ڏانو ڌانڌل

ڏانو ڌانڌل

ڏانو ڌانڌل

ڏانو ڌانڌل: ڏانو ڌانڌل، تعلقي ننگرپارڪر، ضلعي ٿرپارڪر جو هڪ آڳاٽو شھر آهي، جيڪو اسلام ڪوٽ کان 40 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي، ننگرپارڪر روڊ تي واقع آهي. هن کي يونين ڪائونسل جو درجو مليل آهي. ٽن هزارن جي لڳ ڀڳ آباديءَ واري هن شھر ۾ يونين ڪائونسل آفيس، مڊل اسڪول، پوليس ٿاڻو، ٽپال گهر، ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جا پرائمري اسڪول، ڪرڪيٽ گرائونڊ آهن. هن شھر جا اصلوڪا وارث راجپوت (ڌانڌل ٺڪر) سڏجن ٿا، پر هن وقت ميگهواڙ، لوهاڻا، خاصخيلي، گرڙا، ڀيل، ڪولهي ۽ ٻيون ذاتيون بہ هتي آباد آهن. سيٺ گرڌاري لال هتان جو سخي شخص آهي، جنهن وٽ وسڪاري ۾ مسافر اچي ٽڪندا آهن.


لفظ ڏانو ڌانڌلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو