ڏائڻ

ڏائڻ (Witch Hag): هڪ خيالي ۽ خوفناڪ عورت، جيڪا ٻارن جو هيانءُ کائي يا قبر مان مڙدا ڪڍي کائي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: جنڙي، ڀوتڻ، جادوگرياڻي، بدصورت عورت، ٻانڀ، مڪار عورت، ڀوپي، ڌوتي وغيرہ.
ٻارن جي لوڪ ڪهاڻين ۽ قديم ڏند ڪٿائن ۾ ڏائڻ جي تشبيھہ هڪ پوڙهي گهنجيل منهن واري شيطاني طاقت رکندڙ عورت سان ڏنل آهي. مختلف روايتن ۾ اچي ٿو تہ ڏائڻ ڪيترا روپ بدلي سگهي ٿي ۽ بد خواھہ مخلوق تصور ڪئي وڃي ٿي. ڏائڻ جو تصور هر تھذيب جي لوڪ ادب، ڏند ڪٿائن ۽ قصن ۾ ملي ٿو. وچئين دؤر واري انگريزي ٻوليءَ ۾ ‘Hag’، پراڻي انگريزي ٻوليءَ ۾ ‘Witch’، ساڳئي نموني جرمن ۾ ‘Heks’ ۽ سنڌيءَ ۾ ’ڏائڻ‘ وغيرہ. ننڍي کنڊ جي قديم لوڪ داستانن ۾ ڏائڻ جي شڪل هڪ پوڙهيءَ رڍ جهڙي ڏَسي وئي آهي. ڏائڻ کي سنڌ جي هندو لوڪ ڪهاڻين ۾ ’ناني گُڪِي‘ بہ چيو وڃي ٿو، جڏهن تہ سنڌ ۾ ٻي بہ عام روايت آهي تہ ڏائڻ جا پير اُبتا ۽ وار وڏا ٿين ٿا. سندس چوٽيءَ ۾ هڪ تعويذ ٻڌل هوندو آهي. جيڪڏهن ڏائڻ پڪڙجي ويندي آهي تہ پوءِ مڙس ماڻهو سندس چوٽيءَ مان اُهو تعويذ ڪڍي ڇڏيندا آهن تہ اُها واپس عورت ٿي ويندي آهي. ڏائڻ متعلق مشھور آهي تہ اها آڌيءَ رات جو گهر کان ٻاهر نڪري ماڻهن جا جگر ڪڍي ڪچا کائيندي آهي، ان ڪري سنڌيءَ ۾ ان بابت هڪ پهاڪو بہ مشھور آهي تہ: ”ڏائڻ بہ ست گهر ڇڏيندي آهي.“
اتر آمريڪي، جرمن، انگريز ۽ اسيڪينديوين تهذيبن ۾ ’ڏائڻ‘ کي بدروح تصور ڪيو ويندو هو. اتي جي هڪ قديم لوڪ ڏند ڪٿا موجب ڏائڻ ننڊ ۾ سمهڻ واري مرد/ عورت جي سيني تي چڙهي ۽ کين ڀوائتا خواب ڏيکاري ٿي. جڏهن ستل ماڻهو جاڳي پون ٿا تہ انهن جو ڪجهہ وقت لاءِ ساھہ رُڪجي وڃي ٿو. سويڊن جي مشھور فلم ’Marianne‘ جو مکيہ ڪردار پڻ ’خوفناڪ خوابن ڏسڻ واري ڪيفيت‘ ۾ مبتلا ڏيکاريو ويو آهي. اڄ جي جديد دؤر ۾ ان کي ’ننڊ جي بيماري‘ ۽ پراڻي دؤر ۾ ’ڏائڻ جو سايو‘ چيو ويندو هو. ڪجهہ ڏند ڪٿائن ۾ ڏائڻ کي ’مافوق الفطرت‘ ۽ جادو ڄاڻندڙ ٻڌايو ويو آهي ۽ پراڻي دؤر ۾ ڏائڻن جي ڪهاڻين سان ٻارن کي ڊيڄاريو بہ ويندو هو.
سيلوويڪيا جي هڪ ڏند ڪٿا، جيڪا اڄ جي دؤر ۾ بلڪل عجيب محسوس ڪئي وڃي ٿي، جنهن ۾ ’بابا يگا‘ نالي هڪ ڏائڻ هئي، جيڪا هڪ ڪاٺ جي گهر ۾ رهندي هئي. سندس اهو گهر چوزي جي ٽنگن تي بيٺل هو. هوءَ هڪ اُکِريءَ ۾ چڙهي سڄي جهنگ ۾ ڦرندي رهندي هئي. هن جي هٿ ۾ هڪ ڊگهن تيلن وارو ٻهارو هوندو هو، جنهن سان پنهنجو رستو ٻهاريندي وتندي هئي. اسڪاٽ لينڊ ۾ انهن ڏائڻن کي فطري طاقت سمجهيو ويندو هو. خاص طور وڏين طوفاني هوائن کي ڏائڻ سان منسوب ڪيو ويندو هو. آئرلينڊ جي ڏند ڪٿائن ۾ ڏائڻ هڪ اُجڙيل غير آباد زمين کي ظاهر ڪري ٿي. لوڪ ڏند ڪٿا ۾ ’هيرو‘ ان ڏانهن وڌي ٿو ۽ هن سان پيار جو اظهار ڪري ٿو. هوءَ جڏهن هيري جي حوصلي ۽ محبت کي قبول ڪري ٿي تہ هوءَ بہ هڪ خوبصورت نوجوان ديوي ٿي پوي ٿي. ايران جي لوڪ ڏند ڪٿائن ۾ ڏائڻ کي ’بختڪ‘ سڏيو ويو آهي. ان لاءِ اهو تصور آهي تہ هوءَ ستل ماڻهن جي سيني تي چڙهي، کين ڀوائتا خواب ڏيکاريندي آهي، جنهنڪري اهي ڪجهہ وقت لاءِ بي سُڌ ۽ بي جان ٿي پوندا آهن.
مغربي ادب ۾ ڏائڻ کي هڪ بدخواھہ، بدصورت پوڙهي عورت ڪري سمجهيو ويندو آهي. يورپ جي اونداهي دور ۾ ڏاهين ۽ چالاڪ عورتن کي ڏائڻيون (Witch) قرار ڏئي موت جي سزا ڏني ويندي هئي. ڏائڻ ان بدڪردار جادوگرياڻيءَ کي پڻ چيو ويندو آهي، جيڪا پنھنجي ڪيل هر بري فعل تي فخر محسوس ڪندي آهي.


لفظ ڏائڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو