
ڏاندن جي گوءِ
ڏاندن جي گوءِ (راند): گوءِ سنڌ جي تمام پراڻي ۽ مشھور راند آهي، جنهن ۾ ڏاندن جي گوءِ تي لکين رپين جون شرطون رکيون وينديون آهن. گوءِ جي لغوي معنيٰ آهي شرط، بازي، ڏاندن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ وغيرہ. سنڌيءَ ۾ گوءِ جا ڪيترائي اصطلاح مشھور آهن. جن ۾ ’گوءِ کڻي وڃڻ،‘ ’گوءِ مارڻ‘، ’گوءِ ڀڄائڻ‘، ’گوءِ هارائڻ‘ وغيرہ اچي وڃن ٿا. گوءِ لفظ لطيف سائين بہ استعمال ڪيو آهي:
چڙهي ويٺين گاڏيءَ تي گر جي ڇڏي گوءِ.
گوءِ پڄائڻ واري کي ’گوئر‘ چوندا آهن. گوئر ڏاندن جي گوءِ لاءِ ڏاندن جي خاص قسم جي پالنا ڪندا آهن. ڏاندن کي کير، مکڻ ۽ بادامن کان ويندي ٻيو بہ ڪيترو مهانگو چارو ڏيندا آهن. ڏاند جڏهن تيار ٿئي تہ گوئر ان ڏاند کي گوءِ لاءِ ميدان تي لاهيندا آهن. گوءِ ڀڄائڻ لاءِ ٻہ ٻہ ڏاند پاڃارين ۾ بند ڪندا آهن ۽ پوءِ گوئر ڏاندن پٺيان مقابلي واري دنگ ڏانهن ڏاندن کي ڀڄائيندو آهي. گوءِ ڀڄائڻ وقت ڏاندن تي چهبڪن جو وسڪارو لاتو ويندو آهي ۽ ڪاٺ يا لوھہ جي ٻلين ذريعي ڏاندن جي پڇن کي ايذاءُ ڏيندا آهن تہ جيئن ڏاند گوءِ کٽن. ان دوران گوئر ڏاندن جي ٻلين سان ايترو تہ پڇ پٽيندا آهن، جو ڏاند جو پڇ رتو رت ٿي ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن گوئر ڏاند جو پڇ وات ۾ وجهي ڏندن سان زور وارو چڪ هڻندا آهن تہ جيئن ڏاند تيز ڀڄي. ڏاندن جي ڊوڙ جي هن قسم جو مقابلو سنڌ ۾ سرڪاري سطح تي بہ ڪرايو ويندو آهي. هيءَ راند سنڌ جي ثقافتي راندين ۾ شمار ڪئي ويندي آهي. ڏاندن جي گوءِ ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿين ٿا ۽ راند دوران شرطون رکن ٿا. مقابلي واري ڏاند کي گهوٽ وانگيان سينگاريو ويندو آهي. گوئر پنھنجي ڏاندن تي مختلف قسمن جا نالا بہ رکندا آهن، جھڙوڪ: جن ۾ چيتو، مور، ڪڪڙي، پکي، نوڙ، جهري، هرڻو، ريٽو، منڊم، ڦاڙهي، لنڊي وغيرہ. هيءَ راند سنڌ ۾ اڄ بہ نهايت شوق سان ڪرائي ويندي آهي. البته وقت گذرڻ سان هن راند ۾ ٻين راندن جيان گهٽتائي ضرور آئي آهي.