشان ملن ٿا، جيڪي ڀت سان گڏوگڏ هلن ٿا. اتي شايد شهري آباديءَ جي وڌڻ ڪري نئين آبادي ترتيب ڏني وئي هجي. شهر جو نقشو اهڙو آهي، جهڙو هڙپائي دور جي شهرن جو هوندو هو. هتي ثقافت جا 9 مرحلا ملن ٿا، اهي سمورا مرحلا کوٽائيءَ کان پوءِ مليا آهن، جن کي آثار قديمه جي ماهرن تفصيل سان لکيو (Documented) آهي. سنڌو تهذيب، هڪ شهري ثقافت هئي، جيڪا 1500 سال يعني 3000 ق. م کان 1500 ق. م تائين هتي زندهه رهي. پهرئين مرحلي ۾ هڪ مضبوط قلعو مليو، جيڪو هاڻي محلات واري دڙي جي هيٺان آهي. انهيءَ دٻيل قلعي جي ڏکڻ واري ٻانهين ماڳ جي ڏکڻ-اتر ۾ نظر اچي ٿي، جنهن جا 11.10 ميٽر ڊيگهه ۾ بنياد اڃا بيٺا آهن. پنجين مرحلي ۾ پهرئين شهر مان مختلف قسم جون وٿون ملن ٿيون، جن ۾ ٺڪراٺو، مهرون ۽ وٽ آهن، ان کان پوءِ ٻن ٽن ڏهاڪن تائين شهر شايد اڻ وسيل رهيو، پر اهو ڪو گهڻو عرصو ڪو نه هو، ترت پوءِ ئي انهيءَ تهه مان هڪ نئون ثقافتي دور ملي ٿو، جيڪي وٿون ملن ٿيون، تن ۾ ٺڪراٺو اهم آهي، جيڪو سنڌ ۽ راجسٿان مان آندل ٿو ڏسجي. هي ماڳ 3000 ق. م ڌاري آباد ٿيو ۽ 2100 ق. م ۾ هن شهر جو عروج گهٽيو ۽ 1450 ق. م. مڪمل طور ڦٽي ويو.
کوٽائيءَ کانپوءِ هن وسنديءَ جا 7 دؤر ملن ٿا:
(1) 2550- 2650 ق. م، جيڪو اوائلي هڙپائي دؤر (Early Harappan) سان واسطو رکي ٿو.
(2) 2500- 2550 ق. م، جيڪو هڙپائي اوج (Mature) واري دؤر سان واسطو رکي ٿو.
(3) 2200- 2500 ق. م هڙپائي اوج وارو دؤر، جنهن کي الف هڙپائي دؤر سان ظاهر ڪيو ويو آهي.
(4) 2000- 2200 ق. م هڙپائي اوج وارو دؤر،
(5) 1900- 2000 ق. م. هڙپائي اوج وارو دؤر،
(6- الف) 1850- 1950 ق. م جنهن دؤر ۾ ماڳ تباهه ٿيو،
(6- ب) 1750-1850 جنهن ۾ وري ڳوٺ جي صورت ۾ آباد ڪيو ويو.
(6- ث) 1650-1750 ق. م جنهن دؤر ۾ اهو ڳوٺ به برباد ٿي ويو،
(7) 1451-1650 ق. م ۾ ٻيهر ڳوٺاڻي زندگيءَ جا آثار ملن ٿا، جنهن کي هڙپائي ڳوٺاڻي دؤر جو نالو ڏنو ويو، پر 1450 ق. م کان پوءِ ڪا به اهڙي وٿ يا نشاني نٿي ملي، جو چئي سگھجي ته هن کي ڪو وري وسايو ويو هو.
1989ع کان هن ماڳ جي کوٽائي آر. ايس. بشٽ جي نگرانيءَ ۾ شروع ٿي. کوٽائي ڪندي صاف سُٿري ڳوٺاڻي زندگيءَ ۽ اڏاوتن جا آثار ۽ ٻيون وٿون مليون آهن، جن ۾ مهرون، مڻيا، جانورن جا هڏا، ٺڪر جي ٿانون جا ٽڪرا، سون، چاندي ۽ مختلف ڌاتن جا زيور شامل آهن. ملندڙ ٿانون جو تعلق ۽ نمونو موهن جي دڙي مان نڪتل ٿانون سان ملي ٿو. ان لاءِ چئي سگھجي ٿو ته ڍولاويرا جا ماڻهو گجرات، سنڌ، پنجاب ۽ الهندي ايشيا جي ملڪن سان تجارت ڪندا هئا. اڏاوتن کي ڏسي چئي سگھجي ٿو ته هي وسندي لوٿل نالي ماڳ کان به پراڻي آهي، جيڪا 100 هيڪٽرن تي پکڙيل آهي. اها ايراضي 7710.10 ميٽر ڊيگهه ۽ 610.85 ميٽر ويڪر ۾ آهي. موهن جي دڙي ۽ هڙپا وانگر گھرن جون اڏاوتون جاميٽريءَ جي اصولن موجب رٿيل آهن.
وچئين ۽ هيٺئين شهر کي الڳ قلعو ڏئي محفوظ ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ هڪ الڳ قلعو به ڏکڻ طرف ملي ٿو، جنهن جي برجين جا نشان موجود آهن. هن ماڳ جي اهم سڃاڻپ ان جون ڀتيون آهن، جيڪي پٿر سان اوساريل آهن. جڏهن ته موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جون ڀتيون پڪين سرن سان اوساريل آهن. حوض کان سواءِ هڪ گول نموني جي اڏاوت ملي ٿي، جنهن کي قبرستان چئي سگھجي ٿو، پر ڪنهن به قسم جي مردي جي هاٺي هتان نه ملي آهي، جنهنڪري اهو ڪو مذهبي يادگار ٿي سگھي ٿو. موهن جي دڙي ۽ هڙپا مان ڪيتريون ئي مهرون مليون آهن، جن تي ڪا لکت آهي ۽ اڄ تائين پڙهجي نه سگھي آهي. اهڙي قسم جي لکت واريون مهرون هتان به مليون آهن، جيڪي ٽامي ۽ ڪنجھي جون آهن. ڪي مهرون ٺڪر جون به آهن. گمان آهي ته اهي مهرون ڪاروبار ۽ انتظامي طور ڳڻڻ، ياداشت رکڻ يا ڪن حڪمن ڏيڻ لاءِ هيون. ڍولاويرا مان موهن جي دڙي جي لکت جون ڪل ڏهه مهرون مليون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو