
ڍولا ويرا

ڍولا ويرا
ڍولا ويرا (Dholavira): سنڌو تھذيب جو هي مشھور ماڳ ڀارت ۾ گجرات رياست جي ضلعي ڪڇ جي تعلقي بچائو (Bhachau) ۾ 23° 53' 10" ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 70° 00' 13" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. ڍولاويرا، گجرات صوبي جي کادر (Khadir) ٻيٽ تي موجود آهي. مقامي طور ان کي ڪوٽڙا ٽمبا سڏيو وڃي ٿو، جنهن جي چوڌاري ڪافي تعداد ۾ ڪڇ جي رڻ جو لوڻ پکڙيل آهي. هي ماڳ ٻن قديم وهڪرن منهر (Manhar) ۽ منسر (Mansar) جي کنڊرن جي صورت ۾ هو، جنهن کي 1967ع ڌاري لڌو ويو. 98-1997ع ۾ هندستان جي قديم آثارن جي ماهر آر. ايس. بشٽ ۽ سندس ساٿين ٽن سالن جي محنت کان پوءِ هن ماڳ کي ڳولي، ان جي رپورٽ انڊين آرڪيالاجي رِويو جي سال 99-1998ع ۾ ڇپائي. هن ماڳ جي کوٽائي ڪري، ان کي سنڌو تھذيب جو همعصر قرار ڏنو ويو آهي. دڙي جي مٿان قبرستان ٺهيل هو، اهو قبرستان 100 هيڪٽرن (247.10 ايڪڙن) جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل هو. اهو ماڳ قلعي بند بستيءَ جي صورت ۾ هو، جنهن جو لاڳاپو سنڌو تھذيب جي مرڪزي شهرن موهن جي دڙي ۽ هڙپا سان هو. هي سنڌو تھذيب جي پنجن وڏن شهرن مان هڪ شھر ڪري ڳڻيو وڃي ٿو، جن ۾ موهن جو دڙو، هڙپا، ڪالي بنگن، گنير والا ۽ ڍولاويرا شامل آهن. هي قلعي بند شھر چئن حصن ۾ ورهايل آهي: (1) وچون شھر/ آبادي، (2) هيٺيون شھر/ آبادي، (3) قلعو، (4) راندين/ ميلن جي ڊوڙ جا ميدان. ان کان سواءِ پاڻيءَ جي ذخيري لاءِ قلعي اندر چئن ئي ڪنڊن تي حوض ٺهيل آهن. قلعو مستطيل ۽ ٿلهين ڀتين جو ٺهيل هو، جيڪو اوڀر کان اولھہ ڊيگهہ ۾ نظر اچي ٿو. شھر جي رٿا جو نمونو موهن جي دڙي، هڙپا يا ڪالي بنگن جهڙو نه، پر ’بنا والي‘ ماڳ جهڙو آهي، جو ان وانگر هتي بہ رهائشي جايون قلعي جي ڏکڻ ۾ آهن. ڪالي بنگن ۽ سرڪوٽڙا وانگر قلعي جي اوڀر ۽ اولھہ ۾ ٻن وڏين عمارتن جا آثار ملن ٿا، هڪ قلعي بند محل ۽ ٻي ڪا مذهبي عمارت ٿي سگهي ٿي. محلات مٿانهين هنڌ تي برجين سان اڏيل آهي، جنهن کي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ناليون بہ هيون. شھر جي اتر ۾ وڏو ۽ ڊگهو ميدان ڇڏيل آهي، جيڪو گهڻن مقصدن لاءِ ڪتب ايندو هوندو، جن ۾ گڏجاڻيون، مذهبي رسمن جي ادائگيءَ لاءِ ميڙاڪا، قومي گڏجاڻيون ۽ ميلا وغيرہ لڳندا هوندا. ٿي سگهي ٿو تہ انهيءَ ميدان ۾ ڪي درآمدي/ برآمدي مال جون بازارون بہ لڳنديون هجن، جتي پري کان مال ڏيڻ ۽ وٺڻ وارا ايندا هجن. ان ميدان کان ٿورو اتر ۾ وچئين شھر ۽ ان کان ٿورو اڳتي اوڀر ۾ هيٺئين شھر جا نشان آهن. محلات جي ڏکڻ ۾ حوضن ملڻ واري هنڌ هڪ والار جا نشان ملن ٿا، جيڪي ڀت سان گڏوگڏ هلن ٿا. اتي شايد شھري آباديءَ جي وڌڻ ڪري نئين آبادي ترتيب ڏني وئي هجي. شھر جو نقشو اهڙو آهي، جهڙو هڙپائي دور جي شهرن جو هوندو هو. هتي ثقافت جا 9 مرحلا ملن ٿا، اهي سمورا مرحلا کوٽائيءَ کان پوءِ مليا آهن، جن کي آثار قديمہ جي ماهرن تفصيل سان لکيو (Documented) آهي. سنڌو تهذيب، هڪ شھري ثقافت هئي، جيڪا 1500 سال يعني 3000 ق. م کان 1500 ق. م تائين هتي زندھہ رهي. پهرئين مرحلي ۾ هڪ مضبوط قلعو مليو، جيڪو هاڻي محلات واري دڙي جي هيٺان آهي. انهيءَ دٻيل قلعي جي ڏکڻ واري ٻانهين ماڳ جي ڏکڻ-اتر ۾ نظر اچي ٿي، جنهن جا 11.10 ميٽر ڊيگهہ ۾ بنياد اڃا بيٺا آهن. پنجين مرحلي ۾ پهرئين شھر مان مختلف قسم جون وٿون ملن ٿيون، جن ۾ ٺڪراٺو، مهرون ۽ وٽ آهن، ان کان پوءِ ٻن ٽن ڏهاڪن تائين شھر شايد اڻ وسيل رهيو، پر اهو ڪو گهڻو عرصو ڪو نہ هو، ترت پوءِ ئي انهيءَ تھہ مان هڪ نئون ثقافتي دور ملي ٿو، جيڪي وٿون ملن ٿيون، تن ۾ ٺڪراٺو اهم آهي، جيڪو سنڌ ۽ راجسٿان مان آندل ٿو ڏسجي. هي ماڳ 3000 ق. م ڌاري آباد ٿيو ۽ 2100 ق. م ۾ هن شھر جو عروج گهٽيو ۽ 1450 ق. م. مڪمل طور ڦٽي ويو.
