ڏانداري

ڏانداري

ڏانداري

ڏانداري: ڏانداري هڪ قسم ڪاٺ يا لوھہ جو لوهي اوزار ٿيندو آهي، جيڪو زرعي مقصدن لاءِ ڪتب ايندو آهي. هن ۾ ڇھہ ست فوٽ ڊگهو ۽ لسو ڪاٺ جو ڳن وڌل هوندو آهي، جنهن جو هڪ پيڙو ٻہ فوٽ ڊگهيءَ پٽيءَ سان ڳنڍيل هوندو آهي. ان پٽيءَ ۾ هڪ کان ڏيڍ فوٽ جا، ڪاٺ يا لوھہ جا انگها ڇڏيل هوندا آهن، جيڪي ٽن چئن انچن جي وٿيءَ تي ٿيندا آهن. پٽيءَ پنجن کان اٺ ڪل لڳايا ويندا آهن. ڏانداري کيڙيل زمين جي ٻنن ٺاهڻ ۽ ٻنيءَ مان ڪچري ميڙڻ، بُهَه وغيرہ جي ’ڌَڙِ‘ ٺاهڻ جي ڪم ايندي آهي. ان کانسواءِ هاري ڏانداري ڳاھہ دوران سنگن ميڙڻ لاءِ بہ استعمال ڪندا آهن.


لفظ ڏانداريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو