ڏانوڻ ڏائڻ

ڏانوڻ ڏائڻ: هيءَ سنڌ جي خاص ثقافتي ۽ قديم رسم آهي، جيڪا شاديءَ تي لانئن لھڻ وقت، گهوٽ جون ساليون سرانجام ڏينديون آهن. هي ساٺ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مختلف وقتن تي ڪيو وڃي ٿو. ڏانوڻ مختلف هنڌن تي مختلف ڌاڳن ۽ رنگن سان ٺاهيا ويندا آهن. عموماً ڏانوڻ ڪچي سُٽ جي ڌاڳي مان ٺاهيو ويندو آهي. ڪن هنڌن تي اوبري تي سٽ ويڙهيل ٿئي ٿو. ڏانوڻ جو ڌاڳو گهوٽ جي پير جي آڱوٺي ۾ ٻڌي ۽ ٻيو ڇيڙو سندس چيچ ۾ ويڙهيو ويندو آهي، جنهن کي گهوٽ سٽ ڏيئي ڇنندو آهي. ڪن هنڌن تي اهو گهوٽ جي ڳچيءَ ۾ بہ پارايو وڃي ٿو. ان دوران هوشيار گهوٽ چيچ ۾ ٻڌل ڌاڳو مٿي سٽ ڏئي ٽوڙيندو آهي ۽ ڪن هنڌن تي رواج موجب ڳچيءَ ۾ پيل ڌاڳي کي ڳچيءَ ۾ پوڻ کان اڳ ئي چيچ سان ڇني ڇڏيندو آهي.اهي سمورا ساٺ سنئوڻ قرب پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيا ويندا آهن. سنڌ ۾ هر هنڌ ڏانوڻ ڏائڻ جو اجورو گهوٽ پنھنجي پھچ آهر سالي (ڪنوار جي ڀيڻ) کي ڏيندو آهي. اڪثر گهوٽ پنھنجي چيچ هيٺ نہ ڪندا آهن ۽ ساليون ويچاريون پيون چيچ تي هٿ پهچائڻ لاءِ ٽپ ڏينديون آهن ۽ مٿانهان هنڌ ڳولينديون آهن. گهوٽ جي هڪ ئي سٽ سان اهو ڌاڳو نہ ڇني سگهي تہ پوءِ مٿانئس چٿرون ڪنديون آهن ۽ کيس بي همت چئي ٽوڪينديون آهن. سنڌ ۾ ڳيچن ۽ گيتن ۾ بہ ’ڏانوڻ ڏائڻ‘ جي ساٺ جو ذڪر عام جام ٿيل آهي. نامور محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڏانوڻ ڏائڻ جي رسم جو تفصيلي ذڪر ڪتاب ’رسمون، رواج ۽ ساٺ سنئوڻ‘ ۾ ڪيو آهي.
ٿر جي هندن ۾ ڏانوڻ ڏائڻ جي رسم هن طرح ادا ڪئي ويندي آهي تہ گهوٽ جڏهن ساهراڻي گهر پهريون ڀيرو ويندو آهي تہ ڪنوار جي ماءُ، چاچي يا ٻي ڪا سهاگڻ عورت، سُٽ جا ڌاڳا ۽ ناريل، اٽي ۽ ڳڙ وارو ٿالھہ، جنهن ۾ گيھہ جو ڏيئو ٻاريل هوندو آهي، ڪاٺ جو هيڊي رنگ جو داٻلو، ڪچو سٽ اوبري تي ويڙهيل، جهيرڻو، ڏهي (ڌونئرو)، گلال، ڪنڪو، روپيي جو سِڪو وغيرہ کڻي ايندي آهي. سس يا ٻي ڪنهن ڏانوڻ ڏائڻ لاءِ ايندڙ عورت سان گڏ پاڙي جون ۽ عزيز عورتون بہ گڏ هونديون آهن. ان دوران گهوٽ گهر جي دروازي تي کوڙيل تورڻ سان گڏ لاڳيتو اتر طرف مُنهن ڪري بيهندو آهي ۽ سس وري تورڻ جي ٻئي پاسي ڏکڻ ڏي منهن ڪري بيهندي آهي. برهمڻ منتر پڙهندو ويندو آهي ۽ ٻيون زالون ڀرسان بيهي ڳيچ ڳائينديون آهن. گهوٽ پنھنجي ساڄي هٿ ۾ رومال جهلي منهن تي رکي ساڄو پير جتي مان ٻاهر ڪڍي بيهندو آهي، ان مھل سس ڪاٺ جو ٺهيل اوبرو کڻي سُٽ جو هڪ ڇيڙو گهوٽ جي هٿ ۾ ڏيندي آهي ۽ هٿ جي چيچ کولي سس ڌاڳي جو وراڪو ڏيئي گهوٽ جي پير جي آڱوٺي مان ورائي چيچ ۾ ورائيندي آهي. اهڙيءَ ريت پنج وراڪا ڏيندي آهي. ڏانوڻ ڏائڻ بعد برهمڻ منتر وغيرہ پڙهي، پوءِ اهو ڏانوڻ وارو ڌاڳو گهوٽ جي پير جي آڱوٺي ۽ چيچ مان ڪڍي ٻيڻو ڪري سس جي ڳچيءَ ۾ وجهندو آهي. ڏانوڻ جو ساٺ بہ سنڌ جي قديم ساٺن سنئوڻن مان هڪ آهي، جيڪو عام طور نڀايو وڃي ٿو.


لفظ ڏانوڻ ڏائڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو