ڏانوريءَ جا بزرگ: تعلقي خيرپورميرس جي جيلاني پيرن جو وڏو سيد نبي شاھہ (اول) اُچ کان ٿيندو سنڌ ۾ آيو هو ۽ ڏانوري ڳوٺ ۾ موجودہ درگاھہ واري جڳھہ تي اچي ويٺو. اهو ڪلهوڙن جو آخري زمانو هو. سيد نبي شاھہ پنھنجي وقت جو وڏو ولي ۽ معرفت جو صاحب ٿي گذريو آهي. هن جي وفات کانپوءِ سندس فرزند احمد شاھہ بہ پنهنجن وڏن وانگر فيض جو صاحب ٿي گذريو آهي. کيس چار فرزند هئا. سيد احمد شاھہ جي وفات کانپوءِ سندس پٽ نبي شاھہ (ثاني) ڏانوريءَ جي درگاھہ جو سجادہ نشين ٿيو. جنهن جي ڀائرن مان ابراهيم شاھہ، پني عاقل ڏانهن هليو ويو ۽ بنا اولاد وفات ڪيائين. سندس مزار پراڻي پني عاقل ۾ مريدن ۽ عقيدتمندن جو مرڪز آهي ۽ خدا بخش شاھہ ناري تعلقي ۾ وڃي نئين درگاھہ قائم ڪئي. جتي دٻئي وٽ سندس مزار آهي. خدا بخش شاھہ کي هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو مصري شاھہ رکيو ويو هو. سيد مصري شاھہ کي سيد سچل شاھہ ۽ سيد ارباب شاھہ نالي ٻہ فرزند هئا. مصري شاھہ جي مزار ڳوٺ دهل واري ۾ آهي، جتي هر سال رجب مهيني جي پهرين تاريخ تي ميلو لڳندو آهي. احمد شاھہ جي پٽ ۽ نبي شاھہ (ثانيءَ) جي ڀاءُ سيد اميد علي شاھہ کي پنج فرزند هئا، جن مان سندس ٽيون فرزند سيد عبدالستار شاھہ پنھنجي والد جي مسند تي ويٺو. عبدالستار شاھہ کي اميد علي شاھہ (ثاني) ۽ ابراهيم شاھہ نالي ٻہ فرزند ٿيا. سندس وفات بعد اميد علي شاھہ (ثاني) جو فرزند گنبل شاھہ گادي نشين ٿيو، گنبل شاھہ هر دلعزيز شخص ۽ فيض وارو فقير ٿي گذريو آهي. هو پنهنجو ڳوٺ ڏانورو ڇڏي ناري تعلقي ۾ مريدن وٽ وڃي رهيو، اٽڪل سٺ سالن جي عمر ۾ ڳوٺ ٽنڊي شاھہ تعلقي ڪوٽڏيجيءَ ۾ آيو ۽ اتي وفات ڪيائين. سندس مزار تي هڪ عاليشان مقبرو ٺهرايو ويو.
مير امير علي شاھہ اول جي فرزند سيد غلام نبي شاھہ کي ٽي فـرزنـد ٿيــا، جــن مـان پريل شاھہ فيض ۽ هدايت جو سلسلو قائم ڪيو. احمد شاھہ '>سيد احمد شاھہ (اول) جي وڏي فرزند ۽ سجادہ نشين سيد نبي شاھہ ثانيءَ کي ٽي نينگر ٿيا، جن مان سيد حسين شاھہ درگاھہ جو گادي نشين بڻيو. سيد حسين شاھہ جو ننڍو ڀاءُ علي بخش شاھہ ڀائرن سان ڪنهن نا اتفاقيءَ سبب ناري هليو ويو ۽ باقي زندگي پنھنجي مريدن وٽ گذاريائين. آخرڪار وفات کان ٿورو اڳ ڪوٽڏيجيءَ کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي قناصرن جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو ۽ اتي وفات ڪيائين. سندس فرزندن حسين شاھہ ۽ موزل شاھہ سندس مزار تي هڪ عاليشان مقرو ٺهرايو، جتي هر سال ربيع الثاني مهيني ۾ وڏو ميلو لڳندو آهي. نبي شاھہ (ثاني) جو جانشين سيد حسين شاھہ پنھنجي وقت جو ڪامل درويش ٿي گذريو آهي، جيڪو عقيدتمندن کي ترجمي سان قرآن مجيد ٻڌائيندو ۽ نيڪ عمل ڪرڻ جي تلقين ڪندو هو. کيس پنج پٽ هئا، سندس وصال کانپوءِ وڏو پٽ علي محمد شاھہ گادي نشين ٿيو، هو انباھہ ۾ وڃي سيد فيض محمد شاھہ جو مريد ٿيو. ڪيترو وقت بيخوديءَ جي حالت ۾ رهيو. اعليٰ درجي جو شاعـر بہ هـو. مريد کيس ’علي سائين‘ جي نالي سان ياد ڪندا آهن. فقير هدايت علي ’تارڪ‘ نجفيءَ جو گهاٽو دوست هوندو هو. سيد علي محمد شاھہ 19 ربيع الاول 1345ھہ/1926ع تي وفات ڪئي. سندس درگاھہ تي هر سال ٽي ڏينهن ميلو لڳندو آهي. علي محمد شاھہ کانپوءِ سندس اڪيلو فرزند سيد ولي محمد شاھہ مسند نشين ٿيو.