ڍڪڻ

ڍڪڻ (ذات): سنڌ ۾ ڪرت ۽ ڌنڌي ڌاڙي ڪرڻ سان ذاتيون سڏايون وينديون آهن. جهڙيءَ طرح حجامڪو ڪم ڪرڻ ڪري حجم ذات، ڊکاڻڪو ڪم ڪري ڊکڻ، ڪپڙن اڻڻ ڪري ڪوري وغيرہ سڏيو ويندو آهي. ان ڪري ان وقت يعني اڳيئن زماني ۾ ڪو ڊکڻ هو تہ ڪو ڪوري هو ۽ مڇي مارڻ ۽ کپائڻ واري کي ميربحر سڏبو هو. ڍڪڻ ذات سڏائڻ وارا بہ ڪي ڪوري هئا تہ ڪي ميربحر ڇو تہ درياھہ جي ڀرسان رهندڙ هئا. پر ڍڪڻ تڏهن سڏائڻ لڳا، جڏهن کين سيدن وٽان دُعا ملي تہ جهڙيءَ طرح سندن عورت کي پناھہ ڏني وئي يا سندس ڍَڪـُ رکيو ويو، اهڙيءَ طرح پاڪ جو هنن تي بہ ڍَڪـُ يا پناھہ هوندي. ان ڪري ڍَڪَ مان اڳتي هلي ڍڪڻ سڏائڻ لڳا يا جي پناھہ ۾ رهندڙ. ارغونن جي سنڌ تي ڪاھہ ڪري ڳوٺن مان عورتون کڻي ويندا هئا، سو وڏڙن زمين ۾ چُر يا غاز ٺاهي عورتون اندر لڪائي ڇڏيون. اچڻ وڃڻ لاءِ ڳجهو سوراخ ڪيو. هڪ ڏينهن طوفان آيو، سيدن جي هڪ عورت ڀـُلجي ڳوٺ وٽان گذري تہ وڏڙن پنھنجي عورت سمجهي اندر غار ۾ پنهنجين عورتن سان کيس لڪائي ڇڏيو. جڏهن جنگ ٽري وئي ۽ زائفن کي ٻاهر ڪڍيو ويو تہ ڌاري عورت بہ نڪري آئي. پڇڻ تي ٻڌايائين تہ هوءَ سيداڻي آهي ۽ ٻٽڙن جي، سو وڏڙن سندس وڏي عزت ڪئي ۽ صحيح سلامت کيس مالڪن وٽ پھچايو تہ ان وقت جي سيدن کين دعا ڪئي تہ جهڙي طرح انهن سندن عورت کي پناھہ ڏني ۽ ڍَڪ ڏنو، سائين بہ انهن جي مٿان هميشہ ڍَڪ ڏيندو ۽ پنھنجي پناھہ ۾ رکندو. سو ان وقت کانپوءِ ڍَڪ مان ڍڪڻ سڏائڻ لڳا. جيڪي بہ هن وقت ڍڪڻ ذات جا پونير آهن، پاڻ ۾ مائٽ آهن. اصلي ڳوٺ باڊھہ کان 8-7 ڪلوميٽر پري جکرن ۽ ٽاٽڙي ڳوٺن جي وچ ۾ آهي، هاڻي ان ڳوٺ جو نالو راضي ڍڪڻ آهي.


لفظ ڍڪڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو