
ڍٽ ڍاٽ
ڍٽ/ ڍاٽ: هي ضلعي ٿرپارڪر جي وچ وارو علائقو آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ’ڍَٽ‘ ۽ ڍاٽڪيءَ ۾ ’ڍاٽ‘ سڏيو ويندو آهي. عام طور ٿر ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، هڪ ڍٽ/ ڍاٽ: جنهن ۾ ٿر جو وارياسو ڀٽن وارو علائقو اچي ٿو ۽ ٻيو پَٽ، جنهن ۾ سنئين، سڌي، سخت زمين ۽ ميداني علائقو شامل ڪري سگهجي ٿو.
هندستاني تاريخدانن، مهتا ميڻتي، منشي ديوي پرشاد، پنڊت گوري شنڪر اوجها ۽ لڪشمي ڪماري ڪونڊوات ۽ ٻين ننڍي کنڊ جي ريگستان کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي. هڪ راجپوتانه ۽ ٻيو ڍاٽ. راجپوتانه، هندستان ۾ ايندڙ سموري ٿر کي ۽ ڍاٽ، سنڌ واري ٿر کي سڏيو آهي.
تاريخي لحاظ کان ڍٽ/ ڍاٽ تي راجپوت سوڍن حڪومت ڪئي ۽ اڃا تائين اهو خاندان گادي نشينيءَ جو سلسلو جاري رکندو اچي. ڍاٽ/ ڍَٽ جي گاديءَ جو مرڪز امرڪوٽ (عمرڪوٽ) رهيو آهي. پاڪستان ٺھڻ کان هڪ سال اڳ 1946ع ۾ راڻي چندرسنگهہ کي ڍاٽ جي راجپوتن پنجويهين راڻي جي حيثيت سان تاجپوشي ڪري گاديءَ تي ويهاريو هو. سندس وفات کانپوءِ هن وقت سندس پٽ راڻو هميرسنگهہ، ڍاٽ جو ڇويهون راڻو مقرر ڪيو ويو آهي.
ٻيءَ روايت موجب ڍاٽ/ ڍٽ، قديم عشقيہ داستان جي ڪري بہ مشھور آهي، اهو ’ڍولا مارو‘ جو عشقيہ داستان آهي، جنهن کي ٿري لوڪ داستانن ۾ وڏي اهميت حاصل رهي آهي. ڍٽ جي هن لوڪ روايت کي پذيرائي ان ڪري بہ ملي، جو سنسڪرت جي مشھور گرامر نويس عالم ’پاڻڻي‘ هن لوڪ قصي کي گرامر جي اصولن ۽ قاعدن هيٺ سنسڪرت ۾ تحرير ڪيو.
تاريخي روايتن مان معلوم ٿئي ٿو تہ ڌوم راجا جي ونش مان آبُو جو پهريون راجا سڌوراج، ڏهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ٿي گذريو آهي، کيس نوَ (9) ڀائر هئا، جن کي هن پنهنجو راڄ ورهائي ڏنو ۽ انهن نون راڄڌانين جي ڪري ’نوڪوٽي‘ (نوَ ڪوٽن وارو مارواڙ) مشھور ٿيو، جنهن بابت هيٺيون ڇند مشھور آهي:
مــنڏوور سـانوت هـو، اجمـيـر سـنڌو سو،
گڍ پونگل گجمال هو، لودروي ڀانڀو،
آل پـال، ارٻــڌ، ڀـوڄـــراج، جـالـنــڌر،
جوگراج ڌر ڍاٽ هُوئا، هانسو پارڪر،
نوڪوٽ ڦراڙو سنجوگتا، ٿر پنوار ٿاپيا،
ڌرڻي براھہ ڌر ڀائيان، ڪوٽ بانٽ جُو جُو ڪيا.
تاريخي طور ڍٽ ۽ ٻيا مختلف علائقا پهرين مارواڙ سان گڏيل هئا ۽ بعد ۾ خانداني ورهاست سبب هن خطي (ڍاٽ) جي الڳ سڃاڻپ قائم ٿي. وڪرمي سنبت 1054/ 994ع ڌاري الور، امرڪوٽ، ننگرپارڪر، مارواڙ جي راجا ’ڌرڻي براھہ‘ جي هٿ ۾ هئا ۽ سندس پٽ ’جوگيراج‘ امرڪوٽ تي راڄ ڪندو هو.
يارهين صديءَ جي شروعات ۾ بہ امرڪوٽ تي پرمارن جي حڪومت هئي. ان وقت ڏکڻ ٿر، يعني هاڻوڪي مٺي، ڏيپلي ۽ ڇاڇري شھر کان اولھہ طرف سڄي خطي تي سومرن جو راڄ هو، جنهن کي ’دِيرڪ‘ پرڳڻو بہ چوندا هئا، جن پرمارن کان امرڪوٽ فتح ڪيو هو. سومرن امرڪوٽ کي گاديءَ جو هنڌ بنايو ۽ ان وقت سندن هاڪارو راجا همير سومرو ٿيو. اهڙيون ڪيتريون مختصر تاريخي شاهديون موجوب آهن، جن بابت چئي سگهجي ٿو تہ ڍٽ، قديم زماني کان وٺي پرڳڻو رهندو پئي آيو آهي. هن تي ڪڏهن پرمارن تہ ڪڏهن سوڍن ۽ سومرن بادشاهي پئي ڪئي آهي.
’تاريخ ريگستان‘ ۾ رائيچند هريجن لکي ٿو ته، ڍاٽ (اڳوڻي امرڪوٽ پرڳڻي) ۾ جيڪي اڄ تائين گيت ڳايا وڃن ٿا، تن ۾ سومرن ۽ سوڍن کي ساراهيو ويو آهي، انهن گيتن جا نالا: ڦولان، ڪنڪريو ڪوٽ ۽ آنٻا آنٻلي وغيرہ آهن.
سن 1439ع ۾ همير سومري هارايو ۽ راڻي همير سوڍي امرڪوٽ تي قبضو ڪيو. ان بعد ترتيبوار راڻو ڌارا برش، راڻو درجنشال، راڻو کينهرو ۽ راڻو اوتاردي راڻا بڻيا. ان وقت جيتوڻيڪ انهن وٽ حڪومت ڪانہ هئي، تہ بہ راڄ پاران کين ’راڻپ‘ جو لقب مليل هو. جيئن هن وقت بہ رائج آهي.
1783ع ۾ مير فتح علي ٽالپر، ڪلهوڙن کان سنڌ فتح ڪئي، ان وقت ڍٽ جا سوڍا خودمختيار ٿي رهڻ لڳا. اُهي ڪلهوڙن کي جيڪو ڏن ڏيندا هئا، سو ٽالپرن کي ڏيڻ بند ڪري ڇڏيائون. مير فتح علي خان ڏٺو تہ هي سختيءَ کان سواءِ سنوت نہ ڏيندا، ان ڪري هن سوڍن تي حشمت ڄمائڻ ۽ پنھنجي بچاءَ خاطر ڍٽ جي مختلف علائقن ۾ قلعا تعمير ڪرايا. مٺيءَ وارو قلعو 1789ع ۾ ٺهيو، بعد ۾ 1795ع ۾ اسلام ڪوٽ ۽ چيلهار ۾ قلعا جوڙايا ويا ۽ سال 1800ع ۾ سينگاري ۽ کُڏي ۾ قلعا ٺهرايا ويا.
1843ع ۾ انگريزن جي اچڻ کانپوءِ هن قديم خطي جي انتظامي جداگانه حيثيت قائم ٿي. مٺي، ڇاڇري، ڏيپلي ۽ ننگرپارڪر ۾ بازاريون ٺهرايون ويون. ان کانپوءِ اسڪول، اسپتالون، پوسٽ آفيسون ۽ ٻيا ترقياتي ڪم ڪرايا ويا.
ڍٽ، ٿرپارڪر جي وچ وارو اهو ڀاڱو آهي، جنهن کي ٿرپارڪر جا جملي ڀاڱا لڳن ٿا. ڍٽ جي اتر اوڀر ۾ کائڙ، اوڀر ڏکڻ ۾ ڪنٺو، ڏکڻ- اوڀر ۾ پارڪر، ڏکڻ اولھہ ۾ سامروٽي، ڏکڻ ۾ وٽ، اتر اولھہ ۾ ونگو، اتر ۾ مهراڻو، اتر اوڀر ۾ اڇڙو ٿر واقع آهن. ايراضيءَ جي لحاظ کان ٿرپارڪر جو هي ڀاڱو ٻين سڀني علائقن جي ڀيٽ ۾ ڪجهہ وڏو آهي. عام سوچ مطابق ٿر جي انهن مختلف علائقن جي جيڪا قديمي ورڇ ٿيل آهي، سا اڄ بہ انهيءَ حالت ۾ ساڳي ٻڌائي وڃي ٿي. ضلعي حڪومت مختلف يونين ڪائونسلن کي تقسيم ڪري، ٿر جي هنن تاريخي ڀاڱن کي هڪٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو آهي.
ڍٽ/ ڍاٽ لفظ جي بڻ بنياد ۽ مطلب بابت متضاد رايا ملن ٿا:
’تاريخ راجسٿان‘ (جلد ٽيون، ص: 1295، سال 1990ع) ۾ جيمس ٽاڊ ڄاڻائي ٿو ته، ”ڍاٽ يا ڍاٽي راجپوتن جو قبيلو آهي، جيڪي ڍاٽ ۾ رهن ٿا. اهي تعداد ۾ ڪؤروَن کان وڌيڪ نہ آهن، سندن عادتن ۾ بہ هڪجهڙائي آهي ۽ گذر معاش لاءِ ٻني ٻاري ۽ مال چارڻ کي اهميت ڏيندا آهن.“
جامع سنڌي لغات ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان ڄاڻائي ٿو ته، ”ڍاٽ، ٿر ملڪ جي حصي جو نالو آهي؛ ڍاٽي اتان جي رهواسين کي چئجي ٿو؛ ڍاٽي هڪ ذات جو نالو آهي ۽ ڍاٽي، سنڌي اُٺن جي هڪ نسل جو بہ نالو آهي، جيڪي پنڌ جا تِکا، قداور، سُهڻا ۽ وزن ڍوئڻ جا ڏاڍا ٿين ٿا.“
’ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا‘ موجب ڍاٽي، اوسواڙ هندن مان آهن، جن مان اڪثر جين ڌرم جا پوڄاري آهن. هن ذات وارا ڀارت جي جيسلمير ۽ ٻاڙمير ضلعن ۾ بہ رهن ٿا. اٺ پالڻ سندن ڪِرت آهي.
ڪتاب ’برصغير جي ٻولين جي لسانياتي جائزي‘ جلد اٺين، ڀاڱي پهرئين، ڇاپي ٻئي (سال 2011ع) جي صفحي نمبر 203 تي ڄاڻايل آهي ته، ”راجپوتانه ۾ لفظ ڍاٽ جي معنيٰ ’ريگستان‘ آهي“.
مقامي ڄاڻ موجب ڍاٽي ذات بہ آهي ۽ ڍاٽي علائقائي شناخت بہ آهي، ۽ ڍٽ لفظ جي معنيٰ ’واريءَ جي ڀِٽ‘ يا ’وارياسو علائقو‘ بہ ٿئي ٿي. ڍٽ لفظ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ بہ استعمال ٿيل آهي:
¨ ڍٽ ڍري پَٽ پييون، پاسي پارڪر.
¨ ڍٽ ڍري پَٽ پييون، آيون عمرڪوٽ.
¨ تون ڍاٽي، ڍٽ ڌڻي ڍولا، تنهنجو ڍٽ.
¨ ڏجان ڍاٽي ڍول کي، سنيهو ساري.
¨ ڍٽ مَ وڃج ڍول! ڪاڻياري ڪاڪ ڪري.
شاھہ صاحب نہ صرف بيتن ۾ هتي جي ٻوليءَ جي ترجماني ڪئي آهي، پر هن علائقي جي ماڻهن جي خُلق ۽ خصلتن کان پڻ چڱيءَ ريت واقف هو ۽ سندن ريتن رسمن کي ڀليءَ ڀت ڄاتو ٿي، جن جو اظهار هن مختلف سُرن ۾ ڪيو آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو تہ شاھہ صاحب هن علائقي ۾ آيو هو.
شيخ اياز بہ ٿرپارڪر جو سير سفر ڪيو هو. سندس شاعريءَ ۾ ’ڍولا‘، ’ڍٽ‘ ۽ ’ڍاٽيئڙا‘ لفظ ملن ٿا:
¨ ڍؤ بنا ڍولا، ناهي ساڃھہ سونهن جي،
¨ ڍولڪ، ڍاٽيئڙو، تارن اکيون ڇنڀيون.
¨ ڪڏهن وسندين ڍاٽ تي، ٻيهر او ٻڪرال!
ڍٽ/ ڍاٽ متعلق ڪيتريون مقامي روايتون بہ ملن ٿيون.
هڪ روايت موجب ڍٽ جو قديم نالو ’مڙڌر‘ يا ’مرڌر ديس‘ چيو ويو آهي، جنهن ڳالھہ جي ثابتي هن دوهي مان ملي ٿي:
ساڙ بکاڻان سنڌڙي، مونگ مڏوپر ڏيس،
جهيڻو ڪپڙو ماڙٻي رو، ماڻهو مڙڌر ڏيس.
[يعني: جيئن ساريون سنڌ ۾ ڀليون ٿين ٿيون، مُڱ مڏوپر (تعلقي ننگرپارڪر جي هڪ ٻنيءَ جو نالو) جي علائقي جا ڀلا ٿين ٿا، ماڙٻي جو سنهو ڪپڙو مشھور آهي، اهڙيءَ ريت مڙڌر (ڍٽ) جي ملڪ جا ماڻهو محبتي، قرب وارا، مهمان نواز ۽ ڀلا هوندا آهن.]
ڍٽ جي علائقي جي سڃاڻپ لاءِ هيءَ چوڻي بہ مشھور آهي تہ:
جاڏا کيجڙ، جَئُوئا گهڻا، ڪُتا ڪرين ڪوڪاٽ،
پاڻي مٿي پهرا ڦِرين، ڌن هو جهوني ڍاٽ،
ڪَرها سرها سانڍايان، گِرپ سڳنڌ ڍاٽ.
هن علائقي ۾ ڪنڊيءَ جي وڻ کي خاص اهميت حاصل آهي. ڪنڊيءَ جا پن ۽ سڱر مال کي کارايا ويندا آهن، تنهنڪري هن علائقي ۾ ڪنڊيءَ جي وڻ جي رَک ڪئي ويندي آهي. هن علائقي ۾ ڪنڊيءَ جا ٿلهن ٿُڙن وارا ڊگها ۽ ڇانودار وڻ موجود آهن، جن جي ڇانوَ ۾ چوپايو مال ويهندو آهي، انهيءَ ڪري انهن وڻن جي هيٺان مال جو ڀاڻ وڌيڪ ٿيندو آهي، جنهن مان ڄوا (جئوئا) پيدا ٿين ٿا. هن علائقي ۾ ڪُتا بہ گهڻا ٿين ٿا، جيڪي اُوناڙ ڪري بيماريءَ جو اطلاع ڏين ٿا. پاڻي گهٽ هئڻ ڪري، ويري يا کوھہ جي واري کي روڪي ويهڻو پوندو آهي تہ جيئن پاڻي جمع ٿي سگهي. هن علائقي جا ڏهر وڏا ۽ گاھہ جهجهو ٿئي ٿو، تنهنڪري هتي رڍون، ٻڪريون، ڍڳيون ۽ ڏاچيون بُت ۾ ڀريل ۽ متاريون ٿين ٿيون.
ڍولي بابت قديم روايت ملي ٿي تہ ڍولو، ماروءَ جي محبت ۽ موھہ ۾ ڍاٽ جي علائقي ۾ اچي پنھنجي دوست وٽ رهيو هو:
ڍولو ڍٽ رهيو، ڪنهن سٽاڻي سانگ،
چانگي چڙهي آءُ تون، لال ورائي لانگ،
ڪوڙئين ڀتين ڪانگ، اُڏايام اچيج تون!
ڍٽ/ ڍاٽ جي ماڻهن لاءِ مقامي روايت مشھور آهي تہ:
اڪان رو ڪِيڙو، اڪان مين سمائجي،
ڍاٽ رو ماڻهو، ڍاٽ مين سمائجي!
[اڪن جو ڪِيڙو، اڪ جي وڻ ۽ ڪاٺيءَ ۾ رهڻ پسند ڪندو آهي، ساڳيءَ ريت ڍاٽ جو ڍاٽي بہ پنھنجي علائقي ۾ رهڻ پسند ڪندو آهي.]
ڍاٽ جي ماڻهوءَ کي ’اونڏهيريو/ اونهيريو‘ (جيئن تہ هتي کوھہ اونها ٿين ٿا، ان جي نسبت سان ’اونهيرو‘ لفظ ٺهيو آهي) پڻ چيو وڃي ٿو، جن لاءِ مشھور آهي تہ اهي رازَ فاش نہ ڪندا آهن، هن علائقي جا ماڻهو ذهين، چَتر، سياڻا ۽ رازدار هوندا آهن، سندن رنگت سانوري، اکيون وڏيون ۽ سهڻيون، پير ننڍا ۽ قدبت جا وچولا ٿين ٿا. مقامي چوڻي آهي تہ ڍاٽي اُٺ، ڍاٽي ڍڳو ۽ ڍاٽي ماڻهو جسامت ۾ سنها، چيڙها ۽ تيز رفتار ٿين ٿا.
علائقائي ۽ طبعي بناوت جي لحاظ کان ڍٽ جي وارياسي ۽ ريٽائين زمين آهي. ڀٽون وچوليون ۽ منجهائن ڪي ڊگهيون ۽ اوچيون آهن ۽ ڪٿي ڪٿي ڪشادا ڏهر بہ آهن. هتان جي آبهوا خشڪ ۽ زمين وارياسي هئڻ ڪري سياري ۾ سيءُ گهڻا پون ٿا ۽ اونهاري ۾ گرمي بہ وڌيڪ ٿئي ٿي. هتي جي ماڻهن جو گذر معاش مال ڌارڻ ۽ ٻني ٻاري تي آهي. معاشي طور تي پسماندہ ڳوٺن جا اڪثر ماڻهو غريب آهن، جڏهن تہ شھري ماڻهو خوشحال ۽ مالدار آهن.
هن علائقي جي آمدنيءَ جو ذريعو برسات آهي. برسات پئي تہ ٻني ٻارو ڪن، نہ تہ ڏُڪار جي حالت ۾ چوپائي مال تي گذران ڪن ۽ ناري جي علائقن ڏانهن ڪمائڻ هليا وڃن ٿا. هتان جي زمين ڀلي ۽ آباديءَ لائق آهي، تنهنڪري هتي فصل جي پيداوار تمام سٺي ٿئي ٿي. فصلن ۾ ٻاجهر، گوار، موٺ، مُڱ، تِر، گدرا، هنداڻا وغيرہ ٿين ٿا، پر گوار جي پيداوار وڌيڪ ٿئي ٿي. چوپائي مال ۾ هتان جو ’ڍاٽي اُٺ‘ مشھور آهي.
ڍاٽ ۾ ڳالهائجندڙ ٻوليءَ کي ڍاٽڪي چيو ويندو آهي، جيڪا پنھنجي ادبي سرمايي سان مالامال ۽ شاهڪار ادب سان ڀرپور آهي. ڍاٽ ۾ کوھہ لڳ ڀڳ 50 کان 60 پُرهن (250 کان 300 فوٽن) تائين اونها ٿين ٿا، جن جو پاڻي گهڻي ڀاڱي کارو هوندو آهي. مٺي پاڻيءَ لاءِ ڪٿي ڪٿي ننڍيون ننڍيون کُوهيون/ ويريون آهن، جيڪي پڻ 50 کان 80 فوٽن تائين اونهائي رکن ٿيون، جنهن جاءِ تي اهڙيون ويريون هونديون آهن، ان جاءِ کي ’پار‘ چئبو آهي. ڍاٽڪيءَ ۾ پار جي مراد ’مٺو پاڻي‘ آهي. ان حوالي سان ڳوٺن جا نالا بہ مشھور آهن، جيئن: جيسي جو پار، هرپار، پوڇانڊي جو پار وغيرہ.
هنر جي لحاظ کان هن علائقي جا گج، ڪنجرا، لويون، کٿا، کرڙ، جالنگ، فراسيون ۽ قالين مشھور آهن. هن علائقي ۾ ٻن مذهبن جا مڃيندڙ اڪثريت ۾ رهن ٿا: هندو ۽ مسلمان. اهي ٻئي برادريون گهڻي ڀاڱي ڍاٽڪي ڳالهائين ٿيون. سنڌي ٻولي تمام گهٽ ۽ ڪن مخصوص ذاتين ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ثقافتي لباس جي حوالي سان هندن ۽ مسلمانن جي ويس ۾ ٿورو فرق آهي. مسلمان مرد پٽڪو ۽ گوڏ ٻَڌن تہ عورتون وري ٻانڌڻا، ڊگها گج، اوڍڻ ۽ ٻانهن ۾ عام طور اڌ چوڙو تہ ڪي سمورو چوڙو پائين. هندو مرد پٽڪو يا ڦينٽو ۽ لانگوٽو يا تريٽو پائين تہ عورتون وري ٻانڌڻا، ڀرت ڀريل پَڙا (گهاگهرا)، ڪنجريون، ڊگها اوڍڻ ۽ ٻانهن ۾ مڪمل چوڙو پائين ٿيون ۽ ڊگها گهونگهٽ ڪڍي پردو ڪن ٿيون.
ڍَٽ ۾ رهندڙ ذاتيون:
(الف) مسلمان ذاتيون: ڍٽ ۾ رهندڙ مسلم ذاتين ۾ سيد، ڏوهٽ، سما، سومرا، سميجا، راهما، مڱريا، ميمڻ، نهڙي، سنگراسي، هاليپوٽا، جوڻيجا، ٻهنپار، لنجا، مڏا، ٻُٽا، جوڻيجا، خاصخيلي، نون، درس، آريسر، پڃارا، کوسا، دل، بجير، ڀٽي، راڄڙ، گجو، مهر، کوکر، جنجهي، اوٺا، ڏيٿا، سائوند/ ساند، ڇڇر، ٿيٻا، سهتا، ڪنڀر، حجام، ڪاسائي، کٽي، لنگها، مڱڻهار وغيرہ شامل آهن.
(ب) هندو ذاتيون: ٺڪر، ميگهواڙ، سوٽهڙ، مهيشوري (واڻيا)، لوهاڻا (واڻيا)، سونارا، کتري، مالهي، ڀيل، چارڻ، بجير، لوهار، گُرڙا، مهراج، ورتيا، ٻاوا، جاٽ، ڀاٽ، کٽي، ڌوٻي، نائي، درزي وغيرہ.
ڍٽ جون سرحدون: هن قديم پرڳڻي جو جاگرافيائي نقشو هن ريت آهي:
اولھہ واري پٽيءَ ۾ ڪانٽيي کان گونگيو، جنجهيئر، ٻورلي ڀيل، ڪيريا، جوڙوئو ۽ مٺي؛ ڏکڻ واري پٽيءَ ۾ مٺيءَ کان مٺڙيو ڀٽي، ڏيپيار، جوڳلار، ميمڻ تڙ، اسلام ڪوٽ؛ اوڀر واري سرحدي پٽيءَ ۾ اسلام ڪوٽ کان مصري شاھہ، حيات هاليپوٽو، ڪانڪهيئو، سارنگهيار، بنگل رند ۽ اتر ۾ بنگل رند کان ڀاڏا سنڌو، وچلو پار، ڀاڏاڙي ۽ ڪانٽيو اچي وڃن ٿا.
ڍٽ جا مشھور کوھہ: ٽڳٺئي ڳوٺ جو کوھہ، ٻپراڙيي (کاري) جو کوھہ. (هي ٻئي کوھہ بنھہ اونها آهن). جڏهن تہ عام طور ڍٽ جي کوهن جي پاڻيءَ جي گهرائي 10 کان 20 فوٽن تائين ٿئي ٿي. سينگاري جو کوھہ (هي کوھہ ميرن هرڻ جي سنڱن سان تعمير ڪرايو هو، تنهنڪري ڳوٺ سينگاڙي (سڱن واري) جي نالي سان مشھور ٿيو.)
ڍٽ جون مشھور ترايون: راڻاسر (چيلهار جي ويجهو)، کوڙٻي ترائي (ڳوٺ کوڙٻي ۽ چيلهار جي ويجهو)، راجياسر (ويجهيار ۾)، رڙلي ترائي (هنجتل جي ڀر پاسي ۾)، ڪاٺو تلاءُ (چارنور جي ويجهو)، چڀڙاسر (سراج الدين جي تڙ جي ڀرسان) ۽ ڇڇ ترائي (ڇاڇري شھر جي ڀرپاسي ۾) وغيرہ آهن. انهن کانسواءِ ڍٽ ۾ ٻيون بہ ڪيتريون ئي ترايون، ٽوڀا ۽ تلاءَ اچي وڃن ٿا. راڻاسر کي شيخ اياز، احمد سولنگي ۽ ٻين شاعرن پنھنجي شاعريءَ ۾ ڳايو آهي.
ڍَٽ جا مشھور پارَ: پوڇانڊي جو پار، جيسي جو پار، کياڙي جو پار، ، اڪلين جو پار، ڇوٽيو پار، بچي جو پار، ٻوچين جو پار، اجي جو پار، سانوريئي جو پار وغيرہ.
ڍٽ جون مشھور ڀٽون ۽ ٽؤنڪ: ٽؤنڪ، ڀِٽ جو هڪ قسم آهي. ٽونڪ هڪ ئي جاءِ تي اُڀي، نوڪدار ۽ عمودي شڪل جي ٿئي ٿي. ڪجهہ مشھور ڀِٽون هي آهن:
رتن ڀٽ (ڳوٺ ڍاڪلي ۽ ميگهي جي تڙ جي ڀرسان)، ڀٽ روجهڙو (ڍاڪلي ڳوٺ جي ڀرسان)، ڀٽ روجهڙي (دونٻاڙي ڳوٺ ويجهو)، ارنيارو ڀٽ (ڳوٺ ارنياري ڀرسان)، ڌانڌل ڀٽ (راڄوڙي ڀرسان)، ڀٽ تانپي (ڳوٺ ڦانگهاريي ڀرسان)، ٻَکڙ ٿڙي (ڳوٺ ٽڳٺئي ۽ اُوڏاڻيءَ جي وچ ۾)، ٻانهياري ڀٽ (گونگيي ڳوٺ ڀرسان)، ڪسل ڪوٽ (هن نالي سان ٻہ ڀٽون آهن، هڪ ڪانٽيي ۾ ۽ ٻي چارنور ڳوٺ جي ويجهو آهي)، ڪاري ڀٽَ (تڙدوس جي اُلهندي پاسي)، ڏنوِڙي ڀٽَ (تڳوسر جي اولھہ طرف)، ڍوڪائي ڀِٽَ (چارنَور ڳوٺ جي اڀرندي پاسي)، جِهرڪلي ڀِٽَ (جيئندي جي تڙ جي اوڀر طرف)، ٻانهِياري ڀِٽَ (هن نالي سان ٿر ۾ ٽي ڀٽون مشھور ۽ موجود آهن: (1) تڙ همير ڀرسان، (2) ڏيپلي تعلقي ۾، ۽ (3) مٺڙئي روهل کان الهندي طرف آهن.)، ڪَرڪَر ڀِٽَ (جيسي جي پار جي اتر پاسي)، ساسِي ڀِٽَ (هي ٻہ ڀِٽون آهن: ميگهي جي تَڙ جي اوڀر طرف ۽ ٻي ساڪرئي جي اڀرندي پاسي)، ڪِيلَ ڀِٽَ (مٺيءَ جي اتر طرف، ٽن ميلن جي پنڌ تي)، موتيسرو ڀِٽ (ڳوٺ ٻاراچ جي اُتر طرف)، ٻاراچ ڀٽ (ٻاراچ جي ڏکڻ طرف)، سانينيي جي ڀٽ (ڇاڇري جي پاسي ۾)، ميگهي جي تڙ جي ڀٽ (ميگهي جي تڙ ڀرسان)، سانڏهور ڀٽ (سانڏهور جي ويجهو)، ڌاريندڙو ڀٽ (ڳوٺ ڌاريندڙي جي ويجهو)، ويسروڙي ڀٽ (ساهوءَ جي تڙ ڀرسان)، ڍوڪاڻي ڀٽ (چارنور ۾)، ڪوهراڙي ڀٽ (چيلهار ويجهو) وغيرہ.
انهن ڀِٽن کان سواءِ، ٻيون بہ انيڪ ڀِٽون ٿر ۾ موجود آهن، جھڙوڪ: ’ساڃي ڀٽ‘، ’مهڪي جي ڀٽ‘، ’اُٺ ٿنڀي ڀٽ‘، ’ارنياري جي ڀٽ‘، ’نيٽاري ڀٽ‘، ’ڳينڻ‘، ’گڏھہ پٺو‘، ’روڻاڀر‘، ’مانگر‘، ’روجهڙو‘، ’ڌاريندڙو ڀٽ‘، ’ويراڙو‘ ’گهانگهاسرو ڀٽ‘، ’گوگتياري ڀٽ‘ ۽ ’ٽورِياري ڀِٽَ‘ وغيرہ.
مشھور ٽؤنڪ: چانگي جو ٽؤنڪ (چيلهار جي ويجهو)، ساميءَ جو ٽؤنڪ (دونٻاڙي ويجهو)، جَڍي جو ٽؤنڪ (راڄوڙي ۾)، اَساٻي جو ٽؤنڪ (پاٻوويري ۾، جتان 60 ميلن جي پنڌ تي ڇهوٽڻ جبل ڏسڻ ۾ اچي ٿو). ان کان سواءِ ڍٽ ۾ ٻيا بہ ڪيترا ٽونڪ ۽ ڀٽون مشھور آهن.
ڍٽ جا مشھور ڏهر: موتيسرو ڏهر (رڙياڙي ڳوٺ جي ويجهو)، ڏاڪيڏهر (هن نالي سان ڍٽ ۾ ٽي ڏهر آهن، (1) ڪيتار ۽ مٺان تڙ ۾، (2) سلھہ ۽ اڪلين جي وچ ۾ آهي ۽ (3) چارنور جي پاسي ۾ اچي ٿو.)، هيڪل ڪور ڏهر (ڌاريندڙي، ميگهي جي تڙ ۽ رڙلي ڳوٺن جي وچ ۽ ڀرپاسي ۾ آهي)، گجاسر جو ڏهر (ڍاڪلي ۾ آهي)، ٽوساڙيو ڏهر (ڀوجاسر ۾)، ڍوڪاري ڏهر (ٻُڍي جي تڙ ۽ چارنور جي ڀر ۾ آهن)، ٽانپي جو ڏهر، ويءَ جو ڏهر، ڇھو ڏهر، گهوگهارو ڏهر، تالسر ڏهر، سينهار جو ڏهر مشھور آهن.
ڍٽ جا شھر: ڇاڇرو، چيلهار، ڪانٽيو ۽ عمرڪوٽ شھر ڍٽ ۾ اچن ٿا. مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ڍٽ جا دنگئي ۽ سرحدي پٽيءَ وارا شھر آهن، تنهنڪري مقامي طور ڪي انهن کي ڍٽ جو حصو چوندا آهن، پر اڪثر ماڻهن جو خيال آهي تہ اهي شھر ٿر جي ڍٽ واري علائقي ۾ شامل نٿا ڪري سگهجن.
ڍٽ جا ڳوٺ: وائوڙي، مان ٻائيءَ جو تڙ، سارنگهيار، وچلو پار، ڀاڏاسنڌا، ملڪام، سوکرُو، نووَ پُرَو، هنج تل، ڀڳتاڻي، پاٻُو ويرو، گونگيو، جنجهيئر، ٻورلي، جوڙُوئو، هريار، راجوڙو، سُورام، گُماني جي ڍاڻي، کيڪنيو، بيکاسر، پوڇانڊو پار، ڦانگهاريو، اُوڏاڻي، ٽِڳٺيو، رڙياڙو، ٻپراڙيو، ڌُوڙڪيون، رامسنگهاڻي، ڀاڏاري، ڦليو، کوڙٻي، ڀوريلو، ڏٻڙڇان، سانڏهور، ڏاڪيڏهر، رڻڇاڻي، دونٻاڙو، ڀيماسر، اڪلو، ميگهي جو تڙ، سُوجي جو تڙ، نيڻيسر، گوڌيار، رامجي جي ويري، روهيڙارو، مِٺان جو تڙ، کينسر، ڇاپر دين محمد شاھہ، جانب علي شاھہ، ڌاريندڙو، وائوڙي، وڪڙيو، ڀڳيسل، بونهار، يوسف جي وانڍ، ساهو ساند، حيات هاليپوٽو، ڪانڪهيو، علو ڪوٽڙيو، کُڏي، ڪانگيا، مبارڪ رند جو تڙ، بنگل رند جو تڙ، ٻانڀڻيو ڀيل، مهرن جو تڙ، کيجراڙو، ڌوڙيو، ڪيتار، علڻ آباد، رڙلي، ڀوجاسر، سراج الدين جو تڙ، آسار، مينهل بجير، ويجهيار، دلن جو تڙ، ستلان، سوڀارو، ٻورلي سميجا، ڪيريا، سهياڙو، ڊبڙڇان، پير جو تڙ، سُکي جو تڙ، گرڙيو، ارنياڙو، کونهڻو، اَڪلي سميجا، قبولاڻي، اَڪلي جي ڍاڻي، سميت ٻِيا بہ ڪيترا ڳوٺ اچن ٿا.