ڍٻ گهوڙي (راند): هن راند ۾ پنجن کان ڇھن ٻارن جون ٻہ ٽوليون ٿينديون آهن. سِڪي جي ٽاس سان هڪ ٽوليءَ وارا وڻ يا ڀت ۾ منهن هڻي هڪ ٻئي پٺيان پنھنجي اڳئين ساٿيءَ جي چيلھہ ۾ ٻک هڻي هڪ پاسي ڪنڌ هيٺ ڪري بيهندا آهن. آڳ وٺڻ واري ٻي ٽوليءَ جو هڪ همراھہ ٿورو پري کان ڊوڙي ٽپو ڏئي ڪٻڙي ٿيل ساٿين کان مٿي وڃي پهرئين بيٺل همراھہ جي پٺيءَ تي ويهندو آهي. ان جي پٺيان واري واري سان آڳ وٺندڙ ساٿي ٽپو ڏيئي پنھنجي ويٺل ساٿين جي پٺيان پنھنجي ساٿيءَ کي ڀاڪر وجهي ويهندا آهن. ان دوران انهن کي خبرداريءَ سان ٽپ ڏئي اهڙيءَ طرح ويهڻو آهي، جيئن پوئين ايندڙ ساٿيءَ کي ويهڻ جي جاءِ ملي وڃي. جڏهن سڀ ساٿي سلامتيءَ سان ويهي ويندا تہ ان آڳ ڏيندڙ ٽولي جا ساٿي جيسين ٽڪي چڙهڻ جو اعلان نہ ڪندا، تيستائين اهي سوار ويٺا رهندا. جيڪڏهن ٽڪي چڙهي تہ سڀ لهندا ۽ ٻيهر وري ساڳيو عمل ڪندا، پر جيڪڏهن آڳ وٺندڙن مان ڪو بہ ٻار ٽپو ڏئي نہ سگهيو ۽ ڪري پيو تہ آڳ وٺڻ وارن کان ڄڻ هنن هارايو ۽ اهي وڻ يا ڀت ۾ منهن هڻي ڪٻڙا ٿي هڪ ٻئي کي ٻک وجهي بيهندا ۽ کٽيندڙ ڌر کي وارو ڏيندا.