
ڏاها تنهنجي ڏات
ڏاها تنھنجي ڏات (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ائڊووڪيٽ عبدالواحد درس جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. هيءُ ڪتاب واحد آريسر سهيڙيو آهي. هن ڪتاب کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جن مان: ڀاڱي پهرئين ۾ شھيد عبدالواحد درس جي شاعري ۽ ڀاڱي ٻئي ۾ شھيد جي دوستن ۽ مائٽن جا تاثراتي مضمون ڏنا ويا آهن. ڪتاب جي ارپنا شھيد جي ماءُ جي نالي آهي. ڪتاب جو مهاڳ واحد آريسر لکيو آهي. ڪتاب ۾ غزل، بيت، ڪافيون، وايون، چوڻيون ۽ گفتا شامل آهن. ان کان علاوہ ڪتاب ۾ 28 تاثراتي مضمون ۽ ڪجهہ تعزيتي تاثر پڻ شامل آهن. چار رنگي ٽائيٽل سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 232 صفحا آهن، جنهن جي قيمت 200 روپيا ڄاڻايل آهي. هيءُ ڪتاب ائڊووڪيٽ عبدالواحد درس ميموريل ڪميٽي کپري پاران 2011ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.