ڏائڻ (Witch Hag): هڪ خيالي ۽ خوفناڪ عورت، جيڪا ٻارن جو هيانءُ کائي يا قبر مان مڙدا ڪڍي کائي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: جنڙي، ڀوتڻ، جادوگرياڻي، بدصورت عورت، ٻانڀ، مڪار عورت، ڀوپي، ڌوتي وغيره.
ٻارن جي لوڪ ڪهاڻين ۽ قديم ڏند ڪٿائن ۾ ڏائڻ جي تشبيهه هڪ پوڙهي گھنجيل منهن واري شيطاني طاقت رکندڙ عورت سان ڏنل آهي. مختلف روايتن ۾ اچي ٿو ته ڏائڻ ڪيترا روپ بدلي سگھي ٿي ۽ بد خواهه مخلوق تصور ڪئي وڃي ٿي. ڏائڻ جو تصور هر تهذيب جي لوڪ ادب، ڏند ڪٿائن ۽ قصن ۾ ملي ٿو. وچئين دؤر واري انگريزي ٻوليءَ ۾ ‘Hag’، پراڻي انگريزي ٻوليءَ ۾ ‘Witch’، ساڳئي نموني جرمن ۾ ‘Heks’ ۽ سنڌيءَ ۾ ’ڏائڻ‘ وغيره. ننڍي کنڊ جي قديم لوڪ داستانن ۾ ڏائڻ جي شڪل هڪ پوڙهيءَ رڍ جهڙي ڏَسي وئي آهي. ڏائڻ کي سنڌ جي هندو لوڪ ڪهاڻين ۾ ’ناني گُڪِي‘ به چيو وڃي ٿو، جڏهن ته سنڌ ۾ ٻي به عام روايت آهي ته ڏائڻ جا پير اُبتا ۽ وار وڏا ٿين ٿا. سندس چوٽيءَ ۾ هڪ تعويذ ٻڌل هوندو آهي. جيڪڏهن ڏائڻ پڪڙجي ويندي آهي ته پوءِ مڙس ماڻهو سندس چوٽيءَ مان اُهو تعويذ ڪڍي ڇڏيندا آهن ته اُها واپس عورت ٿي ويندي آهي. ڏائڻ متعلق مشهور آهي ته اها آڌيءَ رات جو گھر کان ٻاهر نڪري ماڻهن جا جگر ڪڍي ڪچا کائيندي آهي، ان ڪري سنڌيءَ ۾ ان بابت هڪ پهاڪو به مشهور آهي ته: ”ڏائڻ به ست گھر ڇڏيندي آهي.“
اتر آمريڪي، جرمن، انگريز ۽ اسيڪينديوين تهذيبن ۾ ’ڏائڻ‘ کي بدروح تصور ڪيو ويندو هو. اتي جي هڪ قديم لوڪ ڏند ڪٿا موجب ڏائڻ ننڊ ۾ سمهڻ واري مرد/ عورت جي سيني تي چڙهي ۽ کين ڀوائتا خواب ڏيکاري ٿي. جڏهن ستل ماڻهو جاڳي پون ٿا ته انهن جو ڪجهه وقت لاءِ ساهه رُڪجي وڃي ٿو. سويڊن جي مشهور فلم ’Marianne‘ جو مکيه ڪردار پڻ ’خوفناڪ خوابن ڏسڻ واري ڪيفيت‘ ۾ مبتلا ڏيکاريو ويو آهي. اڄ جي جديد دؤر ۾ ان کي ’ننڊ جي بيماري‘ ۽ پراڻي دؤر ۾ ’ڏائڻ جو سايو‘ چيو ويندو هو. ڪجهه ڏند ڪٿائن ۾ ڏائڻ کي ’مافوق الفطرت‘ ۽ جادو ڄاڻندڙ ٻڌايو ويو آهي ۽ پراڻي دؤر ۾ ڏائڻن جي ڪهاڻين سان ٻارن کي ڊيڄاريو به ويندو هو.
سيلوويڪيا جي هڪ ڏند ڪٿا، جيڪا اڄ جي دؤر ۾ بلڪل عجيب محسوس ڪئي وڃي ٿي، جنهن ۾ ’بابا يگا‘ نالي هڪ ڏائڻ هئي، جيڪا هڪ ڪاٺ جي گھر ۾ رهندي هئي. سندس اهو گهر چوزي جي ٽنگن تي بيٺل هو. هوءَ هڪ اُکِريءَ ۾ چڙهي سڄي جھنگ ۾ ڦرندي رهندي هئي. هن جي هٿ ۾ هڪ ڊگھن تيلن وارو ٻهارو هوندو هو، جنهن سان پنهنجو رستو ٻهاريندي وتندي هئي. اسڪاٽ لينڊ ۾ انهن ڏائڻن کي فطري طاقت سمجھيو ويندو هو. خاص طور وڏين طوفاني هوائن کي ڏائڻ سان منسوب ڪيو ويندو هو. آئرلينڊ جي ڏند ڪٿائن ۾ ڏائڻ هڪ اُجڙيل غير آباد زمين کي ظاهر ڪري ٿي. لوڪ ڏند ڪٿا ۾ ’هيرو‘ ان ڏانهن وڌي ٿو ۽ هن سان پيار جو اظهار ڪري ٿو. هوءَ جڏهن هيري جي حوصلي ۽ محبت کي قبول ڪري ٿي ته هوءَ به هڪ خوبصورت نوجوان ديوي ٿي پوي ٿي. ايران جي لوڪ ڏند ڪٿائن ۾ ڏائڻ کي ’بختڪ‘ سڏيو ويو آهي. ان لاءِ اهو تصور آهي ته هوءَ ستل ماڻهن جي سيني تي چڙهي، کين ڀوائتا خواب ڏيکاريندي آهي، جنهنڪري اهي ڪجهه وقت لاءِ بي سُڌ ۽ بي جان ٿي پوندا آهن.
مغربي ادب ۾ ڏائڻ کي هڪ بدخواهه، بدصورت پوڙهي عورت ڪري سمجھيو ويندو آهي. يورپ جي اونداهي دور ۾ ڏاهين ۽ چالاڪ عورتن کي ڏائڻيون (Witch) قرار ڏئي موت جي سزا ڏني ويندي هئي. ڏائڻ ان بدڪردار جادوگرياڻيءَ کي پڻ چيو ويندو آهي، جيڪا پنهنجي ڪيل هر بري فعل تي فخر محسوس ڪندي آهي.