ڍوليو ڍٽ ڌڻي

ڍوليو ڍٽ ڌڻي

ڍوليو ڍٽ ڌڻي

ڍوليو ڍٽ ڌڻي (ڪتاب): هي ڪتاب نامور اديب ۽ محقق معمور يوسفاڻيءَ جي تحقيقي مقالن تي مشتمل آهي، جنهن کي اسد جمال پليءَ ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مقالن ۾ شاھہ لطيف ۽ ٻين شاعرن: قاضي قادن، شاھہ عبدالڪريم بلڙي واري، شاھہ لطف قادري، ميين شاھہ عنات رضوي، شاھہ شريف رضوي، شاھہ بلال رضوي، شاھہ قطب رضوي، عبدالرحيم گرهوڙي، سچل سرمست، صوفي صديق فقير، مراد فقير زنگيجي، ڀائي چئنراءِ لنڊ (سامي)، خليفي نبي بخش ’قاسم‘، شاھہ شريف ڀاڏائي، حمل فقير، عبدالقادر ’بيدل‘، سدرام ڀڳت، مل فقير، منٺار فقير، حافظ درمحمد ۽ مولانا حاجي احمد ملاح جي شاعريءَ جو تقابلي جائزو پيش ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ معمور يوسفاڻيءَ جا ٻہ بھترين مقالا ’تصوف ڇا آهي‘ ۽ ’ڀٽ ڌڻيءَ جي شاعريءَ جا بنيادي ماخذ‘ بہ شايع ٿيل آهن. هن ڪتاب ۾ هر هڪ شاعر جي ڪلام کي شاھہ لطيف جي ڪلام سان سھڻي نموني ڀيٽيو ويو آهي.
ڪتاب جو مقدمو پاڻ مرتب تحرير ڪيو آهي. ڪتاب جو انتساب نامياري محقق، تاريخدان ۽ عالم راڄ محمد پليءَ جي نالي ٿيل آهي. ڊيمي سائيز جو هيءُ ڪتاب مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور پاران 2003ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. 188 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 80 روپيا آهي.


لفظ ڍوليو ڍٽ ڌڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو