
ڍڪ بازار شڪارپور
ڍڪ بازار شڪارپور: شڪارپور شھر جي هندن جي ڪيل هڪ بازار، جنهن کي تاريخي حيثيت حاصل آهي. هي بازار لکي در کان شروع ٿي ’اسٽورٽ گنج‘ وٽ ختم ٿئي ٿي. هيءَ بازار هڪ ميل ڊگهي ۽ شھر جي ٻن طرفن اڀرندي ۽ الهندي جي وچ ۾ آهي. ڍڪ بازار شھر جي اهم بازار آهي. ڍڪ بازار ڪاٺين جي ڪئنچين جي مٿان ٽاٽ رکي ڍڪي وئي هئي. شڪارپور جي دل سڏجندڙ هيءَ بازار اهڙي نموني تہ ڍڪي وئي آهي، جو گرمين جي موسم ۾ بہ سموري بازار ٿڌي رهندي آهي. هيءَ بازار برساتن جي موسم ۾ پاڻيءَ کان بہ محفوط رهندي هئي. برسات جو پاڻي ڪڏهن بہ هن بازار ۾ نہ آيو. هن بازار ۾ قديم دؤر ۾ هر قسم جو سامان ملي سگهندو هو.
هن بازار ۾ ’تارا سنگهہ جواهريءَ جي پڙي‘ ڪافي مشھور هئي، جنهن پڙيءَ ۾ بصري جا موتي، رنگون جا ياقوت، برازيل جو پنو، لنڪا جو پکراج، آفريڪا جا هيرا، اٽليءَ جو موڱو وغيرہ جهڙن جواهرن جا ٻڌا واپار ٿيندا هئا. پروفيسر بدر اڄڻ لکي ٿو تہ: ”شڪارپور شھر جي ڪاٺين جي ڇت واري ڊگهي ۽ وڏي بازار، جيڪا شھر جي وچ مان لنگهي ٿي، ڏسڻ لائق آهي. اهڙي قسم جي ڪاٺيءَ جي ڇت، سنڌ تہ ڇا، پاڪستان جي ڪنهن بہ شھر ۾ نہ آهي. گرميءَ توڙي سرديءَ يا برسات دوران هيءَ ڇت سٺو ڪم ڏئي ٿي.“
پاڪستان ٺھڻ کان اڳ تائين هي بازار ڪافي اوج تي هئي. هن وقت ڇت جا ڪافي حصا سڙي چڪا آهن ۽ بي ڌيانيءَ سبب ڇت مان ڪافي ڪاٺ چوري پڻ ٿي چڪو آهي. ان ڪري هي بازار پنهنجو اوج وڃائي چڪي آهي.