
ڍير مٺو فقير لُنڊ
ڍير مٺو فقير لُنڊ: درويش مٺو فقير ذات جو لُنڊ بلوچ هو. پنھنجي اباڻي ڳوٺ ڦلهڏيون کان ڏکڻ طرف تعلقي کپري ۽ ضلعي سانگهڙ ۾ 1150ھہ/ 1737ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس مادري ٻولي سرائيڪي هئي. عشق مجازي جي چوٽ لڳس. هڪ اوڏڻ جيڪا نهايت ئي حسين پر اکين کان نابين هئي، اوڏن کان ان جي رشتي جي طلب ڪيائين، پر انڪار ڪيائون ۽ اهي اوڏ عمرڪوٽ طرف لڏي هليا ويا. چون ٿا تہ محبوب جي شھر (عمرڪوٽ) جي ڏيئن ڏسڻ خاطر مٽيءَ جو اوچو دڙو ٺاهڻ شروع ڪيائين. مٽن مائٽن، يارن، دوستن، پنهنجن پراون ۽ ننڍن توڙي وڏن گهڻو سمجهايس، پر ڪونه مڃيائين . ساندھہ ست سال اهو دڙو ٺاهيندو رهيو. مٽي جا ڏلها ٽوڪرا ڍوئڻ سبب سندس مٿي ۾ ڪيڙا پئجي ويا، پر بس نہ ڪيائين.
روايت موجب عبدالرحيم گرهوڙيءَ کي ڪي ماڻهو مٺي فقير کي سمجهائڻ لاءِ عرض ڪري وٺي آيا، جنهن فقير کي سرائڪيءَ ۾ چيو ته،
”آ تہ تيڪون تيڏي محبوب دي شھر دي ڏيوي ڏکلاوان“. ائين چئي رات جي پهرئين پھر ۾ دڙي تي بيهي فقير جو هٿ جهلي چيائين:
”او! ڏيک تيڏي محبوب دي شھر دي ڏيوي، هُڻ بس ڪر!“
چون ٿا تہ فقير کي ڪي ڌنڌلا ڏيئا ڏسڻ ۾ آيا، تہ کڻي بس ڪيائين. ڪجهہ عرصي بعد، اوڏ وري واپس لڏي آيا ۽ تقدير جي لکئي موجب مٺي فقير کي رشتو ڏيئي ڇڏيائون. بعد ۾ اها مائي مسلمان ٿي، جنهن مان فقير کي ڪافي اولاد بہ ٿيو. مٺي فقير اندازاً 1220ھہ/ 1805ع ڌاري وفات ڪئي. سندس جوڙيل مٽيءَ جو دڙو ’ڍير مٺو فقير‘ جي نالي سان مشھور آهي. فقير جي آخري آرامگاھہ انهيءَ دڙي جي چوٽيءَ تي موجود آهي.