کوٽائيءَ کانپوءِ هن وسنديءَ جا 7 دؤر ملن ٿا:
(1) 2550- 2650 ق. م، جيڪو اوائلي هڙپائي دؤر (Early Harappan) سان واسطو رکي ٿو.
(2) 2500- 2550 ق. م، جيڪو هڙپائي اوج (Mature) واري دؤر سان واسطو رکي ٿو.
(3) 2200- 2500 ق. م هڙپائي اوج وارو دؤر، جنهن کي الف هڙپائي دؤر سان ظاهر ڪيو ويو آهي.
(4) 2000- 2200 ق. م هڙپائي اوج وارو دؤر،
(5) 1900- 2000 ق. م. هڙپائي اوج وارو دؤر،
(6- الف) 1850- 1950 ق. م جنهن دؤر ۾ ماڳ تباھہ ٿيو،
(6- ب) 1750-1850 جنهن ۾ وري ڳوٺ جي صورت ۾ آباد ڪيو ويو.
(6- ث) 1650-1750 ق. م جنهن دؤر ۾ اهو ڳوٺ بہ برباد ٿي ويو،
(7) 1451-1650 ق. م ۾ ٻيهر ڳوٺاڻي زندگيءَ جا آثار ملن ٿا، جنهن کي هڙپائي ڳوٺاڻي دؤر جو نالو ڏنو ويو، پر 1450 ق. م کان پوءِ ڪا بہ اهڙي وٿ يا نشاني نٿي ملي، جو چئي سگهجي تہ هن کي ڪو وري وسايو ويو هو.
1989ع کان هن ماڳ جي کوٽائي آر. ايس. بشٽ جي نگرانيءَ ۾ شروع ٿي. کوٽائي ڪندي صاف سُٿري ڳوٺاڻي زندگيءَ ۽ اڏاوتن جا آثار ۽ ٻيون وٿون مليون آهن، جن ۾ مهرون، مڻيا، جانورن جا هڏا، ٺڪر جي ٿانون جا ٽڪرا، سون، چاندي ۽ مختلف ڌاتن جا زيور شامل آهن. ملندڙ ٿانون جو تعلق ۽ نمونو موهن جي دڙي مان نڪتل ٿانون سان ملي ٿو. ان لاءِ چئي سگهجي ٿو تہ ڍولاويرا جا ماڻهو گجرات، سنڌ، پنجاب ۽ الهندي ايشيا جي ملڪن سان تجارت ڪندا هئا. اڏاوتن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو تہ هي وسندي لوٿل نالي ماڳ کان بہ پراڻي آهي، جيڪا 100 هيڪٽرن تي پکڙيل آهي. اها ايراضي 7710.10 ميٽر ڊيگهہ ۽ 610.85 ميٽر ويڪر ۾ آهي. موهن جي دڙي ۽ هڙپا وانگر گهرن جون اڏاوتون جاميٽريءَ جي اصولن موجب رٿيل آهن.
وچئين ۽ هيٺئين شھر کي الڳ قلعو ڏئي محفوظ ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ هڪ الڳ قلعو بہ ڏکڻ طرف ملي ٿو، جنهن جي برجين جا نشان موجود آهن. هن ماڳ جي اهم سڃاڻپ ان جون ڀتيون آهن، جيڪي پٿر سان اوساريل آهن. جڏهن تہ موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جون ڀتيون پڪين سرن سان اوساريل آهن. حوض کان سواءِ هڪ گول نموني جي اڏاوت ملي ٿي، جنهن کي قبرستان چئي سگهجي ٿو، پر ڪنهن بہ قسم جي مردي جي هاٺي هتان نہ ملي آهي، جنهنڪري اهو ڪو مذهبي يادگار ٿي سگهي ٿو. موهن جي دڙي ۽ هڙپا مان ڪيتريون ئي مهرون مليون آهن، جن تي ڪا لکت آهي ۽ اڄ تائين پڙهجي نہ سگهي آهي. اهڙي قسم جي لکت واريون مهرون هتان بہ مليون آهن، جيڪي ٽامي ۽ ڪنجهي جون آهن. ڪي مهرون ٺڪر جون بہ آهن. گمان آهي تہ اهي مهرون ڪاروبار ۽ انتظامي طور ڳڻڻ، ياداشت رکڻ يا ڪن حڪمن ڏيڻ لاءِ هيون. ڍولاويرا مان موهن جي دڙي جي لکت جون ڪل ڏھہ مهرون مليون آهن.