ڏاتو کهاوڙ: ميان ڏاتو کهاوڙ اصل ڳوٺ جانڊھہ، تعلقي شھدادڪوٽ جو ويٺل هو. ڏاتو ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي (20- 1711ع) جي فوج جو سالار ۽ سندن معتقد هو. کيس چانڊڪي پرڳڻي جي الهندي پاسي جي حفاظت لاءِ مامور ڪيو ويو هو. شھدادڪوٽ جو سمورو علائقو، جهل مگسيءَ تائين ۽ ڏکڻ طرف غيبي ديري تائين کيس مليل هئا. هن کي ميان نور محمد پاران ’ميان‘ جو خطاب ڏنو ويو هو. فقير طبع، رحمدل، سپاهيانه قيادت رکندڙ ۽ وڏو سخي مرد هو. سخاوت سبب چانڊڪا پرڳڻي جو ’حاتم طائي‘ ڪوٺيو ويندو هو. ميان ڏاتو 1714ع ڌاري هن علائقي ۾ ’ڏاتو ڪئنال‘ کوٽرايو. ان محنت عيوض شھر جي اوڀر طرف کيس زمين ملي. کيس زراعت سان وڏي دلچسپي هوندي هئي. شھدادڪوٽ ۾ موجود کهاوڙ خاندان ’ڏاتاڻي کهاوڙ‘ سڏجي ٿو. ميان ڏاتي جون ٽي نشانيون اڄ بہ سندس پونئيرن وٽ موجود آهن، جن ۾ هڪ ڪنجهي جو وڏو وٽو آهي، جنهن جو وزن ٻہ ڪلو کان مٿي ٿيندو. ڪنجهي جي ان وٽي لاءِ ويساھہ وسوڙل ماڻهن ۾ اعتقاد آهي تہ پيٽ جي سور ۽ عورتن جي ويم دوران ان ۾ پاڻي وجهي پيتو وڃي تہ شفا ٿئي ٿي. سندس ٻـي نـشـانـي جُبو ۽ ٽين نشاني دستار آهي. هن سماج سڌارڪ انـسان لاءِ ايڇ. ٽي. سورلي ڪتاب: Shah Abdul Latif of Bhit ۾ 168 صفحي تي لکي ٿو تہ:
“Near Shahdadpur, there is a pair of large millstones in garden about 4 feet diameter, it is on the bank of Dato canal. So Called from Dato Khahawar a man renowned for his wealth and the canals dug by him”.
ميان ڏاتوءَ جي وصيت مطابق کيس ميان يار محمد ڪلهوڙي جي تاريخي قبرستان ۾ دفنايو ويو، جتي هر سال ميلو لڳندو آهي.