ڍينگهر: ڍينگهر، ٻير، ڪنڊيءَ، ڪونڀٽ يا ٻٻر جهڙي ڪنهن به ڪنڊائين وڻ جي ڏار کي ڍينگهر ۽ ڇانگن کي ڍينگهريون سڏيو ويندو آهي. ڍينگهر/ ڍينگهريون، ٻهراڙيءَ ۾ گهرن جي لوڙهي طور استعمال ٿينديون آهن.
’ڍينگهر‘ لفظ جي نسبت سان سنڌي زبان ۾ ڪيترا اصطلاح آهن، جهڙوڪ:
(1) ڍينگهر ٿي وڃڻ: ڏُٻرو ٿي وڃڻ، ڪمزور ٿيڻ، هيڻو ٿي وڃڻ.
(2) ڍينگهر ڍار رهڻ: ڍينگهرن جي ڇانوَ هيٺ رهڻ، غريباڻي نموني رهڻ،
(3) ڍينگهرن تي اٽو هارڻ: بي فائدا ڪم ڪرڻ، اجايا ڪم ڪرڻ يا اڻ لائق سان لائق ڪرڻ.