ڏانوڻ ڏائڻ: هيءَ سنڌ جي خاص ثقافتي ۽ قديم رسم آهي، جيڪا شاديءَ تي لانئن لهڻ وقت، گھوٽ جون ساليون سرانجام ڏينديون آهن. هي ساٺ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مختلف وقتن تي ڪيو وڃي ٿو. ڏانوڻ مختلف هنڌن تي مختلف ڌاڳن ۽ رنگن سان ٺاهيا ويندا آهن. عموماً ڏانوڻ ڪچي سُٽ جي ڌاڳي مان ٺاهيو ويندو آهي. ڪن هنڌن تي اوبري تي سٽ ويڙهيل ٿئي ٿو. ڏانوڻ جو ڌاڳو گھوٽ جي پير جي آڱوٺي ۾ ٻڌي ۽ ٻيو ڇيڙو سندس چيچ ۾ ويڙهيو ويندو آهي، جنهن کي گھوٽ سٽ ڏيئي ڇنندو آهي. ڪن هنڌن تي اهو گھوٽ جي ڳچيءَ ۾ به پارايو وڃي ٿو. ان دوران هوشيار گھوٽ چيچ ۾ ٻڌل ڌاڳو مٿي سٽ ڏئي ٽوڙيندو آهي ۽ ڪن هنڌن تي رواج موجب ڳچيءَ ۾ پيل ڌاڳي کي ڳچيءَ ۾ پوڻ کان اڳ ئي چيچ سان ڇني ڇڏيندو آهي.اهي سمورا ساٺ سنئوڻ قرب پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيا ويندا آهن. سنڌ ۾ هر هنڌ ڏانوڻ ڏائڻ جو اجورو گھوٽ پنهنجي پهچ آهر سالي (ڪنوار جي ڀيڻ) کي ڏيندو آهي. اڪثر گھوٽ پنهنجي چيچ هيٺ نه ڪندا آهن ۽ ساليون ويچاريون پيون چيچ تي هٿ پهچائڻ لاءِ ٽپ ڏينديون آهن ۽ مٿانهان هنڌ ڳولينديون آهن. گھوٽ جي هڪ ئي سٽ سان اهو ڌاڳو نه ڇني سگھي ته پوءِ مٿانئس چٿرون ڪنديون آهن ۽ کيس بي همت چئي ٽوڪينديون آهن. سنڌ ۾ ڳيچن ۽ گيتن ۾ به ’ڏانوڻ ڏائڻ‘ جي ساٺ جو ذڪر عام جام ٿيل آهي. نامور محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڏانوڻ ڏائڻ جي رسم جو تفصيلي ذڪر ڪتاب ’رسمون، رواج ۽ ساٺ سنئوڻ‘ ۾ ڪيو آهي.
ٿر جي هندن ۾ ڏانوڻ ڏائڻ جي رسم هن طرح ادا ڪئي ويندي آهي ته گهوٽ جڏهن ساهراڻي گهر پهريون ڀيرو ويندو آهي ته ڪنوار جي ماءُ، چاچي يا ٻي ڪا سهاگڻ عورت، سُٽ جا ڌاڳا ۽ ناريل، اٽي ۽ ڳڙ وارو ٿالهه، جنهن ۾ گيهه جو ڏيئو ٻاريل هوندو آهي، ڪاٺ جو هيڊي رنگ جو داٻلو، ڪچو سٽ اوبري تي ويڙهيل، جھيرڻو، ڏهي (ڌونئرو)، گلال، ڪنڪو، روپيي جو سِڪو وغيره کڻي ايندي آهي. سس يا ٻي ڪنهن ڏانوڻ ڏائڻ لاءِ ايندڙ عورت سان گڏ پاڙي جون ۽ عزيز عورتون به گڏ هونديون آهن. ان دوران گھوٽ گهر جي دروازي تي کوڙيل تورڻ سان گڏ لاڳيتو اتر طرف مُنهن ڪري بيهندو آهي ۽ سس وري تورڻ جي ٻئي پاسي ڏکڻ ڏي منهن ڪري بيهندي آهي. برهمڻ منتر پڙهندو ويندو آهي ۽ ٻيون زالون ڀرسان بيهي ڳيچ ڳائينديون آهن. گھوٽ پنهنجي ساڄي هٿ ۾ رومال جھلي منهن تي رکي ساڄو پير جتي مان ٻاهر ڪڍي بيهندو آهي، ان مهل سس ڪاٺ جو ٺهيل اوبرو کڻي سُٽ جو هڪ ڇيڙو گھوٽ جي هٿ ۾ ڏيندي آهي ۽ هٿ جي چيچ کولي سس ڌاڳي جو وراڪو ڏيئي گھوٽ جي پير جي آڱوٺي مان ورائي چيچ ۾ ورائيندي آهي. اهڙيءَ ريت پنج وراڪا ڏيندي آهي. ڏانوڻ ڏائڻ بعد برهمڻ منتر وغيره پڙهي، پوءِ اهو ڏانوڻ وارو ڌاڳو گھوٽ جي پير جي آڱوٺي ۽ چيچ مان ڪڍي ٻيڻو ڪري سس جي ڳچيءَ ۾ وجھندو آهي. ڏانوڻ جو ساٺ به سنڌ جي قديم ساٺن سنئوڻن مان هڪ آهي، جيڪو عام طور نڀايو وڃي ٿو.