ڏانوڻ وڍڻ: هن قسم جي رسم ٻارن لاءِ پڻ ادا ڪئي ويندي آهي، جنهن کي وري ’ڏانوڻ وڍڻ‘ چوندا آهن. هن رسم موجب جيئن ئي ٻار هلڻ لاءِ وکون کڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته هيءَ رسم ادا ڪئي ويندي آهي. ٻار عام طور تي سورنهن يا ارڙهن مهينن جي عمر ۾ پنڌ ڪرڻ سکندو آهي ۽ هو سولي نموني هلي ناهي سگھندو، وکون کڻندي ٽنگون وچڙنديون اٿس. ان مرحلي ۾ ٻار جي مشڪل ختم ڪرڻ لاءِ سنئوڻ طور ان جا ڏانوڻ وڍيا ويندا آهن ۽ ائين سمجھيو ويندو آهي ته ٻار ڏانوڻ وڍڻ سان صحيح نموني هلي سگھندو. عام طور وڏي هوندي ڪوئي ماڻهو هلي ناهي سگھندو يا خدانخواسته وچڙندو آهي ته چوندس ’ڏانوڻ وڍيل ڪونه اٿئي ڇا!‘ هن رسم ادا ڪرڻ لاءِ ننڍي سطح جو ڪاڄ ڪوٺيو ويندو آهي ۽ ٻهراڙين ۾ اوڙي پاڙي جون عورتون گڏ ٿينديون آهن، ننڍي ٻار کي گھوٽ جيئن تيار ڪندا آهن. اڪثر مانيءَ جي چُوري ڪري يا مٺائي هڪ ٿالهه ۾ رکي، ٻيو ٿالهه مٿان ڏيئي ان جي مٿان ٻار کي بيهاريو ويندو آهي ۽ پوءِ ان جي ڄنگهن ۾ ڌاڳا ٻڌندا آهن. نينگر جو مامو اهي ڌاڳا ڪينچيءَ ۽ نو ڪاتي يا ڇريءَ سان ڪپيندو ويندو آهي ۽ ٽي ڀيرا ٻار جو نالو وٺي چوندو آهي ته ’ڏانوڻ وڍيانس‘، جنهن تي ٻار جي ماءُ جواب ڏيندي ويندي آهي ته ’وڍينس‘.
گھڻن هنڌن تي ڏانوڻ وڍرائڻ جي رسم (سنئوڻ) لاءِ چڱو خاصو اهتمام به ڪيو ويندو آهي. ٻار جا مائٽ پنهنجون مائٽياڻيون، اوڙي پاڙي جون عورتون نياڻيون ضرور سڏائيندا آهن. پهچ آهر مٺائي پتاشا يا ٻيون شيون به ورهايون وينديون آهن. ڏانوڻ وڍڻ جي رسم ٻار جو مامو ئي سرانجام ڏيندو آهي ۽ اهو سنئوڻ هر هنڌ گھڻو ڪري سائي سومار تي پهرئين پهر چڙهئي سج ادا ڪيو وڃي ٿو. ڪجهه علائقن ۾ ٻار جو مامو غسل ڪري صاف ڪپڙا پائي ايندو ۽ ان موقعي تي ٻار جي ماءُ ڪُٽي ٺاهي وٽو ڀري رکندي آهي. ٻار جو مامو ٻار کي گھر جي چائنٺ تي هڪ پير اندر هڪ پير ٻاهر ڪري بيهاريندو آهي. پوءِ ماءُ اڳتي اچي ٻار جي ٽنگن کي ڪچي سٽ جو ڌاڳو (ڏانوڻ) ٻڌندي آهي، جيڪو مامو ڪئنچي سان ڪپيندو ۽ چوندو ويندو ’ڏانوڻ وڍيان‘، ماءُ وراڻيندي ڏيندي، ’ڀلي وڍ‘، ان ريت ڏانوڻ وڍڻ جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي.