ڍينگو

ڍينگو

ڍينگو

ڍينگو: ڍينگو، هرلي يا نار جي تڙ واري چَڪري يا ڀانڊي کي چئبو آهي. ائٽ جي چڪري يا چرخي کي به ڍينگو چيو ويندو آهي. نار يا هرلي جي سڄي سهٽ/ صورت ’ڍينگو‘ سڏبي آهي. ڍينگي جا ٻه مکيه حصا هوندا آهن، جيڪي هڪ ڊگهي، ٿلهي ڪاٺيءَ وسيلي، جنهن کي لٺ (axle) چون، ملايل هوندا آهن. هڪ حصو، جنهن کي ’گيڙڪ‘ چئبو آهي، سو سُڪيءَ تي سڌي پڙ سان هوندو آهي. ڍينگي جو هيءَ حصو محرڪ (Motor) طور ڪم ڪندو آهي، جنهن ۾ ڏاند (هڪ يا ٻه)، پاڏو يا اٺ جوٽي هلائبو آهي. ان جي هڪ پاسي ڪاڃڻ، مڪڙو، مُهرو، ڀاروني، ڳاڌي، ڏندي واري چڪر (Ratchet) ۽ ارن چڪر(Cog-Wheel) مکيه ڪاٺيون هونديون آهن، جيڪي ڍينگي جي ٻئي حصي يعني ’ٻائڙ‘ کي ڦرڻ ۾ مدد ڪنديون آهن. شاهه لطيف ’ٻائڙ‘ لفظ هيٺينءَ ريت ڪم آندو آهي:
سُورن سانگهارو، ڪڏهن تان ڪونه ڪيو،
آيل! اوڀارو، ’ٻاڙوڌو‘ ٻوڙ وهي!
(شاهواڻي، سُر حسيني، داستان ڇهون، بيت 8)
سانگهارو سورن، ڪڏهن تان ڪونه ڏنو،
ٻائڙ‘ ٻوڙ وهن، ڪالهوڻيا اڄ گهڻا!
(شاهواڻي، سُر حسيني، داستان ڇهون، بيت 9)
ٻيو حصو ’ٻائڙ‘ سڏبو آهي، جيڪو نار جي پاڻيءَ، کوهه يا کوهاڏي واري پاسي هوندو آهي. هن جو گول چڪرو ڪِنگرين سان پاڻي ڪڍڻ جو ڪم ڪندو آهي. هن حصي ۾ لٺ(axle) جو ٿلهو ڇيڙو، اوڀارا (Spokes)، ونگڙيون (Felloes)، اِرڙيون، مالهه ۽ ڪِنگر (لوٽيون ۽ لوٽا) هوندا آهن.
ڍينگو اصل ۾ نار جي ڪرتب جو ڪلي جز(Mechanical element) جز آهي.
سنڌيءَ ۾ ’ڍينگو ڍيري ٿيڻ‘ اصطلاح ڪم ايندو آهي، جنهن جي معنيٰ برباد ٿيڻ، ناس ٿيڻ، تباهه ٿيڻ، چَٽ ٿيڻ وغيره آهي.


لفظ ڍينگوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو