ڍڳو

ڍڳو

ڍڳو

ڍڳو

ڍڳو

ڍڳو (Ox): جانورن ۾ ڍڳو انسانن لاءِ ڪارائتو جاندار رهيو آهي. ڍڳي کي سنڌيءَ ۾ ’ڏاند‘ بہ چوندا آهن. ڍڳو سنڌ جي تھذيب جو اهم اهڃاڻ آهي، موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ دوران بہ ڍڳي جي مورتي هٿ آئي آهي. هيءُ جانور زراعت جو ڪارگر جانور رهيو آهي. هر ڪاهڻ توڙي ڳرو سامان ڍوئڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. جڏهن اڃا گاڏين ۽ مشينريءَ جو سرشتو عام نہ ٿيو هو، ان وقت ڍڳو گهڻو ڪم ڏيندو هو، مثلاً ڏاند گاڏيءَ وسيلي ماڻهن جي اچ وڃ ٿيندي هئي، ان کان سواءِ ڳاھہ ڳاهڻ، کوھہ مان پاڻي ڪڍڻ، گهاڻي هلائڻ جھڙا سڀ ڪم ڍڳي ذريعي ٿيندا هئا، ان کان سواءِ ماڻهو شوق طور بہ ڍڳا پاليندا آهن. ڏاندن جي گوءِ يا ڊوڙ جا مقابلا بہ سنڌ ۾ عام جام ٿيندا آهن. ڊوڙ ۾ مٿن وڏا انعام رکيا ويندا آهن. هن شوق ۾ اڄڪلھہ ڪجهہ گهٽتائي اچي وئي آهي، پر باوجود ان جي مختلف ميلن ملاکڙن ۾ ڍڳن جا شوقين سونهن جي علامت طور ڍڳا سينگاري آڻيندا آهن.
ڍڳي جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا: ڌونئرو ڍڳو، بگو ڍڳو، ڪارو ڍڳو وغيرہ. ڍڳن جا شوقين گوءِ دوران پنھنجي پاليل ڍڳن جا راڪيٽ، هوائي جهاز، ڪلاشن جھڙا نالا رکندا آهن. بار ڍوئيندڙ، ٻنيءَ ۾ هر ڪاهيندڙ يا ڊوڙ جي مقابلي وارن ڍڳن کي ڪيترا طاقت وارا کاڌا کارايا وڃن ٿا، جھڙوڪ: نج گيھہ، بادام، پستا، کڙ، بوسو، گوار، چڻا وغيرہ.
ڍڳي جو نسل اڄڪلھہ ختم ٿيندو وڃي. باوجود ان جي ٿر ۾ ڍڳي جا شوقين ڍڳا پاليندا رهن ٿا ۽ اڄ بہ ضرورت وقت ڍڳي کان مختلف ڪم وٺن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو