ڍولو (لوڪ گيت): هيءُ لوڪَ گيت جو هڪ قسم آهي، جيڪو سنڌ جي اترئين ڀاڱي ۾ رائج آهي. شادي مرادي ۽ ٻين خوشين جي موقعن تي هي گيت ڳاتو ويندو آهي. روايت آهي تہ هي گيت مشھور عشقيہ داستان ’ڍول مارو‘ جي اثر هيٺ اسريو، ’ڍول مارو‘ سنڌ جي ٿر واري ريگستاني علائقي ۽ اوڀر طرف راجسٿان جي علائقي جو مشھور عشقيہ داستان آهي، جنهن ۾ ’ڍولو‘، سورمي ’مارو‘ جو محبوب آهي. مضمون جي لحاظ کان هي گيت محبت وارن جي سڪ، ملاقات ۽ جذبات جو آئينو آهي. پياري دوست جي ساراھہ هن گيت جو مرڪزي مضمون آهي. هي گيت سرائڪي ٻوليءَ ۾ چيل آهي. هن گيت جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
بزار وڪانديان ريڙهيان، ميڏا ڍول وهيندا ٻيڙيان
پتڻ ملهيسان، جيوين ڍولا...
ڍولا پاردا، ڍولي ڪون سمجهاوين، ڍولا اکين ماردا
بزار وڪاندا تيل وي، تو موٽر تي مين ريل تي
ڏوهين چيزان تکيان، جيون ڍولا